8 مارچ

'سنڌي ادب' فورم ۾ نسرين هنڱورو طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2013۔

  1. نسرين هنڱورو

    نسرين هنڱورو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    68
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    8 مارچ

    ـ 8 مارچ 1857ع تي، آمريڪا جي ٽيڪسٽائيل ملن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ھڪ وڏو جلوس ڪڍيو، ۽ مطالبو ڪيو ته انھن کان 16 ڪلاڪن جي بدران 10 ڪلاڪ پورھيو ورتو وڃي، 1907ع ۾ آمريڪي عورتن ووٽ ڏيڻ لاءِ ان ڏينھن کي عورتن جو ڏينھن قرار ڏنوـ

    ـ 1910ع ۾ سويت يونين جي “ ڪلار ازيٽ ڪن ” مطالبو ڪيو ته ان ڏينھن کي عالمي ڏينھن طور ملھايو وڃي.
    ـ 19 مارچ 1911ع ۾ ، جرمنيءَ ۾ آسٽريليا جي بادشاھن خلاف عورتن مظاھرو ڪيو ته کين ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ برابري وارو حق ڏنو وڃي
    ـ 8 مارچ 1915ع ۾ ناروي جي گاديءَ واري ھنڌ اوسلو ۾ عورتن پھرين عالمي جنگ جي خلاف احتجاجي ظاھرو ڪيو
    ـ 8 مارچ 1917 ع ۾ پيٽرسبرگ جي عورتن روس جي راز (بادشاھ) جي خلاف بغاوت جو الم بلند ڪيو ۽ “سڀنيءَ مانيءَ جي لاءِ” مطالبو ڪيو،
    ـ 8 مارچ 1937ع ۾ اسپين جي عورتن جنرل فرانڪو جي آمريت خلاف منظم مظاھرو ڪيو،
    ـ 8 مارچ 1943ع تي اٽليءَ جي عورتن جنرل فرنڪو جي آمريت خلاف احتجاج ڪيو.
    ـ 8 مارچ 1947ع تي ويٽنامي عورتن آمريڪي سامراج جي خلاف مظاھرو ڪيو.

    ان طرح سان 8 مارچ ھڪ روايتي ڏينھن بجاءِ عورتن جو عالمي ڏينھن بڻجي ويو. خود گڏيل قومن جي انساني حقن جي چارٽر ۾ اھو ڏينھن دنيا جي عورتن جو ڏينھن قرار ڏنو ويو. اھو ئي سبب آھي جو سڄي دنيا ۾ ان ڏينھن کي سرڪاري ۽ خانگي سطح تي ملھايو وڃي ٿو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن جدوجهد کي ڏسي سوچيان پيو ته ، اسان وٽ عورت اڃان به ڪوٽن ۾ قيد آهي ۔۔۔۔۔ جيستائين سنڌ ۾ عورت تعليم يافته نه ٿيندي تيستائين ڪنهن به انقلاب جي اميد نه رکو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    جيستائين سنڌ ۾ عورت تعليم يافته نه ٿيندي تيستائين ڪنهن به انقلاب جي اميد نه رکڻ ئي بيڪار آهي
    اسان کي پنهنجي نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    جيستائين سنڌ ۾ عورت تعليم يافته نه ٿيندي تيستائين ڪنهن به انقلاب جي اميد 2293 اٽيچمينٽ ڏسو رکڻ ئي بيڪار آهي
    اسان کي پنهنجي نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    هِڪ مرد پڙهيو ته هِڪ فرد پڙهيو
    هِڪ عورت پڙهي ته پورو گهر پڙهيو
    مان اوهان دوستن جي خيالن سان متفق آهيان عورت لا تعليم بلڪُل لازم آهي
    پر يار اڄ ڪلهه چئينلن تي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو ٿو وڃي اِن سان تبديلي ته ڪونه ايندي
    ڪلاشن ڪوف فيڪٽر اُن سان گڏ ڌاڙيل فيڪٽر ڏيکاريو وڃي ٿو
    اُن سان اڄ جو ٻار تعليم کان پري ٿي ڪري هِن طريقي وارو مڙس ماڻهو ٿيڻ جي ڪوشش ٿو ڪري
    مهرباني ڪري ٽي وي چئينلن جو گهيرا ڪيو وڃي ته شايد اسان جي تعليم جو رستو ڪجهه آسان ٿي پوندو
     
  6. نسرين هنڱورو

    نسرين هنڱورو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    68
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    شاندار ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو