رات دير سان سُمهي صبح آرام سان اُٿڻ جو مزو وٺي اڃان اک کولي ئي مس هئي ته سليمان وساڻ جو فون آيو ته جلدي تيار ٿي بلوچستان پاسي هلڻو آهي؟ ڇو، ڪيستائين ۽ ڪڏهن موٽبو جو جواب نه وٽس هو نه مون کي ڏنائين ۽ آئون به تڙ تڪڙ ۾ بنا ناشتي جي بس چانهه جي ڪپ تي هن وٽ پُهتس. . گاڏي تيار هئي . . سڀ دوست پُهچي چُڪا هئا. هِتي خبر پئي ته سڄي سنگت کي هڪ شادي جي دعوت ۾ هلڻو آهي جنهن کي دوستن کير ٿر جبل جي تفريحي مقام جي سير جو رنگ ڏِنو آهي. کيرٿر بابت تفصيلي ليک اڳي به پڙهيا هئا سو ڏسڻ جو شؤق به هو . . . هاڻي بس رڳو قربان ڪلوڙ رهيل هو جنهن کي کڻڻو هو . . کڻڻو ڇا هو هٿ سان موت جي منهن ۾ وڃڻ جو سامان پاڻ سان کڻڻو هو . . چوڏهن ماڻهن جو هڪ ننڍو قافلو ويگن ۾ سٿجي صبح يارينهن بجي سچل ڳوٺ کان نڪتو . . ناردرن باءِ پاس وٺي ڪو چاليهارو ڪلوميٽر هليا هونداسون جو ساڄي هٿ تي مُڙڻ جو فيصلو ٿيو. سنگت جو خيال هو ته سڏ پنڌ جي فاصلي تي موجود همدرد يونيورسٽي واري روڊ تي حب ڊيم موجود آهي اهو ڏِسجي. . .پر اهو سڏ وارو پنڌ نه هو پُراڻي زماني جي لڪڙ تار وارو سڏ هو. . .رستو ٽُٽل ۽ ڊگهو. . مس مس وڃي ڊيم تي پُهتاسين. . .ڊيم جو نظارو ڏسڻ وٽان هو پر موسم جو ساٿ نه هو. .گرمي ۾ ڪُجهه فوٽو ڪڍياسون ۽ نوراني نور هر بلا دور جو بورڊ پڙهي شارٽ ڪٽ وٺي نڪتاسين ناردرن باءِ پاس طرف. . اهو واقعي هڪ بهترين شارٽ ڪٽ هو. ڪافي وقت جي بچت ٿي. . حب ڊيم کان پوءِ هڪ نئين حب ندي ٽپندي ئي بلوچستان جي سرحد شروع ٿئي ٿي. . .هي اُهو علائقو آهي جيڪو تقسيمِ هند کان اڳي توڙي پوءِ به سنڌ جو حصو رهيو هو پر ڪُجهه مصلحتن تحت ون يونٽ ٽٽڻ کانپوء بلوچستان کي ڏِنو ويو.اهو هڪ سِنگل روڊ هو جيڪو ڏاڍو طويل هو. کُٽڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. تقريبن ٽي ڪلاڪ جي مسافري کان پوءِ اسان بهلور نالي هڪ ڳوٺ ۾ پُهتاسين جتي شادي جي دعوت هئي. انهي کان اڳ ۾ دُريجي نالي هڪ وڏو ڳوٺ آيو جيڪو ڇا ته ڳوٺ هو. بهترين بنگلا، پارڪ ۽ روڊ. پر خبر پئي ته اهو سابق صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر رئيس اسلم ڀوتاڻي ۽ سندس والد سابق نگران وزير اعلى بلوچستان صالح محمد ڀوتاڻي جو ڳوٺ آهي تهنڪري ايترو بهترين اڏيل آهي. هونئن به روڊ تي ڪافي ترقياتي اسڪيمن ۾ ڀوتاڻي صاحب جو نالو پئي نظر آيو. ۽ هُتي جي ماڻهن به ٻُڌايو ته هو هِتي جا سردار آهن. ۽ ٻَڌي ڇوڙي جا مالڪ آهن. ان کان ٿورو پهريان سابق وفاقي وزير نبيل گبول جي ڳوٺ ٽڪي ٻارڻ جو بورڊ ۽ نئون ٺهيل روڊ پڻ نظر آيو۔ اسان شادي هال بجاءِ سڌو کير ٿر جي چوٽين تي چڙهڻ جي شوق بلڪه ناداني جي چڪر ۾ اڳتي هلندا وياسين. هتي توڙي جو ويگن نه پئي هلي سگهي پر پوءِ به ڪنهن مهل خالي ته ڪنهن مهل ڀريل هلندي هلندي اسان کي کير ٿر جبل جي ويجهو پُهچايائين. ڪافي دوستن اسرار ڪيو ته ويگن مٿي هلي پر مٿي وڃڻ لاءِ مناسب رستو نه هُجڻ ڪري گاڏي هُتي ئي بيهي رهي. دوست ٽِن ٽولن ۾ ٿي ويا. هڪڙا اُهي جيڪي بنا ڪنهن پُڇڻ صلاح جي نڪري پيا هِن جبل سر ڪرڻ لاءِ اڌي گابري ڪچي پڪي وڊ تي. ڪُجهه انهن کي ڏِسي انهن جي پويان هلڻ لڳا. پر آئون، سليمان، چاچا الهداد گوپانگ، نواز سانگي ۽ @غلام مرتضىٰ وساڻ اڳي ئي شير ڳڙهه (رني ڪوٽ) جو تجربو ڪري چُڪا هئاسين سو آخر ۾ رهياسين. پر سليمان چيو ته ڀلا ٿورو اڳتي هلي فوٽو ڪڍڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي ۽ اهو حرج ئي وڏي حرجاڻي جو باعث بڻيو. ٿيو ايئن جو اسان اڃان ڪُجهه اڳتي هلياسين ته نواز سانگي هلڻ کان نابري واري پوئتي ويهي رهيو، چاچا الهداد به همت هاري، . پر اسان جيڪا قربان ڪلوڙ نالي جيڪا هر فن مولا شخصيت اسان گڏ کنئي تنهن مٿي وڃي ڪنهن همراهه کان موٽر سائيڪل ورتي ۽ جيڪي سُست هئا تِن کي هو اڳتي کڻي هلڻ جو ڪم شروع ڪيو. پهريان هُن چاچا الهداد کي سڀ کان اڳتي هلندڙ گروپ سان وڃي ملايو. تنهن کان پوءِ هو واپس اچي نواز سانگي کي کڻي اچي اسان وٽ پُهچايو. ۽ هِتان اسان جي پياري ۽ نازڪ نفيس دوست سليمان وساڻ کي کنيائين. سليمان جنهن لاءِ @نثارابڙو جن جو چوڻ آهي ته هو مرحوم چاچا محرم علي جو ڌيئرن جهڙو پُٽ آهي تنهن کي قربان ڪلوڙ وڃي ڪٿي ڇڏيندو اها خبر هُجي ها ته اسان قطعي کيس نه ڇڏيون ها. پر ڪلوڙ ساڻس ڪلور ڪندي کيس پهرين جوڙ کان به ٻه ٽي ميل اڳتي ڪو وڃي چوٽي تي ڇڏيو. جتان واپسي تي گاڏي جو تيل ختم ٿي ويو جيڪا هُن واپس ڪئي. ۽ اسان جي همت اڳي ئي کوٽ ۾ هئي سو جلدي بس ڪري ويٺاسين. ڇو جو جبل تي پنڌ ٻارهن ڪلوميٽر جو پنڌ ڪو مذاق ناهي. هاڻي فڪر سليمان جي ۽ آس پاس موجود خطرناڪ جانورن جي. اها ڪيفيت بيان ڪرڻ کان مٿي آهي ته ڪيئن اها ڪشمڪش جي هڪ هڪ گهڙي تي مبني انتظار جي حالت ۾ گذري. . . موبائيل فون ڪم نه ڪن. ڪا سواري هُجي ڪونه ۽ سج ڪڏهوڪو لهي چُڪو. بس رڳو اهو آسرو ته جوڙ مان هڪ ٻيو همراهه به مٿي آهي بس اهي ٻئي پاڻ ۾ مليا هُجن ته خير ٿئي. ڪو ڪلاڪ ڏيڍ جي انتظار کان پوءِ مٿان کي موبائيل فون جي روشني نظر آئي ۽ ساهه ۾ ساهه پيو. سليمان موٽيو ته کيس شديد اُڃ هئي. ٿڪل هو ۽ پريشاني کان پوءِ ڪُجهه ڪُجهه مطمئن هو.هيٺ لهندي مهل گهڻي ڏکيائي ته نه هئي پر مرتضىٰ جو رڙيون ته هتي جا ماڻهو چون ٿا ڳورپٽ ماڻهو کائي ٿي. ڳورپٽ جنهن جو ننڍي هوندي کان نالو ٻُڌون پيا، سا انهي پاسي جام آهي. اصل ۾ ڳورپٽ ڪو جانور آهي ئي ڪونه. هر اُهو جانور جيڪو قبرن مان لاش ڪڍي کائي تنهن کي گور (معنىٰ قبر) + پَٽ (معنىٰ پٽيندڙ، کوٽيندڙ) چيو ويندو هو. جيڪو ڪُجهه ڦِري ڳورپٽ ٿي ويو. اهو ڪم ڪُتا ۽ گدڙ گهڻو ڪندا آهن. پر اسان جيئن ته اڃان زنده هئاسين سو ڳورپٽ کان ڊپ اجايو هو. ها باقي نانگ بلا جو ڊپ ضرور هو. اسان ٻيهر جڏهن 12 ڪلوميٽر هيٺ لهي پهتاسين ته خبر پئي ته ويگن وارا همراهه به وڃي شادي ۾ پهتا آهن، هاڻي وري هتان کان 13 ڪلوميٽر اڻانگو پنڌ ڪرڻ ممڪن نه هئو۔ اتي اسان جي ميزبانن اسان لاءِ موٽر سائيڪل موڪليون ته جيئن هو اسان کي شادي واري ڇني تي پهچائين. مون ۽ مرتضى جنهن موٽر سائيڪل تي سفر ڪيو سا ڪنهن خاصخيلي ٿي هلائي. کائنس مرتضى ڪافي سوال ڪيا جنهن جي جوابن جو تت اهو هو ته هن علائقي ۾ خدا کان پوءِ ڪنهن کان ڊڄي ٿو ته اهو رئيس اسلم ڀوتاڻي آهي. هو سندس رستي اڳيان بيهڻ جي به جرئت نه ٿا ڪن. پر پوءِ سندس دل سان عزت به ڪن ٿا. علائقي واسين کي ڏاڍو ڀانئي ٿو. هتي ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۾ پيش پيش آهي. سليمان وساڻ جي ساڻن مختصر عليڪ سليڪ به ٿي ۽ سليمان به چيو ڪافي سٺي شخصيت آهي. . . هتي ماڻهن جوگذر سفر فصل ۽ چوپائي مال تي آهي. ۽ جر جي مٺي پاڻي تي زمينون خوب آباد ٿين ٿيون. امن امان جي ڪري سڪون سان رهون ٿا.شادي جي دعوت ۾ ماني ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ ٻين ماڊرن ۽ روايتي ۽ لذيذ ڊشز سان هئي. خاص ڪري سجي ته بهترين لڳي. ماني کائي واندا ٿياسين ته دل ته چيو ته پاڻ ڊگهيڙي سُمهي پئجي پر سڀني کي اڳئين صبح جي ڊيوٽي جي فڪر هئي. سو اٿي کڙا ٿياسين. واپسي جي سفر ۾ هنن جي علائقي جو ماڻهو اسان سان گڏ هو. ڪافي دير تائين کائنس هُتان احوال پُڇندا آياسين. ۽ مرتضى جا ڀوڳ به گاڏي ۾ ٽهڪڙو مچائيندا رهيا. جڏهن بلوچستان ۽ سنڌ کي الڳ ڪندڙ حب ندي جي بند مراد مان گهرڻ لڳاسين ته سڀ گاڏيون گڏ ٿيون ڇو ته اها ندي ڪافي خطرناڪ آهي. ڦُر ۽ ڌاڙن جي ڪري . . . اسان صبح چار بجي ڪراچي پُهتاسين. او اهڙو ٽائيم آهي جيڪو ڪنهن شرارتي ٻار جهڙي شهر ڪراچي کي به ان وقت ماٺو ڪري سُمهاريو ڇڏي. . .نه رستن تي گهڻي ٽرئفڪ نه ماڻهو نه گوڙ شور. . .پُرسڪون شهر . . اُهو لمحو جڏهن سليمان کي قربان ڪلوڙ وٺي گُم ڪرڻ لاءِ نڪتو ساڄي کان (ظهير ڪلوڙ، ڏاڏا ڪلوڙ، عاشق ڪلوڙ، سراج الدين ميمڻ، رب نواز ڀُٽو، محمد سليمان وساڻ، نواز سانگي، عبدالحفيظ لغاري، غلام مرتضى وساڻ وڌيڪ تصويرن ڏسڻ لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔
مطلب ته اهڙن ڪمن ۾ ائين ته ٿيندو آ، پر سليمان جي گم ٿيڻ واري ڳالهه ڪجهه پريشان به ڪيو، خئير اهڙن ڪمن ۾ جٿي سان گڏ رهڻ سٺو، اڪيلو ٿيڻ نه جڳائي ۔۔۔ پر ڪهڙي خبر ته بائيڪ جو تيل ختم ٿيندو ۔۔۔ پر پوءِ به کٽين مٺين ڳالهين سان سهڻو ليک، سليمان وساڻ کي رني ڪوٽ جي ان تلاءَ تي پرين جي ڏسڻ جو شوق هيو، سو دعا آهي ته الله ڪري ڪٿي ڪا پري ملي وڃيس ۔۔۔ هههههههه توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون ۔۔۔ گڏ آهيو، ملڪ پنهنجي ۾ آهيو، گهمڻ ۽ جاکوڙ جا مزا به پنهنجا ٿين، سي ماڻيو ويٺا ۔۔۔ اوهان سان گڏ نه هجڻ جو افسوس به آهي ۔۔۔ تصويرن احوال کي جاندار ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ سدا سلامت رهو ۔۔۔
واهه واهه، بهترين سفر بابت اوهان جو ليک پڙهي مزو آيو خاص ڪري مرتضي ا واري ڳالهه ته بابا هتي ڳورپٽ آهن، يار واهه جي هنڌائتي ڳالهه ان کي ياد پئجي وئي اها ڳورپٽ واري اڪثر ڪري ڳوٺ ۾ ميلي ۾ اهو ٻڌاندا هئا سين ته هتي ڳورپٽ بلا به آندي اٿن۔۔هههههه، باقي سائين سليمان وساڻ صاحب پڪو پروگرام ڪري ويو هو جو جوگر بوُٽ پايون ويو ، نه ته مون وانگر اڳيئي نفيسڙو ماڻهو وري جوگر نه هجيس ها ته هوند پير ساڻا ٿي پونس ها۔
زندگيء ۾ نه چاهيندي به ڪي اهڙا پل اچي ويندا آهن جن کي مڙسي سان منهن ڏيڻو ئي پوندو آهي۔ زندگيء جا ڪي اهڙا واقعا به ٿيندا آهن جيڪي سڄي عمر ياد رهندا آهن ۽ اهڙن ئي واقعم مان هي به هڪ هيو. رات جو دير تائين انيس انصاري اڪيڊمي پاران منعقد ڪيل امداد حسيني جي جنم ڏينهن جي پروگرام ۽ محفل مشاعري ۾ ويٺا رهياسين، اهو سوچي ته سڀاڻي ته آرام ڪنداسين جو آچر جو ڏينهن آهي۔ صبح جو اهوئي جلدي اٿڻ واري عادت سبب اٿيس ۽ ڪمپيوٽر کولي فيسبوڪ نوٽيفڪيشن پڙهڻ ويٺس، موبائل سائلينٽ تي رکيل هيو ۽ اٿي ان کي چارج تي لڳائڻ لڳس ته چاچي الهداد گوپانگ جي ڪال آئي، چيائين ته دوستن کيرٿر تي هلڻ جو پروگرام جوڙيو آهي، اوهان حفيظ ۽ مرتضى اڌ ڪلاڪ ۾ تيار ٿي اچو ۔۔۔۔ خير وڏن کي جواب ڏيڻ ڏکيو لڳندو اٿم ۽ ٻيو ته اهو پاسو ڏٺل به هو، ڪڏهن به ان پاسي ڪونه ويا هئاسين. حفيظ کي فون ڪيم ، مرتضى کي اٿاريم ۽ اسان تيار ٿي جڏهن اوطاق تي پهتاسين ته خبر پئي ته بلوچستان جي لسٻيلي ضلعي جي ڳوٺ دُريجي ۾ سنگت کي رات جو اٺين بجي جي ڪا شادي جي دعوت مليل آهي۔ اسان ڪجهه ٻيو سوچي تيار ٿيا هئاسين ۽ اهو پئي سوچيوسين ته شام کان اڳ واپس اچي وينداسين. هاڻي ته واپسي به مشڪل هئي. خير جڏهن سنگت سان گڏ ناردرن باء پاس تي پهتاسين ته اسان مان گهڻن اها راء رکي ته يار حب ڊيم ڪڏهن ناهيون گهميا، اتان ٿيندا هلون. حب ڊيم ڇا ته سهڻي سائيٽ آهي !! قدرت طرفان ڏنل هڪ تحفو، نيري رنگ جو پاڻي، هڪ طرف جبل ته ٻئي طرف ڪراچي ...... هڪ وڏو پاڻيء جو ذخيرو جيڪو بلوچستان مان ايندڙ مينهن جي پاڻيء کي محفوظ ڪرڻ لاء ٺاهيو ويو آهي. ڪجهه تصويرون ۽ ڪجهه ٽهڪ ڏيندا اتان جلدي نڪتاسين. ڇو ته اسان ناشتو به ڪونه ڪيو هو سو اهو فيصلو ٿيو ته نوراني ڪراسنگ تي هوٽل تي هلڪي لنچ ڪجي. فراء ٿيل دال ۽ تازين مانين جو مزو وٺي چڪاسين ۽ چانهه جو انتظار پئي ڪيوسين ته هڪ تيز واچوڙو آيو، جنهن اسان کي مٽيء سان گڏ کڻڻ پئي چاهيو ... اتي ڪجهه دوست پنهنجن گاڏين ۾به اچي پهتا ۽ ايئن اسان جبلن جي وچان 200 ڪلوميٽر پري دريجي طرف روانا ٿياسين. ٻنهي طرف جبل هئا، ڪٿي ڳاڙهه سرا، پڪين سرن جهڙا، ڪٿي مٽي جا، ڪٿي سخت پٿراوان ۽ ڪٿي وري رنگ برنگي. ڪٿي سڌا ته ڪٿي ڏنگا، ڪٿي اونچا ته ڪٿي لسا ... بس قدرت جا رنگ ڏسندا پئي وياسين. الائي ڇو مرتضى ۽ نواز سانگي جبلن کي ڏسي ڊڄي رهيا هئا جو هنن کان رني ڪوٽ واري شير ڳڙهه وارو سفر ۽ سور ڪونه وسريا هئا. رستو سنگل پر تمام سٺو ٺهيل هو. هي علائقو 70 تائين سنڌ جو حصو هيو ۽ لسٻيلو سنڌ ۾ ئي هيو، پر پوء ون يونٽ ٽٽڻ کانپوء لسٻيلي کي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو. سمجهو ته اسان سپر هاء وي ۽ انڊس هاء وي جي پوروڇوٽ جبلن جي ٻئي ڀر هلي رهيا هئاسين. تمام گهٽ ۽ نه هجڻ برابر آبادي هئي. ڪٿي ڪٿي اٺن جا وڳ ۽ ٻڪرين جا ڪجهه ڌڻ نظر اچي رهيا هئا. روڊ جي هڪ طرف اسان کي پراڻا قبرستان نظر آيا جن جي اڏاوت ۽ نمونا چوڪنڊي جي قبرن جهڙا هئا، صرف ٿوهر جا وڻ نظر پئي آيا. هڪ ڊگهي سفر ۾ مرڪندڙ چهرن ۽ ٽهڪن سان اڳتي وڌندا رهياسين. اسان کي اتان هڪ روڊ ساڄي طرف نڪرندي نظر آيو جيڪو نبيل گبول جي ڳوٺ ٽِڪي ٻارڻ طرف وڃي رهيو هو. ياد رهي ته ٽِڪو ٻارڻ سنڌ جي سرحدن ۾ آهي. پوء دريجي جو قبرستان ۽ پوء دريجي جو خوبصورت شهر نظر آيو. دريجي ۾ سردار اسلم ڀوتاڻي ۽ سندس والد سردار صالح محمد ڀوتاڻي سٺي ترقي ڪرائي آهي ۽ صفائي سٿرائي به بهترين لڳي. روڊ جي کاٻي طرف ٽي وڏا جنريٽر نظر آيا جن مان واپڊا پاران مهيا ڪيل لائين کان اڳ بجلي پيدا ڪري علائقي کي مهيا ڪئي ويندي هئي ۽ هاڻي به لوڊ شيڊنگ يا ٻين مسئلن دوران بجلي مهيا ڪئي وڃي ٿي. جبلن مان ماربل جا وڏا ڇپن جيترا پٿر ڪڍيا پئي ويا، جن کي ٽرڪن ۾ لوڊ ڪري ڪراچي روانو پئي ڪيو ويو. هي اهي ئي علائقا آهن جن ۾ اڻ کُٽ معدنيات ڍڪيل آهي. اسان جي منزل اتان کان به 30 يا 35 ڪلوميٽر اڳتي بهلور طرف هئي. بهلور جي رستي تي هلندي ٻنهي طرف ڪڻڪ ۽ بصرن جا بهترين