زاهد سومرو
سينيئر رڪن
شاهه ڪريم بلڙي وارو
شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو 1573ع ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو لعل محمد هو. سندن شجرو حضرت امام موسى ڪاظم سان ملي ٿو.
شاهه ڪريم کي ننڍي هوندي کان وٺي سماع جي محفلن ۾ ويهڻ جو شوق هوندو هو. دنياوي تعليم بلڪل حاصل نه ڪري سگهيو. قرآن پاڪ جا به صرف ٻه سيپارا پڙهي سگهيو.
شاهه ڪريم سندس دؤر جي شاعرن ۾ سڀ کان وڏو شاعر هو. کيس سنڌ جو ”چاسر“ ۽ ”سنڌي ادب جو وهائو تارو“ به سڏيو ويندو آهي. پاڻ پيٽ گذر لاءِ مزدوري ۽ ٻني باري جو حڪم ڪندا هئا. شروع ۾ هڪ بزرگ نالي ”سلطان ابراهيم“ جا مريد ٿيا. جيڪو ٻاهر کان آيل هو. پر پوءِ مخدوم نوح رح جا مريد ٿي رهيا.
سندن شعر
شاهه ڪريم کي شاعري سان تمام گهڻي رغبت هوندي هئي. سماج جي محفلن ۾ اڪثر ڪري وجد ۾ اچي ويندا هئا ۽ بي اختيار شعر چئي ڏيندا هئا. اهي شعر وقت به وقت وڏي آواز سان ورجائيندا به رهندا هئا. سندس شاعري جي ٻولي نج سنڌي هئي. صرف چند لفظ فارسي جا استعمال ڪيائون سندس شاعري تهي تبصرو ڪندي، شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمبر بن محمد دائود پوٽو لکي ٿو.
”شاهه ڪريم جو شعر قدامت جي ڪري سنڌ ساهت ۾ وڏو پايو رکي ٿو. منجهس مضمون جي گوناگوني ، سا نه آهي. باقي سچ سونهن ۽ ستوگڻ سڀيئي چڱي انداز م موجود آهن. پڙهندڙ کي ان مان گهڻو رس ۽ راحت ايندي . سندس ڪلام سُريلو ۽ دل جُهٻايئندڙ آهي. ڪيترائي بيت اهڙا آهن جو هون پهاڪن طور ڪم اچن. گهڻا سلوڪ تصوف تي آهن. جن عرفان ۽ ايقان جا موتي پوتل آهن. جيڪي ان وقت جي روحاني حالتن جو نقشو چٽين ٿا. توحيد، وحدت در ڪثرت، استغراق، حيرت ۽ وصال وغيره جا باريڪ نڪتا نهايت خوبيءَ سان بيان ڪيل آهن.“
سندس شاعري وحدانيت سان ڀرپور آهي. هو صرف هڪ وجود جو قائل هو ۽ بي سڄي ڪائنات کي ان وجود جو مظهر سمجهندو هو. هو هر ذري م وجودِ باري تعالى جو اولڙو پَسندو هو:
سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي،
تِهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.
تِهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.
هو خالق کي مخلوق کان الڳ نه سمجهندو هو، بلڪه مخلوق کي واحد هستيءَ جي وجود جو مظهر سمجهندو هو. تنهنڪري ان هستيءَ کي ڳولڻ لاءِ وندر وؤڙڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نٿو ڪري.
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
هاڻي وڃ گمان، اسان سهي سڃاتا سپرين.
هاڻي وڃ گمان، اسان سهي سڃاتا سپرين.
شاهه ڪريم هن ڪائنات جي ڪثرتِ وجود کي ، ان واحد وجود جو حصو سمجهي فرمائي ٿو:
پاڻئي سلطان، پاڻئي ڏي سنيهڙا،
پاڻ ڪري پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.
پاڻ ڪري پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.
جيئن ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ نه ٺهنديون آهن تيئن خودي ۽ خدا به هڪ من ۾ نه ماپندا آهن. حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي انا ۽ خودي کي ختم ڪري، پنهنجي وجود جي نفي ڪبي آهي. جڏهن پنهنجي پان کي وڃائبو آهي ته ”هُو“ حاصل ٿي ويندو آهي، ڇو ته ”هُو“ الڳ ته آهي ئي ڪونه!
پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءُ لهه،
تُهان ڌار نه سپرين، مهُ مجهئين پاءِ.
تُهان ڌار نه سپرين، مهُ مجهئين پاءِ.
حق کي سڃاڻڻ لاءِ ماڻهو کي پنهنجي حواسن تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته انسان جا حواس ناقص آهن ۽ حقيقت کي سمجهڻ کان قاصر آهن. شاهه ڪريم فرمائي ٿو:
هي ڪن گڏ هڻان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنيج،
سندي پريان ڳالڙي ، تنين سين سڻيج.
سندي پريان ڳالڙي ، تنين سين سڻيج.
سند دل تي عشقِ الاهيءَ جي چوٽ تمام گهري هئي. پنهنجي دل جو احول ٻڌائيندي فرمائين ٿا.
