شاهه ڪريم بلڙي وارو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    شاهه ڪريم بلڙي وارو

    شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو 1573ع ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو لعل محمد هو. سندن شجرو حضرت امام موسى ڪاظم سان ملي ٿو.

    شاهه ڪريم کي ننڍي هوندي کان وٺي سماع جي محفلن ۾ ويهڻ جو شوق هوندو هو. دنياوي تعليم بلڪل حاصل نه ڪري سگهيو. قرآن پاڪ جا به صرف ٻه سيپارا پڙهي سگهيو.

    شاهه ڪريم سندس دؤر جي شاعرن ۾ سڀ کان وڏو شاعر هو. کيس سنڌ جو ”چاسر“ ۽ ”سنڌي ادب جو وهائو تارو“ به سڏيو ويندو آهي. پاڻ پيٽ گذر لاءِ مزدوري ۽ ٻني باري جو حڪم ڪندا هئا. شروع ۾ هڪ بزرگ نالي ”سلطان ابراهيم“ جا مريد ٿيا. جيڪو ٻاهر کان آيل هو. پر پوءِ مخدوم نوح رح جا مريد ٿي رهيا.

    سندن شعر

    شاهه ڪريم کي شاعري سان تمام گهڻي رغبت هوندي هئي. سماج جي محفلن ۾ اڪثر ڪري وجد ۾ اچي ويندا هئا ۽ بي اختيار شعر چئي ڏيندا هئا. اهي شعر وقت به وقت وڏي آواز سان ورجائيندا به رهندا هئا. سندس شاعري جي ٻولي نج سنڌي هئي. صرف چند لفظ فارسي جا استعمال ڪيائون سندس شاعري تهي تبصرو ڪندي، شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمبر بن محمد دائود پوٽو لکي ٿو.

    ”شاهه ڪريم جو شعر قدامت جي ڪري سنڌ ساهت ۾ وڏو پايو رکي ٿو. منجهس مضمون جي گوناگوني ، سا نه آهي. باقي سچ سونهن ۽ ستوگڻ سڀيئي چڱي انداز م موجود آهن. پڙهندڙ کي ان مان گهڻو رس ۽ راحت ايندي . سندس ڪلام سُريلو ۽ دل جُهٻايئندڙ آهي. ڪيترائي بيت اهڙا آهن جو هون پهاڪن طور ڪم اچن. گهڻا سلوڪ تصوف تي آهن. جن عرفان ۽ ايقان جا موتي پوتل آهن. جيڪي ان وقت جي روحاني حالتن جو نقشو چٽين ٿا. توحيد، وحدت در ڪثرت، استغراق، حيرت ۽ وصال وغيره جا باريڪ نڪتا نهايت خوبيءَ سان بيان ڪيل آهن.“

    سندس شاعري وحدانيت سان ڀرپور آهي. هو صرف هڪ وجود جو قائل هو ۽ بي سڄي ڪائنات کي ان وجود جو مظهر سمجهندو هو. هو هر ذري م وجودِ باري تعالى جو اولڙو پَسندو هو:

    سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي،
    تِهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.​

    هو خالق کي مخلوق کان الڳ نه سمجهندو هو، بلڪه مخلوق کي واحد هستيءَ جي وجود جو مظهر سمجهندو هو. تنهنڪري ان هستيءَ کي ڳولڻ لاءِ وندر وؤڙڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نٿو ڪري.

    اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
    هاڻي وڃ گمان، اسان سهي سڃاتا سپرين.​

    شاهه ڪريم هن ڪائنات جي ڪثرتِ وجود کي ، ان واحد وجود جو حصو سمجهي فرمائي ٿو:

    پاڻئي سلطان، پاڻئي ڏي سنيهڙا،
    پاڻ ڪري پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.​

    جيئن ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ نه ٺهنديون آهن تيئن خودي ۽ خدا به هڪ من ۾ نه ماپندا آهن. حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي انا ۽ خودي کي ختم ڪري، پنهنجي وجود جي نفي ڪبي آهي. جڏهن پنهنجي پان کي وڃائبو آهي ته ”هُو“ حاصل ٿي ويندو آهي، ڇو ته ”هُو“ الڳ ته آهي ئي ڪونه!

    پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءُ لهه،
    تُهان ڌار نه سپرين، مهُ مجهئين پاءِ.​

    حق کي سڃاڻڻ لاءِ ماڻهو کي پنهنجي حواسن تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته انسان جا حواس ناقص آهن ۽ حقيقت کي سمجهڻ کان قاصر آهن. شاهه ڪريم فرمائي ٿو:

    هي ڪن گڏ هڻان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنيج،
    سندي پريان ڳالڙي ، تنين سين سڻيج.​

    سند دل تي عشقِ الاهيءَ جي چوٽ تمام گهري هئي. پنهنجي دل جو احول ٻڌائيندي فرمائين ٿا.

    ”ڌڪين ڌات پئو، هينئڙو لوه سنداڻ جيئن،
    سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وئو.“​

    يعني دل کي ڌڪ سهڻ جي اهڙي عادت پئجي وئي آهي، جيئن لوهه کي سنداڻ جي ضرب سهڻ جي. پر جيئن ته دل الله جي ياد ۾ مشغول آهي، تنهن ڪري ان تي ڪوب اثر نٿو ٿئي.

    شاهه ڪريم جي شاعري ۾ سماجي حالتن جي عڪس پڻ ملي ٿو. ڇو ته سندن شاعري گهري مشاهدي تي ٻڌل آهي. جڏهن هو ٻهراڙيءَ جي هڪڙي عورت جي مٿي تي پاڻيءَ جا ٻه گهڙا ڏسي ٿو ۽ پاڻيءَ تي ويٺل پکي ڏسي ٿو ته انهن نظارن کان متاثر ٿي انهن کي تشبيهه طور ڪم آڻي ٿو:

    پاڻياري سرٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.​

    شاهه ڪريم جي شاعريءَ ۾ يادِ الاهي جي تمام گهڻي اپٽار ٿيل آهي. يادِ الاهي کي هر ڳالهه کان افضل سمجهندو هو، ايتريقدر جو مريدن کي چوندو هو ته ”ايمي کان وڌيڪ قرآن مجيد نه پڙهو، ڇاڪاڻ ته ايتريون سورتون نماز لاءِ ڪافي آهن. باقي بيو سڀ وقت الله جي يادگيري ۾ گذاريو.“

    پرين جي پچار کي هر گهڙي لازمي سمجهندا هئا:

    سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿئي اکيئون ڌار،
    ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهين.

    جي جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي،
    من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.​

    شاهه ڪريم هڪ الله لوڪ بزرگ هئڻ سان گڏوگڏ زماني جو ماڻهو به هو. جيئن ته اسلام ۾ رهبانيت جي ممانعت آهي. تنهنڪري پاڻ زماني جي دستور مطابق شادي به ڪيائون ۽ گذر سفر لاءِ محنت مزدوري پڻ. پر زماني سان گڏ هلڻ ڪري سندس عشق حقيقي تي ڪوبه اٿر ڪونه پيو. پاڻ فرمائين ٿا:

    هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجي لوڪ،
    کڏيون ۽ کروتون، ايءُ پڻ سڳر ٿوڪ.​

    يعني جسماني طور تي زماني سان گڏ هججي پر دل، پنهنجي پرينءَ ڏي هجي. کڏيون ۽ کروتون (مڙهيون ۽ مسجدون) به سٺيون شيون آهن. هن بيت جي آخري مصرع غور طلب آهي. شاهه صاحب مڙهين ۽ مسجدن کي سٺي شيءَ طور ته پيش ڪن ٿا، پر انهن کي اوليت ڪونه ٿا ڏين، ڇو ته يادِ الاهي ڪنهن خاص جڳهه جي محتاج نه آهي. پرين جي پچار ته پل پل هجي ۽ نه رڳو مسجدن ۽ مڙهين ۾.

    پاڻ جيئن ته ننڍي هوندي کان ئي عشقِ حقيقي ۾ غرق هئا، تنهنڪري مجازي عشق کان پري رهيا ۽ مريدين کي پڻ اهڙي تلقين ڪندا هئا:

    مجازي موهي، ڪڏين ويندءِ نڪري،
    اکڙيون توهي، مڇڻ وهين وسهي.​

    سندس ڪيترائي بيت پهاڪن طور به ڪم اچن ٿا، مثلاً:

    1. هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجي لوڪ.
    2. پاڻيءَ ته جهوپڙا، مورک اڃ مرن.
    3. پڇڻا سي نه منجهڻا
    4. نينهن نياپي نه ٿئي.
    5. مٺ ڀيڙيائي ڀلي.
    6. چار ئي پلئه چڪ ۾.

    شاهه ڪريم کي جيڪڏهن سنڌ جو ”چاسر“ سڏجي ٿو ته اهو ڪو وڌاءُ ڪونهي. سندن شاعري، ٻولي توڙي فڪر جي لحاظ کان اعلى درجي جي آهي. سندن تشبيهون نيٺ سنڌي آهن. جيڪي سندن گهري مشاهدي جي شاهدي ڏين ٿيون. سندن شاعري جي عظمت ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح به ڪيترائي بيت شاهه ڪريم جي بيتن کان متاثر ٿي چيا آهي.

    سندن ڪل 94 بيت آهن، جيڪي ”بيان العارفين في تنبيهُ الغافلين“ ڏنل آهن. جيڪي سندن مريد ميان محمد رضا گڏ ڪيا. ميان محمد رضا، قاضي قاضن جا بيت ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام پڻ ڪٺو ڪيو. جيڪو وقت به وقت شاهه ڪريم پڙهندا رهندا هئا.

    سنڌ جو هي باڪمال بزرگ شاعر 88 ورهين جي ڄمار ۾ 1623ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.




    محترم اڪبر لغاري جي لکيل ڪتاب سنڌي ادب جو مختصر جائزو تان ورتل


    sadayeen gud
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,922
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا زاهد سائين اوهان تمام معلوماتي مضمون شيئر ڪيو آهي شاه ڪريم سنڌ جو ناميارو بزرگ ٿي گذريو آهي۔ ليڪن سندن زندگي متعلق تمام گهٽ ڪم ڪيو ويو آهي محترم اڪبر لغاري کي جس هجي جنهن هي تفصيلي مضمون لکي شايع ڪرايو ۽ اوهان کي به جس هجي جو ان مضمون کي سنگت سان شيئر ڪيوَ۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا زاهد علي سومرا فقير

    شاه عبدالڪرين بلڙي واري بابت اهڙي ڄاڻ ڏيڻ تي توهان جس لهڻو

    ادا توهان جي پيرن فقيرن بابت معلومات ڏيڻ تي ٿورائتا آهيو ۽ ادا مان اهڙيون تحريرون وڏي شوق سان پڙهندو آهيان توهان جي اهڙي تحريرن جو انتظار رهندو آهي

    سدائين گڏ
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا زاهد سومرا ۔۔۔۔۔۔۔ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو تفصيلي مضمون ڏيڻ لاءِ تنهنجا اسين شڪر گُذار آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔ جيئن ته شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جن منهنجي ضلعي ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکن ٿا۔۔۔۔۔ سائين جن جي روزي مُبارڪ جي تصوير توهان سان شيئر پيو ڪريان اميد ته ان روزي مُبارڪ جي لڳڻ سان تنهنجي هن مضمون کي اڃان به چار چنڊ لڳي ويندا مهرباني۔۔۔۔۔۔۔
    [​IMG]
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,922
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه سائين قبلا اوهان واقعي کاهوڙي مڙس آهيو جيڪو ڪم ٻئي ڪنهن جي وهم گمان ۾ به نه هوندو آهي اوهان جي نظر ۾ پهريون ڪم اهو هوندو آهي ان ڪري ته چوندا آهن ته هڪ اٺ ٻه ڪنواٽ پر ائين چئجي ته هڪ جهونو 10 نوجوان ته وڌاء نه ٿيندو۔ جيڪو جهونو 60 سالا تجربه رکندڙ هوندو 20 سالا نوجوان ان جي ڪهڙي پتي تي هوندو سو سڀڪو سمجهي سگهي ٿو ليڪن ڪڏهن ڪڏهن ڪي نوجوان پنهنجين صلاحيتن ۾ ڀڙ نظر ايندا آهن پر ان هوندي به جهونا سنگت جي سونهن گهر جي ورونهن هوندا آهن الله تعالى سڀني کي سلامت رکي جو هڪ ٻئي جي علم ۾ اضافو لاء جدوجهد ڪندا رهون۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پاڻياري سرٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.


    لک ٿورا، انتهائي سهڻو ونڊ آهي، دوستن کي گذارش آهي ته اسانجي ڀٽ جي گهوٽ جي ڏاڏي محترم حضرت عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو مڪمل ڪلام ڪنهن دوست وٽ هجي ته ونڊ ڪري ته ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...

    سنڌ جي سونهن ڀٽائي ڀلاري جن سان هميشه ٽي ڪتاب گڏ هوندا هئا ... هڪ قرآن الفرقان يعني الله جو ڪلام، سندس ڏاڏي محترم جو ڪلام ۽ مولانه روميءَ جو ڪلام، ۽ جي لطيف جي فڪر کي ڏسجي ته انهن ٽنهي ڪلامن جو تفسير ملي ويندو ...

    جزاڪ الله خئير ، دوست محترم زاهد سومرا صاحب ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌ سونهاري جي سهڻي سرتاج جو سهڻو تذڪرو لک قرب ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو