”ساڳيو ڳن ساڳي ڪهاڙي“

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    عمرڪوٽ جا سياسي کيڏاڙي ۽ چونڊن جو شروع ٿيندڙ چهچٽو
    ”ساڳيو ڳن ساڳي ڪهاڙي“
    سنڌو ماٿري جي شاندار تاريخ جي وساريل وشال ورقن پنهنجي نوعيت جي بلڪل ئي ڌار سڃاڻپ رکندڙ عمر ڪوٽ ضلعو توڙي جو اڄ پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ توڙي عروج وڃائي چڪو آهي پر سنڌ جي هن تاريخي پرڳڻي کي هاڻوڪي وقت ۾ پڻ انتهائي اهم حيثيت حاصل آهي، ٿر، مهراڻي ۽ بئراجي پٽي جي ميلاپ واري هنڌ واقع هي خطو اڄ به سنڌ جي مانائتي، سڀيتا، ثقافت ۽ تهذيب جو هڪ اهڃاڻ آهي جتي اڄوڪي جديد سائنسي دور ۾ پڻ سنڌ جي شاندار ماضي جو اولڙو پسي کن پل لاءِ سهي پر سنڌيت جو احساس تازو ٿي وڃي ٿو، ماضي ۾ سنڌ جي راڄڌاتي رهندڙ هي خطو اڄ وسيلن سان مالا مال هئڻ باوجود ڄڻ ته نڌڪڻو نظر اچي ٿو.
    عمرڪوٽ سنڌ جو اهو ضلعو آهي جتان عام لوڪ پنهنجو ووٽ ڏئي هتن جي نمائندن کي سنڌ جي وڏي وزارت گونر، اسپيڪر. صوبائي وزارتن، وفاقي وزارتن، توڙي سينٽرن جهڙن اهم عهدن تائين پهچايو آهي پر هن ضلعي جي تقدير ۾ ڪاتبديلي اچڻ بدران هر ايندڙ ڏينهن هتان جي عوام کي مڙني بنيادي سهولتن کان محروم پئي رکيو ويو آهي، هاڻي جڏهن ته موجود پيپلزپارٽي جي حڪومت جا پڄاڙڪا پهر آهن ۽ هڪ طرف سنڌ جي قوم جي حقن جا بکيا اڊيڙيندڙ حڪمران ۽ سندن حامي پنج سال پورا ٿيڻ جي خوشي ۾ دهل وڃائي شادمانا ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف عام لوڪ اڄ نه اٽي‏، لٽي ۽ اجهي لاءِ واجهائيندي ساڳي سين هڻي ٻاڏائي رهيا آهن پر سرڪار سنڀاليندڙ چون ٿا ته اسان کير جون نديون وهائي ڇڏيون آهن، ڪنهن کي نظر نٿيون اچن ته اسين ڇا ڪريون!!
    عمر ڪوٽ ضلعو چئن تعلقن، عمر ڪوٽ، ڪنري، پٿورو ۽ سامارو تي ٻڌل آهي جڏهن ته ضلعي ۾ 27 يوسيز آهن، هن وقت عمر ڪوٽ ضلعي جي آبادي يارنهن لک کان وڌيڪ آهي، ضلعي ۾ٽوٽل رجسٽرڊ ووٽن جو تعداد 3 لک 67 هزار 793 آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران ضلعي ۾ ڪل 277 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن. جن ووٽرن جي حوالي سان عمرڪوٽ ضلعي ۾ اهم ۽ چونڊ نتيجن تي اثر انداز ٿيندڙ ڳالهه اها آهي، ته هتي ٽوٽل آبادي جي اڌ کان وڌيڪ يعنيٰ اڪثريتي آبادي هندو برادري جي آهي، ضلعي ۾ هڪ قومي اين اي 228 تي صوبائي پي ايس 70 پي ايس 69 پي ايس 68 تڪ آهن جن تي ماضي ۾ اقليتي برادري جو ووٽ انتهائي اهميت جو حامل ۽ چونڊ نتيجن تي فيصلائتو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.
    گذريل اليڪشن ۾ هتان جي هڪ قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تان پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي هئي، هون به ماضي ۾ عمرڪوٽ ضلعي ۾ پيپلز پارٽي جي ووٽرن جي اڪثريت رهي آهي. سڄي سنڌ جيان هتان جي عام لوڪ به شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي ووٽ ڏنا پر موٽ ۾ کين زلالت کانسواءِ ڪجهه به پلئھ نه پيو، پ پ جي گذريل پنج سالن دوران ايم اين اي جي سيٽ کٽيندڙ ۽ پ پ جي سينيئر اڳوڻ نواب يوسف ٽالپر کي سندس تڪ جا غريب، بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهو پنجن سالن تائين ڳوليندا رهيا ڀر سائين جن ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زرعي زمين واري اوطاق مانجها ڪر ۽ عمر ڪوٽ جي هڪ پيٽرول پمپ کانسواءِ ڪٿي به نظر نه آيو، نواب يوسف ٽالپرمختلف وقتن تي ميڊيا آڏو سرڪار پاران ڪجهه به نه ملڻ جو دانهون پڻ ڪندو رهيو، جڏهن ته پي ايس 68 تان ايم پي اي ٿيندڙ نواب يوسف ٽالپر جي فرزند نواب تيمور ٽالپر جو پنهنجي تڪ واسي سان تعلق به روايتي رهيو.ڪنري واري تڪ تي ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر تي فقط پنجابي برادري کي نوازڻ جا الزام لڳندا رهيا، تعلقي پٿوري جي صوبائي تڪ پي ايس 69 تان حاجي علي مراد راڄڙ سيد مظفر حسين شاهه کي هارائي سوڀارو ٿيو پر علي مراد راڄڙ پنج ئي سال”نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئو“ واري ريت تي قائم رهيو، موصوف جي چونڊ مهم دوران هڪ وڏيري پنهنجي ڳوٺ مان 50 ميگھواڙن جا گهر پ پ کي ووٽ ڏيڻ جي پاداش ۾ لڏائي ڇڏيا پر ايم پي اي ٿيڻ بعد علي مراد راڄڙ ڪڏنهن به انهن مسڪين ماڻهن وٽ لنگهي وڃڻ جي زحمت به نه ڪئي، عمرڪوٽ جي اهم صوبائي تڪ پي ايس 70 تي انتهائي سرگرم رهندڙ، مختلف ننڍن وڏن پروگرامن ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ ايم پي اي ٿيڻ بعد صوبائي وزارت ماڻيندڙ سيد علي مراد شاهه جي اوطاق تي ٻاروهي ميلا متل رهيا آهن پر عام لوڪ جو خيال آهي ته سائين جن پڻ منظور نظر ۽ مخصوص ماڻهن کي نوازڻ واري روايت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو مجموعي طور تي پنجن سالن دوران هتان جي چونڊيل نمائندن هڪ ٻئي خلاف ڪرپشن جا الزام هڻندي، ڪامورن جي بدلين مقررين، ٺيڪن ۽ سرڪاري پلاٽن تي قبضن وارن معالمن تي وڙهندا رهيا. خاص ڪري نواب يوسف ٽالپر ۽ سيد علي مراد شاهه جا اختلاف ۽ هڪٻئي خلاف بيان بازي مسڪين خلق لاءِ دلچسپي ۽ تفريح جو سامان مهيا ڪندا رهيا، ان دوران چئني تعلق مان ڪروڙين رپين جو اسڪيمون، صوبائي توڙي وفاقي فنڊ به آيا پر اهي ڪروڙين رپيا من پسند ٺيڪيدارن ۽ واهه واهه ڪندڙن جي کيسن ۾ هليا ويا، ڪميونٽي سينٽرن جي نالي تي وڏيرن کي اوطاقون ٺهرائي ڏنيو ويون، عام لوڪ امداد ۾ هڪ پنج ڪلو جي اٽڙي جي ٿيلهي ۽ سير گيهه کنڊ لاءِ به وڏيرن جي سفارشي چٺي جو محتاج رهيو. اڄ به ضلعي جي شهرن ۾ پورهيت ٻن ويلن لاءِ پريشان آهي. جڏهن ته ٻهراڙين ۾ مسڪين هاري عورتون ۽ ٻار اجھي لٽي ۽ اٽي کان محروم آهن، اڄ به غريب هارياڻي هارپو ڪندي ٻٻر جي ٺاري ۾پنهنجي چني جي لوڏ ٻڌي پورهيو ڪري وڏيرن جا بڀ ڀري پاڻ بکئي پيٽ سمهي ٿي.
    اهڙي صورتحال بعد خلق جي ذهنن ۾ ڪنهن حد تائين تبديلي جي هوا گهلڻ لڳي آهي، مسڪين ماڻهو هاڻي روايتي نعرن تي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪندي نظر اچي ٿو، پر سڄي سنڌ جيان عمرڪوٽ ضلعي ۾ پڻ پ پ اها دعويٰ ڪري ٿي ته اسان کانسواءِ متبادل ڪوبه ناهي، جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ جيڪڏهن پ پ مخالف سموريون قوتون گڏ ٿين ته پ پ لاءِ چونڊ کٽڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو، توڙي جو فنڪشنل ليگ جو گذريل ناظمي وارو دور به عمرڪوٽ لاءِ واکاڻ جوڳو ڪونه رهيو، مشرف دور ۾ عمرڪوٽ جي حڪمراني فنڪشنل ليگ حوالي هئي پر فنڪشنل جي ناظمن پڻ عوام جو رت چوسڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي.
    عمرڪوٽ جي هڪ قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي ايندڙ چونڊن لاءِ پيپلزپارٽي پاران ساڳيا اميدوار متوقع ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته گذريل چونڊن ۾ محترمه جي شهادت باوجود 30 هزارن کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ ۽ ڪجهه عرصو اڳ ۾ فنڪشنل ليگ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ نوجوان انجنيئر قاسم سراج سومرو کي مخالف ڌر جو مضبوط اميدوار سمجهيو وڃي پيو، واضح رهي ته عمر ڪوٽ ۾ پ پ کانسواءِ فنڪشنل ليگ خاص ڪري حر جماعت، جيلاني جماعت ۽ غوثيه جماعت جو مضبوط ووٽ بئنڪ آهي. جيڪڏهن غوثيه جماعت جو سرواڻ شاهه محمود قريشي پاڻ عمر ڪوٽ ۾ ڪيمپ قائم ڪري سڀني پ پ مخالف جماعتن کي گڏ ڪري چونڊ وڙهي ٿو ته پ پ کي ڏينهن جاتارا نظر اچي سگهن ٿا، جڏهن ته پي ايس 68 تي ارباب گروپ جي ڄام ميمڻ سندس پٽ دوست محمد ميمڻ پڻ پنهنجو مضبوط ووٽ بئنڪ رکندڙ اميدوار آهي، پٿوري واري پي ايس 68 تي فنڪشنل ليگ جي ووٽرن جي اڪثريت آهي. جڏهن ته ساڳي تڪ تي جيلاني جماعت جو سرواڻ پير تاج حسين شاهه جيلاني پڻ ارباب گروپ طرفان متوقع اميدوار آهي جنهن جي جماعت جو پڻ عمر ڪوٽ ۾ وڏو ووٽ آهي. پي ايس 70 تي فنڪشنل ليگ پاران اتحادين سان گڏجي جيڪڏهن قاسم سراج سومرو چونڊ وڙهي ته اهو پ پ لاءِ ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته وڏيرا شاهي ۽ پنهنجا نواز پاليسي کان تنگ، خاص ڪري نوجوان طبقي ۾ انجنيئر قاسم سراج سومرو پسنديده اميدوار آهي، جيڪڏهن ارباب گروپ، جيلاني جماعت، غوثيه جماعت ۽ ننڍا وڏا گروپ گڏجي پ پ خلاف چونڊ وڙهن ته پ پ کي شڪست ملي سگهي ٿي پر اهو عملي طور تي ايڏو آناس ڪونهي ڇاڪاڻ ته اليڪشن جو طبل وڃڻ باوجود پ پ مخالف جماعتن پاڻ ۾ مقامي سطح تي اتحاد نه ڪيو آهي جيڪڏهن مخالف جماعتون ڇڙوڇڙ وڙهن الڳ الڳ چونڊ وڙهڻ ٿيون ته پوءِ عمر ڪوٽ مان پ پ جي ڪاميابي جا چٽا امڪان آهن. ٻي طرف چونڊن ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندڙ هندو برادري اڪثريت ۾ هئڻ باوجود پ پ مان مايوس ٿي وئي آهي، مجموعي طور تي هتان جي چونڊيل نمائندن اقليت کي مڪمل نظر انداز ڪيو آهي. پ پ دور ۾ هتان جا ڪيترائي هندو واپاري اغوا ٿي ڪروڙين رپيه ڀنگ ڀري آزاد ٿيا، هندن جي گهرن مان ڦر ۽ چوري معمول جي ڳالهه آهي.انهي ڪري ايندڙ چونڊن ۾ اقليتي برادري جي مختلف ذاتين جو موڊ تبديل نظر اچي ٿو، جڏهن ته پ پ مخالف جماعتن پاران متوقع طور تي، شاهه محمود قريشي، خالد سراج سومرو، دوست علي ميمڻ، فقير جادم مڱريو، ڄام ميمڻ، ميرامان الله ٽالپر ، مير انور ٽالپر، پير تاج حسين شاهه جيلاني، حاجي عمر مڱريو، قمرالدين مڱريو، سيد غلام رسول شاهه، ذوالفقار خاصخيلي اميدوار ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته پ پ سان تعلق رکندڙ اقليتي اڳواڻ لال مالهي صوبائي سيٽ لاءِ ڪوشش ۾ رڌل آهي. پ پ ۾ هئڻ باوجود مخالف ڪيمپ سان رابطي ۾ آهي، جڏهن ڪشنچند سپارواڻي پڻ متوقع اميدوار ٿي سگهي ٿو، کڻي ڪجهه به ٿي پر جيڪڏهن هن ڀيري ڪا تبديلي نه آئي ته عمرڪوٽ جي عوام لاءِ ”ساڳيو ڳن ساڳي ڪهاڙي“ واري ڪار رهندي.ا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چهرا ۽ ڪردار گهڻو ڪري ساڳيا ئي ايندا ۔۔۔ ها ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڦارٽي بدلائي اچن، پر اسان جون قسمتون شايد ئي بدلجن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو