رات دير سان سُمهي صبح آرام سان اُٿڻ جو مزو وٺي اڃان اک کولي ئي مس هئي ته سليمان وساڻ جو فون آيو ته جلدي تيار ٿي بلوچستان پاسي هلڻو آهي؟ ڇو، ڪيستائين ۽ ڪڏهن موٽبو جو جواب نه وٽس هو نه مون کي ڏنائين ۽ آئون به تڙ تڪڙ ۾ بنا ناشتي جي بس چانهه جي ڪپ تي هن وٽ پُهتس. . گاڏي تيار هئي . . سڀ دوست پُهچي چُڪا هئا. هِتي خبر پئي ته سڄي سنگت کي هڪ شادي جي دعوت ۾ هلڻو آهي جنهن کي دوستن کير ٿر جبل جي تفريحي مقام جي سير جو رنگ ڏِنو آهي. کيرٿر بابت تفصيلي ليک اڳي به پڙهيا هئا سو ڏسڻ جو شؤق به هو . . . هاڻي بس رڳو قربان ڪلوڙ رهيل هو جنهن کي کڻڻو هو . . کڻڻو ڇا هو هٿ سان موت جي منهن ۾ وڃڻ جو سامان پاڻ سان کڻڻو هو . . چوڏهن ماڻهن جو هڪ ننڍو قافلو ويگن ۾ سٿجي صبح يارينهن بجي سچل ڳوٺ کان نڪتو . . ناردرن باءِ پاس وٺي ڪو چاليهارو ڪلوميٽر هليا هونداسون جو ساڄي هٿ تي مُڙڻ جو فيصلو ٿيو. سنگت جو خيال هو ته سڏ پنڌ جي فاصلي تي موجود همدرد يونيورسٽي واري روڊ تي حب ڊيم موجود آهي اهو ڏِسجي. . .پر اهو سڏ وارو پنڌ نه هو پُراڻي زماني جي لڪڙ تار وارو سڏ هو. . .رستو ٽُٽل ۽ ڊگهو. . مس مس وڃي ڊيم تي پُهتاسين. . .ڊيم جو نظارو ڏسڻ وٽان هو پر موسم جو ساٿ نه هو. .گرمي ۾ ڪُجهه فوٽو ڪڍياسون ۽ نوراني نور هر بلا دور جو بورڊ پڙهي شارٽ ڪٽ وٺي نڪتاسين ناردرن باءِ پاس طرف. . اهو واقعي هڪ بهترين شارٽ ڪٽ هو. ڪافي وقت جي بچت ٿي. . حب ڊيم کان پوءِ هڪ نئين حب ندي ٽپندي ئي بلوچستان جي سرحد شروع ٿئي ٿي. . .هي اُهو علائقو آهي جيڪو تقسيمِ هند کان اڳي توڙي پوءِ به سنڌ جو حصو رهيو هو پر ڪُجهه مصلحتن تحت ون يونٽ ٽٽڻ کانپوء بلوچستان کي ڏِنو ويو.
اهو هڪ سِنگل روڊ هو جيڪو ڏاڍو طويل هو. کُٽڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. تقريبن ٽي ڪلاڪ جي مسافري کان پوءِ اسان بهلور نالي هڪ ڳوٺ ۾ پُهتاسين جتي شادي جي دعوت هئي. انهي کان اڳ ۾ دُريجي نالي هڪ وڏو ڳوٺ آيو جيڪو ڇا ته ڳوٺ هو. بهترين بنگلا، پارڪ ۽ روڊ. پر خبر پئي ته اهو سابق صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر رئيس اسلم ڀوتاڻي ۽ سندس والد سابق نگران وزير اعلى بلوچستان صالح محمد ڀوتاڻي جو ڳوٺ آهي تهنڪري ايترو بهترين اڏيل آهي. هونئن به روڊ تي ڪافي ترقياتي اسڪيمن ۾ ڀوتاڻي صاحب جو نالو پئي نظر آيو. ۽ هُتي جي ماڻهن به ٻُڌايو ته هو هِتي جا سردار آهن. ۽ ٻَڌي ڇوڙي جا مالڪ آهن. ان کان ٿورو پهريان سابق وفاقي وزير نبيل گبول جي ڳوٺ ٽڪي ٻارڻ جو بورڊ ۽ نئون ٺهيل روڊ پڻ نظر آيو۔
اسان شادي هال بجاءِ سڌو کير ٿر جي چوٽين تي چڙهڻ جي شوق بلڪه ناداني جي چڪر ۾ اڳتي هلندا وياسين. هتي توڙي جو ويگن نه پئي هلي سگهي پر پوءِ به ڪنهن مهل خالي ته ڪنهن مهل ڀريل هلندي هلندي اسان کي کير ٿر جبل جي ويجهو پُهچايائين. ڪافي دوستن اسرار ڪيو ته ويگن مٿي هلي پر مٿي وڃڻ لاءِ مناسب رستو نه هُجڻ ڪري گاڏي هُتي ئي بيهي رهي. دوست ٽِن ٽولن ۾ ٿي ويا. هڪڙا اُهي جيڪي بنا ڪنهن پُڇڻ صلاح جي نڪري پيا هِن جبل سر ڪرڻ لاءِ اڌي گابري ڪچي پڪي وڊ تي. ڪُجهه انهن کي ڏِسي انهن جي پويان هلڻ لڳا. پر آئون، سليمان، چاچا الهداد گوپانگ، نواز سانگي ۽ @غلام مرتضىٰ وساڻ اڳي ئي شير ڳڙهه (رني ڪوٽ) جو تجربو ڪري چُڪا هئاسين سو آخر ۾ رهياسين. پر سليمان چيو ته ڀلا ٿورو اڳتي هلي فوٽو ڪڍڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي ۽ اهو حرج ئي وڏي حرجاڻي جو باعث بڻيو. ٿيو ايئن جو اسان اڃان ڪُجهه اڳتي هلياسين ته نواز سانگي هلڻ کان نابري واري پوئتي ويهي رهيو، چاچا الهداد به همت هاري، . پر اسان جيڪا قربان ڪلوڙ نالي جيڪا هر فن مولا شخصيت اسان گڏ کنئي تنهن مٿي وڃي ڪنهن همراهه کان موٽر سائيڪل ورتي ۽ جيڪي سُست هئا تِن کي هو اڳتي کڻي هلڻ جو ڪم شروع ڪيو. پهريان هُن چاچا الهداد کي سڀ کان اڳتي هلندڙ گروپ سان وڃي ملايو. تنهن کان پوءِ هو واپس اچي نواز سانگي کي کڻي اچي اسان وٽ پُهچايو. ۽ هِتان اسان جي پياري ۽ نازڪ نفيس دوست سليمان وساڻ کي کنيائين. سليمان جنهن لاءِ @نثارابڙو جن جو چوڻ آهي ته هو مرحوم چاچا محرم علي جو ڌيئرن جهڙو پُٽ آهي تنهن کي قربان ڪلوڙ وڃي ڪٿي ڇڏيندو اها خبر هُجي ها ته اسان قطعي کيس نه ڇڏيون ها. پر ڪلوڙ ساڻس ڪلور ڪندي کيس پهرين جوڙ کان به ٻه ٽي ميل اڳتي ڪو وڃي چوٽي تي ڇڏيو. جتان واپسي تي گاڏي جو تيل ختم ٿي ويو جيڪا هُن واپس ڪئي. ۽ اسان جي همت اڳي ئي کوٽ ۾ هئي سو جلدي بس ڪري ويٺاسين. ڇو جو جبل تي پنڌ ٻارهن ڪلوميٽر جو پنڌ ڪو مذاق ناهي. هاڻي فڪر سليمان جي ۽ آس پاس موجود خطرناڪ جانورن جي. اها ڪيفيت بيان ڪرڻ کان مٿي آهي ته ڪيئن اها ڪشمڪش جي هڪ هڪ گهڙي تي مبني انتظار جي حالت ۾ گذري. . . موبائيل فون ڪم نه ڪن. ڪا سواري هُجي ڪونه ۽ سج ڪڏهوڪو لهي چُڪو. بس رڳو اهو آسرو ته جوڙ مان هڪ ٻيو همراهه به مٿي آهي بس اهي ٻئي پاڻ ۾ مليا هُجن ته خير ٿئي. ڪو ڪلاڪ ڏيڍ جي انتظار کان پوءِ مٿان کي موبائيل فون جي روشني نظر آئي ۽ ساهه ۾ ساهه پيو. سليمان موٽيو ته کيس شديد اُڃ هئي. ٿڪل هو ۽ پريشاني کان پوءِ ڪُجهه ڪُجهه مطمئن هو.
هيٺ لهندي مهل گهڻي ڏکيائي ته نه هئي پر مرتضىٰ جو رڙيون ته هتي جا ماڻهو چون ٿا ڳورپٽ ماڻهو کائي ٿي. ڳورپٽ جنهن جو ننڍي هوندي کان نالو ٻُڌون پيا، سا انهي پاسي جام آهي. اصل ۾ ڳورپٽ ڪو جانور آهي ئي ڪونه. هر اُهو جانور جيڪو قبرن مان لاش ڪڍي کائي تنهن کي گور (معنىٰ قبر) + پَٽ (معنىٰ پٽيندڙ، کوٽيندڙ) چيو ويندو هو. جيڪو ڪُجهه ڦِري ڳورپٽ ٿي ويو. اهو ڪم ڪُتا ۽ گدڙ گهڻو ڪندا آهن. پر اسان جيئن ته اڃان زنده هئاسين سو ڳورپٽ کان ڊپ اجايو هو. ها باقي نانگ بلا جو ڊپ ضرور هو.
اسان ٻيهر جڏهن 12 ڪلوميٽر هيٺ لهي پهتاسين ته خبر پئي ته ويگن وارا همراهه به وڃي شادي ۾ پهتا آهن، هاڻي وري هتان کان 13 ڪلوميٽر اڻانگو پنڌ ڪرڻ ممڪن نه هئو۔ اتي اسان جي ميزبانن اسان لاءِ موٽر سائيڪل موڪليون ته جيئن هو اسان کي شادي واري ڇني تي پهچائين. مون ۽ مرتضى جنهن موٽر سائيڪل تي سفر ڪيو سا ڪنهن خاصخيلي ٿي هلائي. کائنس مرتضى ڪافي سوال ڪيا جنهن جي جوابن جو تت اهو هو ته هن علائقي ۾ خدا کان پوءِ ڪنهن کان ڊڄي ٿو ته اهو رئيس اسلم ڀوتاڻي آهي. هو سندس رستي اڳيان بيهڻ جي به جرئت نه ٿا ڪن. پر پوءِ سندس دل سان عزت به ڪن ٿا. علائقي واسين کي ڏاڍو ڀانئي ٿو. هتي ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۾ پيش پيش آهي. سليمان وساڻ جي ساڻن مختصر عليڪ سليڪ به ٿي ۽ سليمان به چيو ڪافي سٺي شخصيت آهي. . . هتي ماڻهن جوگذر سفر فصل ۽ چوپائي مال تي آهي. ۽ جر جي مٺي پاڻي تي زمينون خوب آباد ٿين ٿيون. امن امان جي ڪري سڪون سان رهون ٿا.
شادي جي دعوت ۾ ماني ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ ٻين ماڊرن ۽ روايتي ۽ لذيذ ڊشز سان هئي. خاص ڪري سجي ته بهترين لڳي. ماني کائي واندا ٿياسين ته دل ته چيو ته پاڻ ڊگهيڙي سُمهي پئجي پر سڀني کي اڳئين صبح جي ڊيوٽي جي فڪر هئي. سو اٿي کڙا ٿياسين. واپسي جي سفر ۾ هنن جي علائقي جو ماڻهو اسان سان گڏ هو. ڪافي دير تائين کائنس هُتان احوال پُڇندا آياسين. ۽ مرتضى جا ڀوڳ به گاڏي ۾ ٽهڪڙو مچائيندا رهيا. جڏهن بلوچستان ۽ سنڌ کي الڳ ڪندڙ حب ندي جي بند مراد مان گهرڻ لڳاسين ته سڀ گاڏيون گڏ ٿيون ڇو ته اها ندي ڪافي خطرناڪ آهي. ڦُر ۽ ڌاڙن جي ڪري . . .
اسان صبح چار بجي ڪراچي پُهتاسين. او اهڙو ٽائيم آهي جيڪو ڪنهن شرارتي ٻار جهڙي شهر ڪراچي کي به ان وقت ماٺو ڪري سُمهاريو ڇڏي. . .نه رستن تي گهڻي ٽرئفڪ نه ماڻهو نه گوڙ شور. . .پُرسڪون شهر . .
اُهو لمحو جڏهن سليمان کي قربان ڪلوڙ وٺي گُم ڪرڻ لاءِ نڪتو

ساڄي کان (ظهير ڪلوڙ، ڏاڏا ڪلوڙ، عاشق ڪلوڙ، سراج الدين ميمڻ، رب نواز ڀُٽو، محمد سليمان وساڻ، نواز سانگي، عبدالحفيظ لغاري، غلام مرتضى وساڻ






وڌيڪ تصويرن ڏسڻ لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