• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڻ کي عورت تصور ڪجانءِ

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
پاڻ کي عورت تصور ڪجانءِ
امر پيرزادو
جڏهن نه چاهيندي به توکي
اُهو سڀ ڪرڻو پوي
جنهن ۾ تنهنجي دل ۽ روح
شامل نه هُجن
پاڻ کي عورت تصور ڪجان!
جڏهن تنهنجي جسم جو سودو ٿئي
جڏهن تون ڪنهن جي
ملڪيت سمجهيو وڃين
جڏهن تنهنجي ساهن مٿان
نصيحتن جو ٻوسٽ هُجي
پاڻ کي عورت تصور ڪجان!
جڏهن جوان ٿيندي ئي
قيد ٿي وڃين
۽ آسمان جي وسعت
دريءَ جيتري وڃي بچي
پاڻ کي عورت تصور ڪجانءِ!
ڪڏهن اڌ رات جو
پنهنجي ٻار لئه جي
پنهنجي ننڊ ڦٽائين
ان جا هنڌ مٽائين
ان کي ڪپڙا پارائين
پنهنجو آرام وڃائين
پاڻ کي عورت تصور ڪجان!
جڏهن اهو طئي ٿي وڃي
توکي ڇا ڪرڻو آ؟
ڪيئن رهڻو آ
ڪيئن کلڻو آ
ڪيئن رئڻو آ
ڪيئن جيئڻو آ
ڪيئن مرڻو آ
پاڻ کي عورت تصور ڪجان!
جڏهن جسماني فرق جي سزا
انساني فرق بڻجي وڃي
پاڻ کي عورت تصور ڪجان!
۽ اهڙو تصور ڪري
اي نام نهاد غيرتمند مردَ!
عورت نه هُجڻ تي شُڪر نه ڪجان،
ان کي پاڻ وانگر
آزاد ٿيڻ ڏجان....!!!
 
Back
Top