اڄوڪو ڏينهن 8 مارچ تاريخ جي دريءَ مان

'مارچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 8 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    8 مارچ 1883ع ناليواري محقق، اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جي حيدرآباد ۾ پيدائش ٿي.
    8 مارچ 1889ع سياستدان، سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن نيچلداس وزيراڻي جي ولادت ٿي.
    8 مارچ 1908ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر حاجي محمود هالائي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1914ع ليکڪ ۽ مصور ع ق شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1921ع اردو جي مشهور شاعر ساحر لڌيانوي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1934ع مشهور مضمون نگار ۽ ذهين عورت بيگم ممتاز راشدي (علي محمد راشدي جي گهرواري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1935ع شاعر معصوم هالائي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1937ع شاعر وشنو مهتاڻي (گمبٽ / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1943ع ليکڪ ٽيڪم ڀاوناڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1945ع اداڪار ڄيٺو لالواڻي (ڪنڊيارو / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1950ع سگهڙ بشير احمد ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1956ع سگهڙ شمس ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1965ع شاعر خواجه ذوالفقار جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1966ع ليکڪ ادل سولنگي (محرابپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1967ع ليکڪ قدير شيخ (لاڙڪاڻو)جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1972ع سگهڙ لعل ڏنو پريمي شر (مينگهو فقير شر) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1976ع صحافي، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 مارچ 1981ع شاعر پريمي سعيد ملگاڻي جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    8 مارچ 1909عسيد صبغت الله شاهه ثاني (پير ڳوٺ) جي وفات ٿي.
    8 مارچ 1919عشاعر عبداللطيف ڀٽي (هالا) جو انتقال ٿيو.
    8 مارچ 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد قاسم (ڳڙهي ياسين) جو انتقال ٿيو.
    8 مارچ 1979ع شاعر جان محمد اضعف هالائي جو انتقال ٿيو.
    8 مارچ 1977ع جڳمشهور ناولنگار، ڪهاڻيڪار ۽ فلمساز ڪرشن چندر جو انتقال ٿيو.
    8 مارچ 1983ع الغوزي نواز خميسو خان دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
    8 مارچ 1985ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ سياستدان جي الانا جو انتقال ٿيو.



    اڄوڪي ڏينهن 8 مارچ جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 مارچ 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ساحر لڌيانوي: هڪ انوکو شاعر ........دلجيت سنگهه
    ساحر لڌيانوي نه رڳو پنجاب جي قابل احترام ۽ قابل فخر هستي هو بلڪ ڀارت جو هڪ مهان سپوٽ به آهي. سندس دل انسانيت جي پيار جو مجسمو هو. هو مظلوم عورت جي آواز هو. هن دليري سان معاشري جي گندگي جو عڪس پيش ڪيو. هن شاعر جو اصل نالو عبدالحئي هو.

    ساحر لڌيانوي 8 مارچ 1921ع ۾ لڌيانا (پنجاب) ۾ ڄائو. ساحر جي ماءُ جو نالو سردار بيگم هو ۽ اُها ساحر جي پيءُ فضل محمد جي چوٿين ذال هئي. فضل محمد، سردار بيگم سان سُٺو سلوڪ نه ڪندو هو. بدسلوڪي جي سبب جڏهن ساحر جي ماءُ سندس مڙس کي ڇڏيو تڏهن ساحر جي عمر 8 سال هئي. ساحر جي ماءَ ساحر کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي. ساحر پنهنجي ماءُ جي حالت بيان ڪري ٿو.

    عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏکويل ڪهاڻي جي تصوير ساحر سندس ماءُ جي ڏکويل زندگي ۾ ڏٺي. ساحر هڪ نظرياتي شخص هو. معاشري هن کي اهڙو گهرو گهاءُ رسايو جنهن جي درد ساحر لڌيانوي جي ڪلامن کي نئين روح ڏني ۽ ساحر ڀارتي عوام جي دلين تي راج ڪيو، هو عوام جو هيرو بڻجي ويو. ساحر جا ڪلام سندس دل جو آواز هئا. افسوس جي ڳالهه اِها آهي ته اڃان ساحر جي عمر 58 سال هئي جڏهن ساحر کي 25 آڪٽوبر سال 1980 جي ڏينهن دل جو دورو پيو ۽ اِهو مشهور شاعر اسان کان هميشه لاءِ جُدا ٿي ويو. اَچو ته اسان گڏجي ڪري هن عظيم شاعر کي هن جي ورسي جي موقعي تي سندس شاعري جي صلاحيتن کي ياد ڪري عقيدت جو نذرانو پيش ڪريون.

    ساحر سرڪاري ڪاليج لڌيانا جو شاگرد هو. هو انٽرميڊيٽ (11هين، 12هين) ڪلاس ۾ پڙهندو هو جڏهن هن مغل شهشاهه شاه جهان ۽ تاج محل باري هڪ نظم لکيو.

    اڪ شهنشاه ني دولت ڪا سهارا ليڪر،
    هم غريبون ڪي محبت ڪا اڙايا هي مذاق.


    ساحر لڌيانوي اِها نظم ڪاليج جي هڪ جلسي ۾ پڙهي. هن نظم جي مهڪ پري تائين پکڙجي وئي ۽ ادبي دنيا ۾ ٿرٿلو مچي ويو. بس ان کانپوءِ ساحر مشهور ٿيندو ويو.


