
جوزف ڪالوني
مسرور پيرزادو
جوزف ڪالونيءَ ۾ جاني !
ڇا ڇا ڏس ته سڙي ويو آهي !
ڪيڏا آهن خواب سڙي ويا،
ڪيڏا پاڪ ڪتاب سڙي ويا،
ڪين ٽڙيا ها جيڪي سي ڀي،
سارا يار ! گلاب سڙي ويا.
ٻارن جا رانديڪا سڙيا،
مائن جا ڀي سپنا سڙيا،
دهشت جي هن باهه ۾ سارا،
انسانيت جا نعرا سڙيا.
دين سندو ڀي درس سڙيو آ،
مذهب محبت ڪين بڻيو آ،
محبت بدران ماڻهن ۾ هِت،
مُلن ڏاڍو زهر ڀريو آ.
سڙيل گهر ته ٺهي ويندا پر،
ڪين سُڪون پُراڻو ملندو،
خاڪ ٿيو جو خوابِ مُحبٽ،
ڪين وري سو ٻيهر جڙندو.
جوزف ڪالونيءَ ۾ جاني !
ڇا ڇا ڏس ته سڙي ويو آهي !
________