ڪرشن چندر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    جڳ مشھور ڪھاڻيڪار، ناولنگار، فلمساز جي 104 ورسي جي مناسبت سان لکيل

    ڪرشن چندر (1914-1977)

    ڪامريڊ ڪريم بلوچ

    ڪرشن چندر جو جنم 23 نومبر 1914ع تي رياست ڀرتپور ضلعو گجرات راجستان جي ڳوٺ ڀونج ۾ ٿيو. وفات 8-مارچ 1977ع تي بمبئي ۾ ٿي ۽ بچپن ڀونج پور ڄمون ڪشمير ۾ گذريو ۽ هن جو خاندان اتان جا رهاڪو هئا. تعليم فارما ڪرسٽائين هاءِ اسڪول ڀونج پور ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي هئي. والد ميڊيڪل آفيسر گوري شنڪر پونج پور اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو. ماءُ جو نالو ”پرميشوري ديوي“ ۽ ڀيڻ سرلا ديوي، ڀاءُ جو نالو مھندر ناٿ. خاندان اصلي وزير آباد گجرات، ڄمون ڪشميرجا رهاڪو هئا.
    ڪرشن ٻه شاديون ڪيون هيون، پھرين وديا واتي چوپڙا ۽ ٻئي زال جو نالو سلمى صديقي هئي. وديا چوپڙا کان هڪ پٽ به ڌيئرون هيون، هن کي پکين سان ڏاڍو پيار هو جھڙوڪ ڪبوتر رنگ برنگي جهرڪيون، ڀولڙا ۽ طوطا. هن جي پھرين اسٽوري 1930ع ۾ ”سادو“ نالي لکي. هن ويھن ناول ۽ ٽيھه ڪھاڻين جا ڪتاب لکيا هئا. هو هندي، اردو ۽ انگلش جو ليکاري هو. ”ايڪ گدهي ڪي سرگشتي“ 16 ٻولين ۾ شايع ٿيا هئا. هن جي افسانن جو هرهڪ ڪتاب تقريبن ڏيڍ لک تائين ڇپيو ۽ جلد هٿون هٿ وڪرو ٿيا هئا. روس، چين، جيڪ ايسٽ، جرمن روس سميت 17 ٻولين ۾ ناول، افسانا ۽ ترجما ٿيا هئا.
    ”ان داتا“ ناول تي فلم ”ڌرتي ڪا لعل“ ٺاهي وئي هئي. هو ڪلاس ۾ رياضي م ڪمزور هو. تاريخ جي ڪمن ۾ ڪلاس جي سڀني شاگردن کان اڳڀرو اڳتي هو. ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر هو. هن کي ننڍپڻ کان ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو هو. ستين درجي ۾ هن ڏهه ٻارهن تصويرون ٺاهيون هيون. ڀونج پور ۾ ڪابه سينيما ڪانه هئي، پوءِ هو وڃي ”ليلا“ ۾ فلم ڏسندو هو. جڏهن به پري کان راڳي ايندا هئا ته هو انهن کي ضرور ٻڌڻ ويندو هو. ماستر رحمت جا ڊراما هن سڀ ڏٺا هئا. گهر وارن سان ڪونه ڪو بھانو ٺاهي وڃي ڊراما ۽ راڳ ٻڌندو هو.
    گهر وارن کي چوندو هو ته مان دوستن جي گهر پڙهڻ ٿو وڃا پر هو ڏسڻ ڊراما ويندو هو. پيءُ هن تي گهڻو ڪاوڙبو هو، پر ڪجهه نه چوندو هوس ۽ خاموش سنجيده قسم جو ماڻهو هو. ڪرشن سڀ کان اول ”الف ليلى“ جي ڪھاڻي پڙهي هئي. ”فسانه آزاد“ پريم چند جون ڪھاڻيون ۽ ٽيگور جا ناول هن ان ڏينھن ۾ ڏهين جماعت ۾ سڀ پڙهي ڇڏيا هئا، يعني کائڻ پيئڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ. جڏهن سندس ماءُ سڏ ڪندي هئس ته جواب نه ڏيندو هو. والده باورچيخاني کان غصي ۾ ڀريل ٻاهر نڪرندي هئي. ڪتاب هٿن مان کسي اڇلي ڇڏيندي هئي ۽ ماني کائڻ لاءِ چوندي هئي. ڪيترا دفعا ماءُ سندس پيءُ سان به شڪايت ڪئي ته ڪرشن چندر وقت تي ماني نٿو کائي. تون هن کي ادبي ڪتاب پڙهڻ نه ڏئي ۽ صحت خراب ٿي ويندس ۽ اکيون ڪمزور ٿي ويندس. پوءِ هو ڪنھن به ڪم جو نه رهندو. والد سندس خاموش هوندو هو. ڪجهه به نه چوندو هئس. ڪرشن جو پھريون مضمون مزاحيه. هن ميٽرڪ جي وقت پنھنجي فارسي استاد تي لکيو هو ۽ ڪاليج جي ميگزين ۾ شايع ٿيو.
    ڪرشن چندر جڏهن ايف.ايس.سي ميڊيڪل ۾ پڙهندو هو ته اتي گورودت به رهندو هو. هن ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين سان ڪرشن جو تعارف ملاقت ڪرائي هئي. پوءِ ڀڳت سنگهه ۽ ان جا ساٿي پڪڙيا هئا ته پوليس ڪرشن چندر کي به گرفتار ڪيو هو. ڪرشن ٻه مھينا لاهور قلعي ۾ نظر بند رهيو ۽ گهڻي جانچ ڪرڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو. پوءِ ته هن جي سياست ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي.
    هن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو پوءِ ايل.ايل.بي دؤران هن جو سوشلسٽ پارٽي سان واسطو جڙيو هيو. ڀگين جي يونين جو صدر به ٿيو هيو. ان ڏينھن کان هن ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون. ”يرقان“، ”انگور“ ۽ ”طلسم خيال“ جي نالي سان ڪھاڻين جا مجموعا شايع ٿيا هئا. طنز مزاحيه انداز ۾ مضمون لکڻ جي شروعات ڪئي هئي. ”ڦِر دو فرلانگ“، ”بمبئي سڙڪ“، ”آلار“ ڪھاڻيون لکيون هيون، پوءِ ته اردو ادب جي افسانن ۾ هڪ نئون انقلاب اچي ويو هو. ان عرصي ۾ ڪرشن ڀرپور سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هر روز ڀگين جي گهر ڏانھن ۽ اتي وڃي ليڪچر ڏيندو هو ۽ پنجاب جي ليڊرن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ شروع ڪيو. هن اڃا ڪوبه فيصلو نه ڪيو هو ته مونکي ڇا ٿيڻو آهي. پروفيسر يا هڪ سياستدان ۽ مختلف ليڊرن سان ملندي ڪھاڻيون لکندو هو. ان ڏينھن ۾ هو هندو هوٽل ۾ رهندو هو. اتي ڪنعيو لال ڊاڪٽر ڪپور اشڪ ۽ بيدي، سان ملاقات ٿي پوءِ ته اديبن جو اچڻ وڃڻ جي شروعات ٿي. ڪرشن چندر جي لکڻين جي خوب تعاريف (واکاڻ) ڪندا هئا. هندوستان جي مختلف رسالن ۾ هن جون ڪھاڻيون اچڻ لڳيون ۽ ادبي دنيا جي ايڊيٽر صلاح الدين احمد هن جي افسانن جو جائزو وٺندي ۽ هن جي همت افزائي ڪندو رهيو ۽ هن جي دماغ ۾ اچي ٻه ڳالهيون ويٺيون ته ڇا مان سياستدان ٿيا يا اديب پوءِ آخر ۾ فيصلو ڪيو ته مونکي اديب ٿيڻو آهي. هن جي طبيعت جي رجحان به اهڙو هو. ليڊر ٿيڻ جي ڳالهه هن جي وس کان ٻاهر هئي. ان فيصلي کان پوءِ هن هڪ افسانو لکيو وري ٻيون وري ٽيون آخرڪار هندوستان جو وڏو افسانه نگار ٿي ويو هو. هو ماٺ ڪري نه ويٺو پڙهڻ لکڻ هن جي محبوب مشغولي ٿي وئي. جڏهن هن شھريت ورتي ته هن جو ذهني توازن اڃان وڌيڪ تيز ٿيو ۽ هو ننڍن وڏن اديبن جي هڪ جيتري عزت ڪندو هو. پوءِ بيحد مقبول ٿيو.
    ڪرشن چندر آل انڊيا ريڊيو اسٽيشن تي وڃي نوڪري ڪئي هئي، اتي هو بلڪل خوش نه هو ۽ هن پنھنجي ڪتابن جي مھاڳ ۾ هن ريت ذڪر ڪيو آهي ته ڪرشن چندر جي نالي جنھن هڪ حسين صبح جو پنھنجو ڳلو گهٽي ڇڏيو. اهو صبح هو جڏهن هن آل انڊيا ريڊيو تي نوڪري ڪئي، هن جي مرضي هئي ته هو لکي پنھنجي ڪٽنب جو پيٽ ان مان پالي سگهي. پر هندوستان ۾ هڪ اديب لاءِ اهو ناممڪن هو ته هو صرف ڪتابن جي آمد مان صحتمند زندگي گذاري سگهي. هن کي پنھنجي آزادي وڃائڻ جو ڏک هو. پاڻ سمجهي پيو ته سرڪاري نوڪري ڪرڻ کانپوءِ آزادي سان لکي نه سگهندو، پر آل انڊيا ريڊيو جي نوڪري ڪندي ان ترقي پسند افسانا ۽ ڊراما لکيا هئا. دهلي ريڊيو اسٽيشن تي اديبن جو چھچٽو لڳو پيو هو. منٽو، راشد، ميرا جي، احمد نديم قاسمي پنڊت ناٿ، اشڪ شمشير سنگ نرالا، شاهد احمد دهلوي، چراغ حسن حسرت، ڊاڪٽر تاثير ٻين اديبن سان سندس ملاقات ٿي. ڪرشن چندر جو گهر اديبن جو ادبي آکاڙو ٿي ويو هو. جيڪڏهن گهر نه هوندو هو ته پوءِ ريڊيو اسٽيشن تي ملاقات ٿيندي هئي. ريڊيو تان پوءِ ڊراما پيش ٿيڻ لڳا هئا ۽ ڪرشن ڊراما سيڪشن جو انچارج هو. جيڪڏهن اشڪ ۽ منٽو ڊراما لکي ايندا هئا ته پوءِ انهن تي سخت نموني سان بحث مباحثا ٿيندا هئا. ان وقت اديبن جو پاڻ م محبت پيار ۽ ايڪو هو. پارٽي بازي ڪانه هئي، نه ڌڙا بندي جو اديب شڪار هئا. ان وقت افسانا، ڊراما، پوري بلوغ تائين پھچي چڪا هئا. اديب هڪ ٻئي کان سٺي لکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ سٺن افسانن لکڻ جي تعريف ڪندا هئا.
    پوءِ ان وقت نوَن اديبن جي گهر ۾ اچڻ جي شروعات ٿي. حسن عسڪري ايندو هو، نھايت خاموش ۽ سنجيده ٿي ويھندو هو. ها يا نه چوندي واپس ٿي هليو ويندو هو. ڪرشن دهلي کان لکنو ويو. ان کان بعد ڊبليو زيڊ احمد، شاليمار ڏانھن گهرايو هو. سرڪاري نوڪري ڇڏي. ان کان پوءِ هن کي ذهني سڪون مليو. ريڊيو تي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو هو. ڪرشن کي ريڊيو تي گهڻي هر نموني جي سھولت مليل هئي. وڏا آفيسر هن جي عزت ڪندا هئا. ڪرشن جي تخليقي ڪم ۾ ڪڏهن به رڪاوٽ نه وڌي وئي هئي. پونا ۾ اچڻ کانپوءِ هن پوري تھه دل سان فيصلو ڪيو ته علمي دنيا هن جي ادبي ڪم ۾ رڪاوٽ نه ٿيندي. هن بھترين اتي افسانا لکيا هئا. فلمن ڏانھن پوري نموني سان ڌيان ڏيندو هو. ادبي ڪم هن لاءِ افضل هئا. ادبي تخليق (Comermise) جي قائل نه هو. ڪڏهن ڪڏهن ادب ۾ هن جي شخصيت جو روپ نھايت مڪمل صحيح سمجهيو ويو. ڪرشن چندر جي زندگي ۾ ادب جو بھترين چونڊ ڪري پوءِ سماج ۾ غلطين جي نشاندهي ڪندو هو. ڪرشن نارمل انسان هو، زندگي ۾ هر قسم جي ڳالهه کي برداشت ڪرڻو هو.
    هن ادب کي غلط ريتن رسمن رواج ۽ نا انصافين جي خلاف لکيو. افسانن کان تلوار وارو ڪم ورتو هو. هن ڏاڍو ڪمايو، انهن ڏوڪڙن کي خرچ ڪري ڇڏيو ۽ ڏکيا ڏينھن به ڏٺا ۽ پوءِ ڪڏهن به همٿ نه هاري هئي. روئڻ به سکيو ۽ دوستن جي رحم ڪرم تي به پاڻ کي نه ڇڏيو هو ۽ چاپلوسي ڪرڻ جي بلڪل قائل نه هو. پنھنجي تعريف ڪرڻ به پسند نه ڪندو هو. دوستن اديبن جي اڳيان پنھنجي افساني جو ڪڏهن به ذڪر نه ڪندو هو ۽ ٻين اديبن جي سٺي افسانن جي تعريف جو اظھار ڪندو هو.
    ڪرشن چندر پيسا ڪمائڻ ته ڄاڻي پيو پر هو دولت کي ڪابه اهميت نه ڏيندو هو. ڪوبه ضرورتمند سندس در لنگهي ايندو هو ته هو ان جي ضرور مدد ڪندو هو. چوندو هو ته جيڪڏهن پيسا کيسي ۾ هوندا ته خرچ ڪرڻو پوندو پر هي پيسا گڏ ڪرڻ نه سکيو هو. جڏهن بيمار ٿيندو هو ته پوءِ هو گهڻو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ گهڻو ٿوڪيندو هو ته دوست سندس ٿڪ اڇلڻ سبب بيزار ٿي ويندا هئا. گهڻو ٿڪ اڇلي چوندو هو ”ڀاءُ هڪ سگريٽ ڏي“ پوءِ مسڪرائيندو هو، پر دوست هن جي حرڪتن کان چڙندا هئا. پر هنن کي ڪرشن جون حرڪتون برداشت ڪرڻيون پونديون هيون ۽ هو ڪرشن سان به تمام گهڻي مذاق ڪندا هئا.
    ڪرشن چندر کي سٺن کاڌن کائڻ جو تمام گهڻو شوق هو، ڪاليج ۾ سوٽ ۽ ٽماٽي بغير نه کائيندو هو. شروع ۾ ڪجهه Domanly ٿيڻ جو شوق هو پر پوءِ Domanlisom ختم ٿيو، پر سٺي خوراڪ کائڻ هاڻي باقي وڃي رهي. پنڌ گهمڻ هن کي ڏاڍو وڻندو هو، گهر ۾ اڪيلو تنھا ويھڻ پسند نه ڪندو هو ۽ دوستن سان وڃي ڪچھريون ڪندو هو. لکڻ وقت هو سڀ کان مھانگو ڪاغذ استعمال ڪندو هو. جيترو وڌيڪ قيمتي هجي ته خريد ڪري وٺي اچي رکندو هو.
    جڏهن هڪ دفعو ڪھاڻي لکندو هو ته پوءِ ان کي وري نه پڙهندو هو. ناول ”شڪست“ 22 ڏينھن ۾ لکيو هو. جڏهن هن کي لکڻ جو جذبو وڌيڪ ٿيندو هو ته هو هفتي ۾ ست افسانا به لکي ويندو هو. ”ان داتا“، ”مولي“، ”ڪالو ڀنگي“، ”ڀومي دل“ صرف هن هڪ دفعو لکيا هئا. هو ٻيون دفعو لکڻ جو قائل نه هو. پھريان سوچي پوءِ لکندو هو.
    ڪرشن چندر جيل وڃڻ کان نه ڊڄندو هو، تلنگانه تحريڪ جي ڏينھن ۾ جڏهن گهڻا ترقي پسند اديب گرفتار ٿيا هئا ته هن ڪڏهن به پاڻ کي پوئتي نه رکيو هو. ترقي پسند انجمن جي گڏجاڻي ۾ پنھنجا افسانا پڙهندو هو، پنھنجي افسانن تي تنقيد به ٻڌندو ۽ برداشت ڪندو هو. ڪرشن جي ڪردار ۾ هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هو ٻين تي هاوي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو. ڄاڻي واڻي تقرير نه ڪندو هو نه وڌيڪ ڳالهائيندو هو. جڏهن ڪو چوندو هيس ته هو پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندو هو. ٿورو شراب پيئندو هو ته گهڻو نه بڪندو هو ۽ سنجيده خاموش ٿي ويھندو هو. ڪرشن چندر جو تعلق ترقي پسند مصنفين جي ان وقت نمائندگي ڪندي، برصغير جي جھاد آزادي ۾ نمايا ڪردار هن ادا ڪيو هو. 1936ع کان وٺي 1947ع جي زماني ۾ هندوستان جي تحريڪ آزادي جي انتھائي هلچل زور شور سان هئي. متحد خلاف سامراج تحريڪون اڀريون هيون، ان جي خلاف اديب جيڪي اجتماعي شعور جا مظھر هوندا آهن، هندوستان جي ترقي پسند اديبن ان تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان وقت ۾ آزادي کانپوءِ آزادي هڪ پرمسرت معاشري جي تشڪيل جي سلسلي ۾ ڪرشن چندر جو ڪم سڀني کان وڌيڪ ڳرو آهي. هن پنھنجي اديبن کان وڌيڪ لکيو ۽ ان جو آواز آزادي هئي. پوري سٿ کان وڌيڪ زور ۽ بلند هو. ان وقت لکندڙ ۾ راجندر سنگ بيدي، سعادت حسن منٽو، چغتائي، خواجه احمد عباس جا نالا ان وقت ۾ اهم نمايا هئا. انهن جو تعداد ته گهڻو نه هو پر چاهه محبت ۽ شدت سان ڪرشن جو ئي ان مسئلن کي حل ڪرڻ ۽اڳتي وڌڻ وارو نمايان ڪردار آهي. 43-1940ع ۾ لڌيانه جي چند ادب دوستن جي حلقي ۾ ساحر لڌيانوي، احمد رياض ۽ افسانا نگار سيد انور شامل هئا، ڪرشن جي مداحن جو حلقو هو، ڪرشن جي تحريري نثر ۾ نظمي ۽ موسيقي ردم هوندو هو. هنن ادبي ميڙاڪن لاءِ لڌياني ۾ هڪ سئنيما هال ڪرائي تي ورتو هو.
    ڪرشن جون تحريرون پڙهندڙن کي برزبان ياد هيون ۽ هن جي لکيل نثر ۾ نظم هوندو هو ۽ پنھنجي قلم سان قاري کي پاڻ سان گڏ کڻندو هو. اهو وقت هو جڏهن برصغير ۾ تحريڪِ آزادي عروج تي هئي. ترقي پسند اديب ان ميدان ۾ زور شور سان پوري نموني سرگرمِ عمل هئا. هڪ طرف هندوستاني عوام پنھنجي ڳچيءَ مان غلاميءَ جو ڳٽ لاهڻ جي لاءِ بيقرار هئا ٻئي طرف دنيا سموري جا ترقي پسند قوتون (طاقتون) فاشزم جي خلاف طاقت استعمال ڪئي پئي، ان جي رهنمائي سوويت يونين پئي ڪئي ۽ اديبن جو حلقو نئون ڪتابن جي تلاش ۾ هئا. ڪابه نئين لکت ايندي هئي ته هفتن جا هفتا ان تي بحث مباحثو ٿيندو هئو ۽ بنگال جي موضوع تي جڏهن ڪرشن جو ”ان داتا“ شايع ٿيو ته پوري هندوستان ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو. لڌياني ۾ ساحر جي گروپ فيصلو ڪيو ته ان ادبي شھپاري کي وڌيڪ پڙهڻ کان علاوه به ڪجهه ڪرڻ گهرجي. فيصلو ٿيو ته ٽيبلوز جي شڪل ۾ ڪرشن جي ان شھڪار کي اسٽيج تي پيش ڪيو وڃي. ساحر جي دوست هري ڪرشن مصور هو هنن شھر ۾ هڪ سينيما ڪرايي تي ورتي هري ڪرشن اسٽيج تيار ڪئي فيض الحسن چوڌري بکئي بنگاليءَ جو خاموش ڪردار ادا ڪيو. آواز ساحر جو هو، تحرير ڪرشن جي هئي. پنجاهه منٽن جي ڊرامي ايترو ته اثر ڇڏيو هو جو ختم ٿيڻ کان بعد ماڻهو خاموش سيٽن تي ويٺل رهيا. جڏهن وڃڻ لڳا ته جيڪي به کيسي ۾ پيسا هئن، اهو سڀ جو سڀ چندي طور فنڪارن کي امداد ڏيئي هليا ويا. ساحر فيض الحسن چوڌري سينيما مالڪ مٿان ڊفينس آف انڊيا جي تحت ڪيس داخل ٿيو، وڪيلن کين ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪيس ڪورٽ ۾ ويو ته توهان مان ڪوبه نٿو بچي سگهي. قانون سخت هو، جو سڀ جو سڀ سٿ پردي پري ڪرڻ وارو ۽ اسٽيج تيار ڪرڻ وارو ۽ سينيما مالڪ ۽ ٻيا ٻين سڀني کي عمر قيد يا ٻي سخت سزا اچي پئي سگهي. سينيما مالڪ وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو هو هن ڀڄ ڊڪ ڪري ڪيس ڪورٽ ڏانھن وڃڻ نه ڏنو. ساحر ان وقت ٿورو گهڻو نالو پيدا ڪيو هيو. ڪرشن چندر پنجاب ۽ لاهور کان اچڻ وارن اديبن جو شيدائي هو. سندن چھرو ڊگهو ۽ مٿي جا وار اُڏيل (گنجو) ۽ چھري جي تخطي وڏي وڏي حيران ڪن چمڪندڙ وڏيون اکيون، قد ننڍو هو. ڏيڍ سال بمبئي انجمن ترقي پسند مصنفين جو جنرل سيڪريٽري رهيو هو. اتي جلسن ڪانفرنسن جي حوالي سان سڀني کان اڳ هو. ڪانفرنس حيدرآباد دکن ۾ هجي يا ماليگائون هجي، اتي مضمون پڙهڻ ۾ سڀني اديبن جي رهنمائي ڪندو هو. ڪرشن شھرن، گهٽي، بس، ريل گاڏي ۾ سفر ڪندو هو ته ماڻهن سان پنھنجي نظريي جي ڳالهه ضرور ڪندو هو.
    پاڪستان جي وجود کان اڳ ڪلڪتو فساد کان پوءِ بمبئي ۾ گهڻو هندو مسلم فسادن جي ور چڙهي ويو هو. ساحر، حميد اختر بمبئي ۾ خوشحال علائقي ۾ ”هندو ڪلا مندر“ جي دفتر جي هڪ ڪمري ۾ ٻـئي رهندا هئا. وارڊ روڊ جو علائقو چوپاٽي دا لڪيشور روڊ ۽ ٻين وڏن علائقن سان مليل هو. اتي امير خاندان رهائش پذير هئا. امير فساد نه ڪندا آهن، بلڪه ڪرائيندا آهن. شھر جي ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ وچولي طبقي جي رهائش هئي. هندو ۽ مسلمان غنڊا هڪٻئي کي خنجر هڻڻ ۾ رڌل هئا، پر هنن جو علائقو محفوظ هو. ڪميونسٽ پرٽيءَ جو هيڊ ڪوارٽر سينڊ هرسٽ روڊ ۽ ان کان ٿورو اڳتي مليل هو ۽ علائقي ڀينڊي بازار ۾ وارڌاتون وڌيڪ ٿينديون هيون ۽ پارٽي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڊاڪٽر اشرف، سيد سجاد علي، سردار جعفري، ڪيفي اعظمي، ظله، انصاري محمد مھدي ۽ ٻيا گهڻا دوست رهندا هئا. ساحر ڪرشن ۽ ٻيا روزاني ڀيڊي بازار ۽ محمد علي روڊ تي ماني کائڻ ويندا هئا. بمبئي جو فساد تمام زور وٺي ويو هو. هنن کي فون تي هدايت ٿي ته ”سنيڊ هرسٽ“ روڊ جي طرف هرگز نه وڃو. پوءِ هو ٻن هفتن کان پنھنجي علائقي کان ڪونه نڪتا هئا. ريستوران ۾ مغربي کاڌو کائڻ ۾ پيٽ نه پيو ڀرجين. ساحر، حميد اختر، ڪرشن چندر ۽ ٻين هندو اديبن کي هدايت ٿيل هئي ته هو ڀينڊي بازار محمد علي روڊ ۽ ٻين مسلم علائقن ۾ نه وڃن. ڪرشن ان پابنديءَ کان بلڪل اچي بيزار ٿيو هو ۽ ٻئي ڏينھن ساحر ۽ حميد وٽ ڪرشن هليو ويو هو ۽ چيائين ته محمد علي روڊ تي هلڻ لاءِ زور ڀريو ۽ انهن وڃڻ جو سبب پڇيو ۽ ڪرشن چوڻ لڳو ته اچي هفتو ٿيو آهي، منھنجو ذائقو اچي بگڙيو آهي. خدا جي واسطي اوهان ٻئي مون سان گڏجي هلو، اتي هلي گوشت کائجي. پوءِ ڊڄندي ڊڄندي ويا دل ۾ خوف هو ته متا ڪوئي مسلمان غنڊو انهن کي هندو سمجهي خنجر نه هڻي وٺي. ان ڏينھن ۾ بمبئي جي اخبارن، رسالن ۾ هفت روزه نظام جو محمد علي روڊ کان نڪرندي هئي. انهن جون تصويرون بلڪل ڇپجي اينديون هيون. اهي گمنام ماڻهو هئا، مذهبي جنون جو عجيب قسم جو دور هيو پر ڪوئي جنوني انهن کي ماري پئي سگهيو. پر ڪرشن ان علائقي ۾ گهمندو رهيو. هوٽل ۾ ويهي ماني کاڌي، مسلمان انهن تي هٿ به نه کنيو. هو گهڻن ماڻهن انهن کي سڃاتو به هيو جڏهن واپس ٿيا ته هنن جا چھرا چمڪيا پئي ۽ معصوم ٻارن جيان خوش هئا. گوشت کائڻ ته هڪ بھانو هو، ڏسڻو هو ته عام ماڻهون ان علائقي جا ڇا مون تي هٿ کڻن ٿا يا نه. ڪرشن جو چوڻ ته سڀني مونکي سڃاتو هو پر انهن حملي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي.
    فساد نه غريب هندو ڪن ٿا نه غريب مسلمان ۽ ٻيا ڪي ماڻهو آهن، 1946ع ۾ جڏهن بمبئي ۾ ساحر آيو هو ته ڪرشن فلم تيار ڪري رهيو هو، هميشه هو پنھنجي سڀني دوستن کي پاڻ وٽ گهرائي وٺندو هو. جڏهن ريڊيو ۾ ويو ته دوستن جو قافلو ساڻ وٺي ويو هو. لکنو ۽ دهلي ۾ جيترو به وقت ملازمت ۾ رهيو هو ته ان جا ويجها دوست هن وٽ ايندا هئا. وري جڏهن فلم ۾ ويو ته پوءِ وري سندن دوست اچي گڏ ٿيا هئا. ڪرشن جي رهائش بمبئي جي مضاف جي بستي انڌيري ۾ هئي ، وٽس ٻه منزله وڏو بنگلو هو. ڪرشن جي زير تڪميل فلم جو نالو ”سراءِ ڪي باهر“ هو هن جي مشھور ريڊيو ڊرامي ”ان داتا“ تي مشتمل فلم هئي. هنن پنھنجي حلقي ۾ ايترا ته دوست گڏ ڪيا هئا جو عام ماڻهو هن جي گهر جو نالو ”سراءِ ڪي اندر“ جو نالو ڏنو هو. هو پنھنجي خاندان سان پھرين منزل تي رهندو هو، مٿي منزل تي چار پنج ڪمرن ۾ هن جا دوست رهائش پذير هئا. هن جو گهر هندوستان- پاڪستان جي هر اديب لاءِ هر وقت ڏينھن رات در کليل هئا. ان وقت راجا مھدي علي مرحوم. وشوا متر عادل ۽ ميرا جي فلمي گانا ٿي لکيا. مھدي علي ڪرشن جي فلم ڪمپني جو ملازم هيو ۽ گانا به لکندو هو. ممتاز مفتي احمد بشير ادبي قلمي رسالو ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ هئا، ڪرشن راجه مھدي علي خان جي ڳالهين ۽ نظمن روز مره جي عادت جي باري ۾ سختگي تعجب ۽ حيرت زده هو، اهو اچڻ واري حيرت ڀريل لھجي ۾ ٻڌائيندو هو. راجا مھدي علي خان گيت لکڻ کان علاوه صرف هڪ ڪم ڪندي سمورو وقت بيگم کي خط لکندو هو. ان ڳالهه جي ڪرشن جي دلچسپي بلڪل ٻارن جھڙي هئي. اصل ۾ هن جي شخصيت جو رخ ايئن معصومانه هو، ان جي ڳالهه ٻولهه مزاج ۽ طرز گفتگو هڪ معصوم لاڏلي ٻارن جيان هئي. ڪرشن جو سڀاءُ بلڪل فطرتي اصولن تي آڌاريل هيو. انسان، دنيا جي ماڻهن جي ڏکن تي غمزده ٿيڻ وارو حساس فنڪار هو. جو ان ڪائنات کان بيماري غربت، جھالت ۽ افلاسي جو خاتمو ڪرڻ گهرندو هو. ڪرشن انتھائي محبت ڪرڻ وارو انسان هو. دوستن لاءِ پنھنجي محبت شفقت جو خزانو هو. هن پنھنجي مال دولت لٽائي هئي ۽ دولت کي ڪڏهن به سنڀالي نه رکيو هيو.
    بمبئي ۾ ترقي پسند مصنفين جي هفتيوار گڏجاڻي ٿيندي هئي ڪرشن ۽ بمبئي جا سڀ اديب اچي ان ۾ شريڪ ٿيا هئا. ڪرشن سڄو مھينو گڏجاڻي ۾ شرڪت نه ڪئي هئي. چار دوست مالڪيشو روڊ تي سجاد ظھير، ساحر، حميد گهر کان نڪري چوپائي روڊ تي پھتا ته ڪرشن هڪ ريڙهي وٽ گول گپا کائي رهيو هو. حميد اختر جي چوڻ موجب ته ڪرشن ايترو ته شرمندگي محسوس ڪئي جو مون سڄي عمر ڪڏهن به اها وساري نٿو سگهان. گهڻي معذرت ۽ عضر کان پوءِ چوڻ لڳو ته گهڻي ڪم فلمن کان ڪوبه ٽائيم نه مليو پئي. دوستن مٿان ڏنڊ رکيو ته پندرهن ماڻهن کي ماني کارائي ته پوءِ معافي ملي سگهي ٿي. پوءِ هن سڀني دوستن جي دعوت رکي ۽ سڀ دوست مقرر تاريخ تي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. دعوت ۾ بمبئي جا اديب دوست موجود هئا. فلمن ۾ ڪم ڪرڻ واري هڪ ايگنلوانڊين خاتون به محفل ۾ شريڪ ٿي هئي. ڪرشن سڀني کان اڳ ان خاتون کي سردار جعفري سان تعارف ڪرايو ۽ ڪرشن چيو ته منھنجو عزيز پيارو دوست سردار جعفري وڏو شاعر آهي. ان ڇوڪري جواب ڏنو ته هي مون تي وڏو نظم لکندو. سردار جعفري ان ڇوڪري جو هٿ پڪڙي چيو ته ايتري خوبصورت آهي جو تون تي هڪ نظم نه پر پورو ڪتاب لکندس. پوءِ وڏي جوش جذبي سان محفل جي شروعات ٿي. فلمن جي ڳالهين جي آ شروعات ٿي. سردار جعفري اٿي غسل خاني ڏانھن ويو ۽ ڪنھن جوبه خيال اوڏانھن ڪونه ويو هو. گهڻي دير کان پوءِ ڪرشن چندر باٿ روم ڏانھن ويو. وري وڏي تيزيءَ سان ڀڄندو رڙيون ڪندي ڏڪندي خون خون هاءِ ٿي ويوخون. سڀني دوستن کي خبر ڏيندي چيو ته سردار جعفري