مسرور پيرزادو جوزف ڪالونيءَ ۾ جاني ! ڇا ڇا ڏس ته سڙي ويو آهي !

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
313pwk1.jpg

جوزف ڪالوني

مسرور پيرزادو


جوزف ڪالونيءَ ۾ جاني !
ڇا ڇا ڏس ته سڙي ويو آهي !

ڪيڏا آهن خواب سڙي ويا،
ڪيڏا پاڪ ڪتاب سڙي ويا،
ڪين ٽڙيا ها جيڪي سي ڀي،
سارا يار ! گلاب سڙي ويا.

ٻارن جا رانديڪا سڙيا،
مائن جا ڀي سپنا سڙيا،
دهشت جي هن باهه ۾ سارا،
انسانيت جا نعرا سڙيا.

دين سندو ڀي درس سڙيو آ،
مذهب محبت ڪين بڻيو آ،
محبت بدران ماڻهن ۾ هِت،
مُلن ڏاڍو زهر ڀريو آ.

سڙيل گهر ته ٺهي ويندا پر،
ڪين سُڪون پُراڻو ملندو،
خاڪ ٿيو جو خوابِ مُحبٽ،
ڪين وري سو ٻيهر جڙندو.

جوزف ڪالونيءَ ۾ جاني !
ڇا ڇا ڏس ته سڙي ويو آهي !

________
 
مذمت لائق عمل ڪيو ويو ، اسلام جي نالي کي غلط استعمال ڪيو ويو ، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ۔
هن واقعي مان معلوم ٿيو ته اسان مسلمان ته سڏايون ٿا پر اسلام جي اصل روح کان محروم آهيون ، مجرم هڪ شخص ۽ رد ۾ بيگناهن کان پلاند الائجي ڪٿان جو دستور آهي ، هن جا تي ڪو شدت پسند ۽ طالبان ملوث لڌو نه ويو پو اهڙي ڪڌي ڪم جو سهرو ڪنهن جي گلي ۾ وجهجي ، ڏسون ٿا اڳتي اها ڳالھ ڪٿي ٿي دنگ ٿئي ، اهڙي قسم جا واقعه سيتا روڊ ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به ڏٺو ويو تنهن جا پيرا به الائجي ڪاٿي وڃي گم ٿيا ، تجزيه نگارن جي تجزيي جو انتظار آهي ته ڳالھ کي ڪهڙو رنگ ڏين ٿا جيسيتائين ماٺ ڀلي !!!
باقي ملان هوئين نشاني تي آهن جنهن کي شاعري ۾ به فوڪس ڪيو ويو آهي!
 
ڪيڏا آهن خواب سڙي ويا،
ڪيڏا پاڪ ڪتاب سڙي ويا،
ڪين ٽڙيا ها جيڪي سي ڀي،
سارا يار ! گلاب سڙي ويا.

سهڻي شاعر مسرور پيرزادي جي شاعري وڻي، خوبصورت خيال سهڻو نظم آهي
وڻندڙ ڊزائين
 
Back
Top