”ڌڪين ڌات پئو، هينئڙو لوه سنداڻ جيئن،
سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وئو.“
سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وئو.“
يعني دل کي ڌڪ سهڻ جي اهڙي عادت پئجي وئي آهي، جيئن لوهه کي سنداڻ جي ضرب سهڻ جي. پر جيئن ته دل الله جي ياد ۾ مشغول آهي، تنهن ڪري ان تي ڪوب اثر نٿو ٿئي.
شاهه ڪريم جي شاعري ۾ سماجي حالتن جي عڪس پڻ ملي ٿو. ڇو ته سندن شاعري گهري مشاهدي تي ٻڌل آهي. جڏهن هو ٻهراڙيءَ جي هڪڙي عورت جي مٿي تي پاڻيءَ جا ٻه گهڙا ڏسي ٿو ۽ پاڻيءَ تي ويٺل پکي ڏسي ٿو ته انهن نظارن کان متاثر ٿي انهن کي تشبيهه طور ڪم آڻي ٿو:
پاڻياري سرٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
شاهه ڪريم جي شاعريءَ ۾ يادِ الاهي جي تمام گهڻي اپٽار ٿيل آهي. يادِ الاهي کي هر ڳالهه کان افضل سمجهندو هو، ايتريقدر جو مريدن کي چوندو هو ته ”ايمي کان وڌيڪ قرآن مجيد نه پڙهو، ڇاڪاڻ ته ايتريون سورتون نماز لاءِ ڪافي آهن. باقي بيو سڀ وقت الله جي يادگيري ۾ گذاريو.“
پرين جي پچار کي هر گهڙي لازمي سمجهندا هئا:
سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿئي اکيئون ڌار،
ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهين.
جي جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي،
من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.
ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهين.
جي جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي،
من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.
شاهه ڪريم هڪ الله لوڪ بزرگ هئڻ سان گڏوگڏ زماني جو ماڻهو به هو. جيئن ته اسلام ۾ رهبانيت جي ممانعت آهي. تنهنڪري پاڻ زماني جي دستور مطابق شادي به ڪيائون ۽ گذر سفر لاءِ محنت مزدوري پڻ. پر زماني سان گڏ هلڻ ڪري سندس عشق حقيقي تي ڪوبه اٿر ڪونه پيو. پاڻ فرمائين ٿا:
هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجي لوڪ،
کڏيون ۽ کروتون، ايءُ پڻ سڳر ٿوڪ.
کڏيون ۽ کروتون، ايءُ پڻ سڳر ٿوڪ.
يعني جسماني طور تي زماني سان گڏ هججي پر دل، پنهنجي پرينءَ ڏي هجي. کڏيون ۽ کروتون (مڙهيون ۽ مسجدون) به سٺيون شيون آهن. هن بيت جي آخري مصرع غور طلب آهي. شاهه صاحب مڙهين ۽ مسجدن کي سٺي شيءَ طور ته پيش ڪن ٿا، پر انهن کي اوليت ڪونه ٿا ڏين، ڇو ته يادِ الاهي ڪنهن خاص جڳهه جي محتاج نه آهي. پرين جي پچار ته پل پل هجي ۽ نه رڳو مسجدن ۽ مڙهين ۾.
پاڻ جيئن ته ننڍي هوندي کان ئي عشقِ حقيقي ۾ غرق هئا، تنهنڪري مجازي عشق کان پري رهيا ۽ مريدين کي پڻ اهڙي تلقين ڪندا هئا:
مجازي موهي، ڪڏين ويندءِ نڪري،
اکڙيون توهي، مڇڻ وهين وسهي.
اکڙيون توهي، مڇڻ وهين وسهي.
سندس ڪيترائي بيت پهاڪن طور به ڪم اچن ٿا، مثلاً:
1. هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجي لوڪ.
2. پاڻيءَ ته جهوپڙا، مورک اڃ مرن.
3. پڇڻا سي نه منجهڻا
4. نينهن نياپي نه ٿئي.
5. مٺ ڀيڙيائي ڀلي.
6. چار ئي پلئه چڪ ۾.
شاهه ڪريم کي جيڪڏهن سنڌ جو ”چاسر“ سڏجي ٿو ته اهو ڪو وڌاءُ ڪونهي. سندن شاعري، ٻولي توڙي فڪر جي لحاظ کان اعلى درجي جي آهي. سندن تشبيهون نيٺ سنڌي آهن. جيڪي سندن گهري مشاهدي جي شاهدي ڏين ٿيون. سندن شاعري جي عظمت ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح به ڪيترائي بيت شاهه ڪريم جي بيتن کان متاثر ٿي چيا آهي.
سندن ڪل 94 بيت آهن، جيڪي ”بيان العارفين في تنبيهُ الغافلين“ ڏنل آهن. جيڪي سندن مريد ميان محمد رضا گڏ ڪيا. ميان محمد رضا، قاضي قاضن جا بيت ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام پڻ ڪٺو ڪيو. جيڪو وقت به وقت شاهه ڪريم پڙهندا رهندا هئا.
سنڌ جو هي باڪمال بزرگ شاعر 88 ورهين جي ڄمار ۾ 1623ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
محترم اڪبر لغاري جي لکيل ڪتاب سنڌي ادب جو مختصر جائزو تان ورتل
sadayeen gud