کي الائي ڪنھن قتل ڪري ڇڏيو آهي، هو غسل خاني ۾ پيل آهي پوءِ اوچتي ڪرشتن پڇيو ته طالش ڪٿي آهي. طالش محفل کان اوچتو اٿي هليو ويو هو. ڪرشن شور ڪندي چيو ته مونکي پڪ يقين سان شڪ هو ته پٺاڻ جو ٻچو نه مڙندو. سردار جعفري ان جي معشوقه سان بيٺي ڳالهيون پئي ڪيون ۽ ان جو هٿ پڪڙيو هو ته مان خود ڏٺو ته طالش سخت غصي ۾ هو. پوءِ هن جو هي ڪم آهي. ان ئي منھنجي دوست کي قتل ڪيو آهي. پوءِ سڀ جو سڀ طالش جي تلاش ڪرڻ لڳا. گهر جا سڀئي پاسا ڏٺا ويا ۽ سڏيو ويو پر جواب ڪونه مليو ۽ ڪرشن سردار جون خوبيون بيان ڪري رهيو هو. هنن گهڻي تلاش ڪئي پر ڪونه مليو. جڏهن مايوس ٿي قافلو گهر موٽي آيو ۽ اوچتو ڏاڪڻ ڏٺي، ڪنھن صلاح ڏني ته طالش کي مٿي ان ڪمري ۾ به ڏسجي. سڀ مٿي ويا ته طالش پنھنجي ڪمري ۾ ڪاٺ جي تختي تي بسترو وڇائي ستو پيو هو ۽ بلڪل ننگو جسم ڪپڙن کان بلڪل آزاد هو. ڪرشن سٽ ڏئي چادر مٿان لاهي چيو ته منھنجي گهر کان هليو وڃ، تون منھنجي دوست کي قتل ڪيو آهي. ڪرشن وڏي جذبات ۾ هو طالش ننڊ کان اٿيو ۽ هن جي ڳالهه نه سمجهي سگهيو ته ڳالهه ڪھڙي آهي. طالش ڊڄندي ڊڄندي پڇيو ته ڪنھن کي قتل ڪيو آهي. مان ته ننڊ ۾ هئس. قتل جي انڪار تي سڀ طالش جي ڪمري کان هيٺ لھي آيا. ڪرشن روئي رهيو هو. ڪوبه غسل خاني ڏانھن نه ويو هو، غسل خاني جا بلب فيوز هئا ۽ ڪمرن جي هلڪي روشن غسل خانن ڏانھن وڃي رهي هئي جڏهن هو اوڏانھن ويا ۽ ڏٺو ته سردار هڪ ڪنڊ ۾ اوڪڙو ويٺو هو، رت مٿي کان وهندي ڪپڙا ڳاڙها ٿي چڪا هئا. سردار جو جسم ان وقت هيڏي هوڏي ٿي رهيو هو. ڪرشن جلد وڃي سڀ کان اڳ سردار کي اٿاريو ۽ رت جا داڳ نظر اچي رهيا هئا. ڪرشن سردار کي ڀاڪر ۾ جهلي پڇڻ لڳو ته سردار تنھنجي هيءَ حالت ڪنھن ڪئي آهي؟ سردار جواب ڏنو ته اونداهيءَ ۾ پير ترڪيو مٿو وڃي ٽنگيل بالٽي ۾ لڳو ۽ پوءِ بيھوش ٿي ويس ۽ رت وهندي رهي. اونداهيءَ ۾ سردار کي بيھوش ڏسي ڪرشن قتل جي شڪ ۾ وٺجي ويو هو.
    ڪرشن مذاق ڀوڳ ۾ ايترو تيز هو جو ان جي ڪابه حد نه هئي. پريشان ٿيڻ لاءِ رت جو هڪ ڦڙو ڪافي هو، هو محبتي انسان هو، گلن ۽ خوشين جو پيغمبر هو. دنيا کي ڏکن کان آجو ڪرڻ لاءِ عمر ساري غمن ڏکن ۾ گذاري ۽ هو ان ڪري پنھنجي زندگيءَ لاءِ به ڪجهه نه ڪري سگهيو هو. ڪرشن لاهور جي اچڻ لاءِ تڙپندو رهيو ۽ آخري دم تائين لاهور جي سڪ ساڻ کڻي ويو ۽ ان لاهور کي وساري نه سگهيو، ڇو جو جواني جي ڏينھن ۾ هن اتي گذاريو هو ”دو فرلانگ“، ”لمبي سڙڪ“، ان جي ابتدائي افسانن ۾ هئا. لاهور جي لا ڪاليج کان گذرندڙ روڊ متعلق هئا. هو پاڪستان هندوستان جي ملڪ جو اديب هو ۽ انسان جي وچ ۾ محبت ۽ پيار جو اهو رشتو هو جنھن جي اڄ دنيا کي وڏي سخت ضرورت آهي.

    ڪرشن چندر جا ڇپيل ڪتاب:

    The Dark river and other stories, 1977.
    Kashmir Ki Kahany, 1949.
    Eka Gari Ki Wapsi, 1962.
    The full moon night: short stories.
    Mr. Asscones to town, 1968.
    Meri Yaadon Ki Chinar.
    Seven faces of London, 1968.
    When god was a Child.
    The Diamond Handcuff, 1974.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو