نسرين هنڱورو
سينيئر رڪن
8 مارچ
ـ 8 مارچ 1857ع تي، آمريڪا جي ٽيڪسٽائيل ملن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ھڪ وڏو جلوس ڪڍيو، ۽ مطالبو ڪيو ته انھن کان 16 ڪلاڪن جي بدران 10 ڪلاڪ پورھيو ورتو وڃي، 1907ع ۾ آمريڪي عورتن ووٽ ڏيڻ لاءِ ان ڏينھن کي عورتن جو ڏينھن قرار ڏنوـ
ـ 1910ع ۾ سويت يونين جي “ ڪلار ازيٽ ڪن ” مطالبو ڪيو ته ان ڏينھن کي عالمي ڏينھن طور ملھايو وڃي.
ـ 19 مارچ 1911ع ۾ ، جرمنيءَ ۾ آسٽريليا جي بادشاھن خلاف عورتن مظاھرو ڪيو ته کين ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ برابري وارو حق ڏنو وڃي
ـ 8 مارچ 1915ع ۾ ناروي جي گاديءَ واري ھنڌ اوسلو ۾ عورتن پھرين عالمي جنگ جي خلاف احتجاجي ظاھرو ڪيو
ـ 8 مارچ 1917 ع ۾ پيٽرسبرگ جي عورتن روس جي راز (بادشاھ) جي خلاف بغاوت جو الم بلند ڪيو ۽ “سڀنيءَ مانيءَ جي لاءِ” مطالبو ڪيو،
ـ 8 مارچ 1937ع ۾ اسپين جي عورتن جنرل فرانڪو جي آمريت خلاف منظم مظاھرو ڪيو،
ـ 8 مارچ 1943ع تي اٽليءَ جي عورتن جنرل فرنڪو جي آمريت خلاف احتجاج ڪيو.
ـ 8 مارچ 1947ع تي ويٽنامي عورتن آمريڪي سامراج جي خلاف مظاھرو ڪيو.
ان طرح سان 8 مارچ ھڪ روايتي ڏينھن بجاءِ عورتن جو عالمي ڏينھن بڻجي ويو. خود گڏيل قومن جي انساني حقن جي چارٽر ۾ اھو ڏينھن دنيا جي عورتن جو ڏينھن قرار ڏنو ويو. اھو ئي سبب آھي جو سڄي دنيا ۾ ان ڏينھن کي سرڪاري ۽ خانگي سطح تي ملھايو وڃي ٿو.