فصل نظر آيا، جيڪي ٽيوب ويلن جي پاڻيء ذريعي ڀريا وڃن ٿا. بهلور پهچي دوست شادي ۾ شرڪت ڪرڻ بجاء هڪ آفت جيڏي جبل طرف هلڻ لڳا، رستو بلڪل خراب هيو. جبل جي دامن ۾ پهچي گاڏي واري اڳتي هلڻ کان نابري واري ۽ اسان به اتي ئي بيهي رهياسين پر ڪافي دوست اڳتي هليا ويا ۽ چوٽيء تي چڙهڻ جو ازم ڪري وڌندا ويا. هاڻي هيٺ صرف مان، حفيظ، مرتضى، سراج ، چاچو الهداد ۽ نواز سانگي بچياسين، باقي دوست اڳتي هليا ويا. مان هيٺ رهيل دوستن کي چيو ته ٿورو مٿي هلي ڪجهه تصويرون ڪڍي واپس ٿا اچون ۽ ايئن جڏهن اسان تصويرون ڪڍي بيٺاسين ۽ واپسي جو پئي سوچيوسين ته اسان جي دوست قربان ڪلوڙ هڪ ڦٽ ڦٽي عرف موٽر سائيڪل آڻي هڪ دوست کي اڳي کڻي ويو، وري ٻئي کي ... هاڻي واپس ٿيڻ به سٺو نه پئي لڳو. اسان به مٿي هلڻ لڳاسين. هڪ چوٽي تي پهچو ته اڳيان ٻي چوٽي ۽ پوء قربان مونکي کڻي هلڻ لڳو ته دوستن مونکان پاڻيء جي بوتل به ڦري ورتي. هو مونکي کڻي بلڪل آخري چوٽي کان اڳ ڇڏي آيو، جتي مان اڪيلو هيس ۽ ٻي ڪابه آبادي يا ماڻهو نظر نه آيو. هيٺ ويندي سندس بائيڪ جو تيل پورو ٿي ويو ۽ هو ٻي ڪنهن سهولت لاء هيٺ لهي ويو. هاڻي مان اڪيلو هيس ۽ سڀ دوست ڪي بلڪل هيٺ ته ڪي وچ تي. شايد مان دوستن کان 10 ڪلوميٽر مٿي هيس. ويهي نظارا ڪرڻ لڳس، ڪيئي قسمن جا ٻوٽا، خاص ڪري پيش جا ٻوٽا جام نظر آيا جن مان کٽن جو واڻ ۽ رسيون ٺاهيون وينديون آهن. هيٺ نظر ايندڙ خوبصورتي به لاجواب لڳي رهي هئي، ڪيمرا به مرتضى وٺي ڇڏي هئي ۽ موبائيل جو ته سگنل ئي نه پئي آيو. هاڻي سج لهڻ لڳو ۽ منهنجي پريشاني به وڌڻ لڳي. ڪلاڪ گذري ويو ڪوبه مٿي ڪونه پهتو، هاڻي مونکي اڄ به لڳي رهي هئي ۽ اڪيلي هجڻ ڪري بوريت به ٿيڻ لڳي ۽ سج لهڻ وارو هو ته پريشان به ٿي رهيو هوس. هتي سخت سيء به محسوس ڪري رهيو هوس جو اتر جي تيز هوا لڳي رهي هئي، جنهن سبب چپ خشڪ ٿي چڪا هئا. ايتري ۾ هڪ دوست ڏاڏو ڌڻي بخش ڪلوڙ اچي پهتو ۽ مونکي به حوصلو مليو جو چوندا آهن ته ٻه ته ٻارهن . اسان آخري چوٽي تي پهتاسيي، جتان هن طرف سنڌ هئي ۽ هيڏانهن بلوچستان. سنڌ جي سرحدن ۾ موجود ڀت جبل جي وچ ۾ آئل ۽ گئس فيلڊ جون بتيون ٻري چڪيون هيو جيڪي جنگل ۾ منگل وارو ڏيک ڏئي رهيون هيون. ايئن سمجهو ته اسان سيوهڻ جي بلڪل سامهون هياسين. مٿي هاڻي سنئون سڌو پٽ هيو جيڪي ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تي مشتمل نظر پئي آيو. اوندهه ٿي چڪي هئي ۽ اسان واپسي شروع ڪئي. جبل جا وروڪڙ ۽ اونداهي ۽ اسان پياسا. هڪ ٻه چوٽيون هيٺ لٿاسين ته مان موبائل جي ٽارچ آن ڪئي جو هاڻي آئل فيلڊ جي بتين ۽ ٻئي طرف شادي ۾ موجود جنريٽر سان هلندڙ بتين کانسواء صرف آسمان جا تارا پئي نظر آيا ۽ گهگهه اونداهي. ايتري ۾ ماما تاج محمد ۽ شڪر ڇُٽو به مٿي اسان جي واهر لاء پهتا. گاڏين جو شايد بندوبست ڪونه ٿيو يا پوئتي ڪا صحيح خبر نه پئي، هاڻي سواء پيدل هلڻ جي ڪا ٻي واٽ ڪانه هئي. مونکي ميزبانن تي به سخت ڪاوڙ اچي رهي هئي، ته هنن ڪيئن نه لاپرواهي ڪندي پنهنجي مهمانن جي واهر ناهي ڪئي. وڌيڪ هيٺ هلڻ کانپوء ٻيا دوست به نظر آيا جيڪي اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا. اتان پوء 13 ڪلوميٽر هيٺ لهڻو پيو. جبل تان هيٺ لهڻ به ڪو سولو ڪونه هو. بريڪ ئي ڪونه پئي لڳا، ٻيو ته سخت اونداهي به هئي. ساڍي نائين بجي ڌاران هيٺ لهي آياسين ته خبر پئي ته اسان واريون گاڏيون به انتظار ڪري شادي ۾ هليون ويون آهن. ان جو مطلب ته 12 ڪلوميٽر ٻيو پنڌ ڪرڻو پوندو .... هاڻ بلڪل همت هاري ويٺو هئس ته ڪجهه موٽر سائيڪلون ايندي نظر آيم، شايد 5 موٽر سائيڪلون هيون ۽ اسان 13 ڄڻا هياسين. مون سميت ڪجهه دوست پهريان روانا ٿياسين. شادي واري ٽينٽ ۾ پهتاسين ته مان سڀني کي ڇڏي اسان واري يار مينهن ڇُٽي کي چيو ته يار ڪو پاڻي ڏس ته جيئن هٿ منهن ڌوئي وٺجي جو ڪو سڃاڻي ته سگهي. مينهن اسان جي نه پهچڻ ڪري گهڻو پريشان هيو. ايئن مان تازو ٿي واپس آيس ته ان وقت سردار اسلم ڀوتاڻي ۽ سندس ڪيئي ساٿي ٻاهر نڪري رهيا هئا. منهنجو ساڻن تعارف ڪرايو ويو ته هو ڪجهه منٽ مونسان بيهي حال احوال ڪرڻ لڳو ۽ پوء سڄي سنگت به پهتي. ماني ته جام هئي ۽ ڪيئي قسمن جا طعام هيا پر ٿڪاوٽ سبب ڪجهه کائڻ تي دل ئي ڪونه پئي چاهيو. سموري سنگت پوء به خوب کاڌو ۽ اسان رات جو يارهين بجي ڌاران اتان واپس روانا ٿياسين ۽ ڪي آرام ۾ هئا ته ڪي ڇا چئي رهيا هئا. مونکي به ننڊ اچي رهي هئي پر مرتضى ڪٿي ٿو ننڊ ڪرڻ ڏئي. جيترا هئا وات اوتريون هيون ڳالهيون.... ۽ پوء صبح جو چئين بجي ڪراچي پهتاسين، ٿڪاوٽ سبب ننڊ ئي نه آئي ۽ وري ستين بجي اٿي آفيس روانو ٿيڻو هو جو هڪ اهم ميٽنگ هئي.
اوهان دوستن جا حال ۽ احوال پڙهي ائين لڳو ڄڻ ڪا سسپينس ڀريل ڊارمو ڏسي رهيو هجان ۔۔۔ منظرنگاريءِ سان ڀرپور ليک پڙهڻ جو مزو مليو ۽ سليمان جي آپ بيتي ڪٿي ڀرون ۾ وڪڙ ته ڪٿي چپڙن تي مشڪ پئي آندي ۔۔۔ بس ائين چئجي ته واه جو ڊرامو ٿيو ۔۔۔ مٿان وري مرتضيٰ جا گفتا ۽ ڪچهري ته بس سڪايو ٿي ۔۔۔ خئير الله اوهانجو ساڻي هجي ۔۔۔ سدا سلامت هجو ۔۔۔ هر ڪم ڪار ٻه چار مجبوريون ۔۔۔ لک قرب بهلور گهمائڻ جا، پر يار اها ته ناانصافي چئبي جو سنڌ ملڪ جا ڪيترا ئي حصا ٻين قومن وٽ هليا ويا پر اسين ننڊ ۔۔۔ ڇا ڪجي؟ پنهنجن جي ڪيل آهي۔!!!!!
واه سائين کيرٿر جبل جو سير عبدالحفيظ لغاري اهڙي نموني ڪرايو ڄڻ ته گڏ هجي خاص ڪري مرتضي جا ٽوٽڪا، ۽ رني ڪوٽ وارو خيال وري موٽر سائيڪل وارو همراهه جنهن محترم سليمان وساڻ کي گم ڪيو شابس هجي سليمان کي جو 10 ڪو ميٽر پيدل گهمندو رهيو اهو به اڪيلو وري بلوچستان ۾ مونکي ته تصور ڪندي به خوف ٿو اچي۔ تصويرون ڏسي دل گهري پئي ته ڪاش اتي مان به هجان هان، توهان جو سفر سٺو رهيو خير سان سلامت موٽي آيا خوشي ٿي شل اهڙا سفر قائم رهن۔ ٻنهي دوستن جي لکڻين جو انداز ته آهي ئي لاجواب پيرائيتي آپبيتي ٻڌائڻ لاءِ مهرباني سنڌ سلامت ساٿ سلامت
تمام بهترين سفر مطلب ته پڙهندي اسان کي به ائين لڳو ته اسان به اوهان سان گڏ هيا سين پر هڪ ڳاله طي آهي جي مان سليمان سان گڏ هجان ها ته اصل گم ٿيڻ نه ڏيانس ها خير يارن جي ياري به ڀلي رهي پر سليمان کي اڳتي وڌڻ جو گهڻو شوق آهي ان ۾ ڪجه ته پريشانيون ٿينديون نه ابا خير تمام بهترين سفر تمام بهترين انداز ۾ بيان ڪيو اوها انشآء الله زندگي رهي ته ضرور اسان به گهمندا سين
اڪيلو نه ڪَن جي اهڙا يار آهِن ڳوليا مون وساري نه وِسرَن جي اُهي پنڌ آهِن ڪيا مون! جبلن ۾ گُذريل اُها شام شايد ڪڏهن به نه وِسري. پر اها به هڪ حقيقت آهي ته دُشمنن جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيڻ ڏيندڙ دوستن مان هڪ مينهل اسان جو مُنهن چيو ميزبان هون. جي ها منهنجو يار حاجي مينهَن ڇُٽو ۔ ۔ ۔ ۔ حاجي مينهَن کي ڪير نه سُڃاڻي. شل نه ڪو قوم پرست ڪا ناداني ڪن هن کي جهڙو وجهه مليو ۽ اهڙا وجهه کيس روز ملندا رهن ٿا. منهنجو يار آهي ۽ ڏاڍي عزت ڪندو آهي پر هڪ دفعي جذباتِ خِطاب ۾ اچي اسان ٻروچن کي هڪ اجتماعي ڪچي گار ڏيئي ڪڍيائين. جلدي احساس ٿيس ته لغاري ٻروچ آهن. پوءِ ته منهنجي نه ڪاوڙجڻ تي به ٻه ٽي هفتا معافيون گهُريائين. مون سمجهايومانس ته تون ڇُٽو آهين ذات جو به ته هن معاملي مان به. اسان سان اسان جو پنهنجو لغاري حمل به جُٺ ڪري ويو سو تو تي ڪهڙي ميار. هونئن جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ پر کير ٿر جي جبلن ۾ انهي شام جي سفر ۾ ڪنڌ ڪڍائي هن سِر وڃائڻ جو پڪو بندوبست ڪيو هو پر مولا بچايو.
ادا سليمان ذيشان رشيد ته علي سان الائي ڪٿي ڪٿي پيو گهمي ڄامشوري ڀرسان وڏيون وڏيون خوبصورت ماڻهن جون دعوتون پيو کائي همراهه مزن ۾ آهي
کيرٿر جي حُسن جي باري ۾ اسان ٻڌندا آيا آهيون پر قدرت جي حسين نظارن کي روبرو ڏسڻ توهان جي نصيب ۾ لکيل هو... جلدي جلدي ۾ پروگرام ٺاهڻ سان اهڙا ننڍڙا وڏا مسئلا ٿيندا رهندا آهن پر اوهان سڀني کي شابس آهي جو جهنگ ۾ منگل ڪري آيو..
ادا جيڪڏهن ادو ذيشان رشيد به ڄامشورو مان علي علي سميت گذري ويو ۽ اسان کي يادگيري نه ڪيائين ته اها سندس مٿان اسان جي وڏي ميار آهي.
مان ڪوهستاني آهيان کيرٿر جبل کان15 ڪلوميٽر اولهہ تي تاريخي قبرستان مرشد ڄام لوهار جي نالي تونگ ۾ رهندو آهيان ڪڏهن ڪنهن دوست جو اچڻ ٿي تہ خدمت جو موڪو ضروري ڏجو