    ع ۾ ساحر بمبئي پهتو. سندس گيتن جو ڪامياب آغاز ”ٺنڊي هوائين لهرا ڪي آئين“ سان ٿيو. اِهو گيت هن مهيش ڪول جي فلم ”نوجوان“ لاءِ لکيو. ”بازي“ فلم جي گيت ”تدبير سي بگڙي هوئي تقدير بنا لي“ سندس قسمت جو دروازو کولي ڇڏيو. ”يه رات يه چاندني پهر ڪهان“ سندس شاعري جو ڪامياب سفر ثابت ٿيو. ساحر جا گيت ”مين جب ڀي اڪيلي هوتي هون، ڀول سنتا هي ڀلا ڪون پياري آنکين، ميري دل دار مجهه سي خفا نه هو“ بيحد مشهور ٿيا.

    ديو آنند، ايس ڊي برمن، گورو دت ۽ بي آر چوپڙه جي سنگت ”نوجوان، بازي، جال ۽ ڌرم پوره“ فلمن لاءِ ساحر جي مشهور گانن کي هميشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيو.


    ساحر نرالو شاعر هو. سندس انداز ۾ جذبن جو جوش آهي، سرود آهي، هڪ ڪشش آهي. ساحر جا گيت امر آهن، ساحر جي امر گيتن جو پڙاڏو ماڻهن جي دلين ۾ هڪ نرالي تڙپ کي جنم ڏيندو آهي. فلم ”پياسا“ جا اِهي گيت ”يه دنيا اگر مل ڀي جائي تو ڪيا هي....، جنهين ناز هي هند پر وه ڪهان هين،..... جاني وه ڪيسي لوگ ٿي جن ڪي پيار ڪو پيار ملا.........، بيحد مشهور ٿيا.


    عورت سان ظلم جو ذڪر ڪندي پنهنجي شاعري ۾ هڪ جذباتي حرڪت کي جنم ڏيندو آهي. ماڻهن جي دلين ۾ معاشري جي اصل تصوير پيش ڪندي هڪ گنڀير سوچ کي جنم ڏيندو آهي:


    ڪپڙي هي نهين روٽي ڪي لئي، يهان کال ڀي اُتاري جاتي هي،

    بيٽي هو، بهن هو يا مان هو، هر لاش دبوچي جاتي هي.


    يش چوپڙه جي فلم ”داغ“ ۾ هن سرمائيداري جي حالت کي نشانو بڻايو. ان معاشري جي عيبدار ماڻهن کي بينقاب ڪيائين:


    جب ڀي جي چاهي نئي دنيا بسا ليتي هين لوگ،

    ايڪ چهري په ڪئي چهري لگا ليتي هين لوگ.


    هن ڀارت جي ليڊرن کي للڪاريندي لحاظ نه ڪيائين:


    ذرا هند ڪي رهبرون ڪو بُلاؤ

    يه ڪوچي يه گليان يه منظر دکائو.


    ساحر جو طنز ملاحظه فرمائيندا:


    رهني ڪو گهر نهين هي

    سارا جهان همارا!


    فرقه پرستي جي لعنت جو ذڪر اهڙي ريت ڪيائين:


    مالڪ ني تو انسان ڪو انسان بنايا،

    هم ني اُسي هندو يا مسلمان بنايا.


    ساحر وڌيڪ ڪيترن ئي موضوعن باري گيت لکيا جن ۾ سندس وطن سان محبت ظاهر ٿئي ٿي. ڀجن، لولي ۽ قوالي جهڙا گيت سندس شخصيت جو انوکو انداز ظاهر ڪندا آهن. اڄ 27 سال گذرڻ کانپوءِ به سندس شاعري جي تازگي برقرار آهي.


    يه ديش هي وير جوانون ڪا...............، الله تيرو نام، ايشور تيرو نام ...............، نه تو ڪاروان ڪي تلاش هي...............، نه تو هم سفر ڪي تلاش هي...............، تيري بچپن ڪو جواني ڪي دعا ديتي هون...............،


    بيحد پيار جو انداز

    يه زلف اگر کل ڪي بکر جائي تو اڇا...............، ڇو ليني دو نازڪ هاٿون ڪو...............، تم نه جاني ڪس جهان مين کوگئي...............، هم انتظار ڪري گي قيامت تڪ...............، مين زندگي ڪا ساٿ نڀاتا چلا گيا...............،


    ساحر لڌيانوي 200 کان وڌيڪ شاندار غزل، گيت ۽ نظمون لکيون جيڪي هندي فلم سنگيت جي امر جان بڻجي ويون. سندس گيت بالي وڊ ۾ گيت لکڻ جي سطح تي انقلابي تبديلي آندي.


    ساحر لڌيانوي جا ليک: تلخيان(1943)، پرڇائيان (1953)، تنهائيان، آؤ ڪوئي خواب بنين، گاتا جائي بنجارا (فلمي گيت)


    ساحر لڌيانوي ڀارتي فلم دنيا تي ڇائجي ويو ۽ گيتن جي دنيا ۾ امر ٿي ويو. لڌيانه ۾ ساحر جي يادگيري لاءِ هڪ يادگار ساحر ميموريل، ماڊل ٽائون ايڪسٽينشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پنجاب سرڪار جي ادارن ۽ سرڪاري نوڪر شاهي پاران رُڪاوٽن سبب اِها يادگار پاڻ ئي دم ڏئي ڇڏيو. ان طرح ساحر جا اِهي لفظ پنهجي باري اڳڪٿي جو اظهار بڻجي ويا:


    ڪل ڪوئي مُجهه ڪو ياد ڪري،

    ڪيون ڪوئي مُجهه ڪو ياد ڪري،

    مصروف زمانه ميري لئي،

    ڪيون وقت اپنا برباد ڪري.



     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو