امين ارباب جو شمار انهن صدا ڪارن ۾ ٿئي ٿو جنهن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ درد آهي۔ ۔ ۔ کيس الاءِ ڪيترا دفعا سنڌ دوستي جي سزا ۾ نوڪري داؤ تي لڳائڻي پئي آهي۔ پوءِ به هو سنڌ ۽ سنڌين جو درد محسوس ڪري پنهنجي خوبصورت آواز ۾ پيش ڪندو رهي ٿيو۔ مهراڻ ٽي وي تي سندس ئي اسڪرپٽ ۽ آواز تي سنڌي جي امر ڪردار سائين شمشير الحيدري تي هڪ مختصر پر جامع رپورٽ پيش ٿي آهي جيڪا هتي ونڊ ڪجي ٿي۔