ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: سنڌ جو امر ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صحافي، اديب، سياستدان،تعليمدان، سماج سڌارڪ
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو
    جي ورسيء تي ڀيٽا


    [​IMG]


    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: سنڌ جو امر ڪردار
    محمد سليمان وساڻ


    سنڌ ڌرتي جي اها تاريخ رهي آهي ته هن ڌرتيء هميشه مهان انسانن کي جنم ڏنو آهي. اهڙا مهان انسان جن سچائي ۽ ايمانداري جي واٽ تي هلندي مشڪلن کي منهن ڏيندي به پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن سان وفاداري ڪئي آهي. موهن جي دڙي جي نگري سان واسطو رکندڙ اهڙي ئي هڪ مهان ۽ آدرشي هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي به آهي. جنهن ترقي پسند سوچ سبب صحافت، سياست ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيدائش 8 آگسٽ 1924ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿي. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد جي وفات سبب سندس پرورش سندس ڀيڻ جي گهر ۾ ٿي. هن شروعاتي تعليم قنمبر ۽ مئٽرڪ لاڙڪاڻي مان ڪئي. هاء اسڪول جي دور کان ئي کيس سياست سان جذباتي لڳاء هيو. هي 1942ع جو زمانو هو ۽ سنڌ ۾ مسلم جي سياست زورن تي هئي جڏهن ته شهرن ۾ هندو ڪانگريس جا حامي هيا پر ان دور ۾ به ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مزدور، غريب ۽ هاري جي ڳالهه ڪندو رهندو هو. هو انهن ئي ڏينهن ۾ اخبارن جو ڀرپور مطالعو ڪندو رهندو هو ۽ ماڻهن سان سياست تي دليلن سان بحث ڪندو هو.

    ڪامريڊ 1943ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کانپوء ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي ۽ تعليم سان گڏ سياسي ميدان ۾ عملي حصو وٺندو رهيو. ڪراچي ۾ کيس سيسي ماڻهن سان ملڻ جو گهڻو موقعو مليو. ڪراچيء ۾ ئي سندس ملاقات سوشلسٽ فڪر وارن ڏاهن ماڻهن سان ٿي. ان دؤر ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس لائيٽ هائوس سئنيما سامهون هوندي هئي جنهن جو سنڌ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري هو ۽ سرگرم ڪارڪنن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ ٻيا شامل هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سوشل ازم ۽ ڪميون ازم کي سمجھڻ لاءِ باقائده ڪلاس هلندا هئا جن ۾ ڪامريڊ به باقائدگيءَ سان ويندو هو. ان ئي دور ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مختلف تحريڪن ۾ سرگرم رهڻ سان گڏ مختلف هنڌن تي نوڪري پڻ ڪئي. پاڻ ڪجهه وقت ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو. ان ئي دور ۾ هن پنهنجي اخبار نوجوان نالي سان شروع ڪئي پر مالي مس.لن سبب اها بند ٿي وئي.

    تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء پاڻ لاڙڪاڻي واپس آيا ۽ هتي اچي وڪالت شروع ڪيائون. ساڳي ئي وقت شام جو هو سماجي ڪمن سان گڏ پنهنجي اوطاق تي ماڻهن سان ڪچهري ڪرڻ ۾ گذاريندو هو. هن ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، سياسي پارٽين، ادبي گروهن، زميندارن ۽ هارين سان واسطو رکندڙ ۽ مذهبي طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ايندا هئا. هن جي اوطاق تي ڪيئي سياستدان ڀيرو ڀريندا رهندا هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان سندس ويجهڙائپ هئي. پاڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي هاري تحريڪ ۾ عملي طور ڪم ڪيائين. ”مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن“، ”نيشنل عوامي پارٽي“ يا خاص طور ون يونٽ واري دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ڪردار تمام گھڻو اهم رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو بي انتها چاهه هو. هو گهڻو ڪري سياسي، بايوگرافي (سوانح حيات) ۽ تاريخي ڪتاب پڙهندو هو.

    هن جا ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سان ويجها ناتا رهي پر لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا گهرا تعلقات هئا. ، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت هن کان هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. ڀٽي صاحب جي ڪوششن سان هو اليڪشن ۾ بي ڊي ميمبر به چونڊجي آيو. سال 1970 ڌاران هن کي نوڪري ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو ۽ ايئن ڀٽي صاحب کيس سيشن جج طور مقرر ڪرايو. هن پنهنجي وقت ۾ بهترين منصف جو حق ادا ڪيو.

    ڪامريڊ علمي ۽ ادبي حوالي سان سنڌ جي انهن شخصيتن مان ٿي گذريو آهي جن تي سنڌ ناز ڪندي رهندي. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ٿي ۽ ان جي ئي پليٽ فارم تان ڪيترائي ننڍا وڏا ادبي پروگرام ۽ ميڙاڪا ٿيا. ڪامريڊ کي ٻارن جي تعليم خاص ڪري نياڻين جي تعليم جو گهڻو اونو رهندو هو. سندس اها خواهش هئي ته سنڌ جي هر نياڻي تعليم يافته هجي. ڪامريڊ پاڻ چوندو هو ته جيستائي سنڌي مائرون اڻ پڙهيل هونديون سنڌي معاشرو سڌري نه سگھندو ۽ نه ئي ترقي ڪري سگھندو. اهو سندس تربيت جو ئي اثر آهي جو سندس اولاد نياڻيون يا پُٽ سڀ اعلى تعليم يافتههجڻ سان گڏ ادبي، علمي ۽ سماجي کيتر ۾ اڳرا آهن. سياست، صحافت. وڪالت، ادب ۽ سماجي خدمت جھڙن شعبن ۾ هڪ ئي وقت سچائي، ايمانداري ۽ مخلصيءَ سان قابلِ قدر خدمتون سرانجام ڏيندڙ هي آدرشي انسان 1985 ۾ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ لاڙڪاڻي واپس آيو. 10 مارچ 1986 تي ڪارڊيو ويسڪيولر اسپتال ڪراچيءَ ۾ دل جي دوري سبب سندسانتقال ٿيو ۽ هميشه لاء سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کان وڇڙي ويو پر سندس ڪم ۽ سندس ڪردار هميشه زندهه رهندو.

    اڄ نه اوطـــاقن ۾ ، طالـــب تنوارين
    آديســـي اٿـــي ويا، مڙهيون مون مارين
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 مارچ 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇپيل ڪالم​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سوڀ سنڊي ميگزين ۾ ڇپيل

    [​IMG]
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صحافي، اديب، سياستدان،تعليمدان، سماج سڌارڪ
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو
    جي ورسيء تي ڀيٽا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو