فائيل کي لڪائڻ يا ڪنهن فائيل جي مواد کي ٻين کان لڪائڻ هميشه دلچسپ مشغلو رهيو آهي۔۔۔ توهان کي محظوظ ڪرڻ خاطر هتي هڪ ا هڙو طريقو سيکاري رهيو آهيان جنهن سان نوٽ پيڊ فائيل اهڙي طرح سان لکي سگهجي ٿي جو ان ۾ موجود ٽيڪسٽ ڪو ٻيو پڙهي نه سگهي۔۔۔
ان لاءِ سٽارٽ مينو تي ڪلڪ ڪري Run پروگرام کوليو جتي cmd لکي ڪي بورڊ جي مدد سان انٽر پريس ڪريو۔۔۔ هاڻي مطلوبا لوڪيشن تي اچو جتي ٽيڪسٽ فائيل بنائڻي آهي۔۔۔ اتي پهچي هيٺين ڪمانڊ لکي انٽر پريس ڪريو۔۔۔
توهان کي خبر پئي ته توهان ڇا ڪيو۔۔۔؟ نه ۔۔۔
مان ٿو توهان کي ٻڌايان ۔۔۔ اصل ۾ توهان sindh جي نالي سان هڪ ٽيڪسٽ فائيل ٺاهي جنهن جي پس منظر ۾ توهان ساڳي ئي نالي سان هڪ لڪل فائيل ٺاهي ورتي۔۔۔ هاڻي فائيل ۾ پنهنجي راز جون شيون جهڙوڪ پاسورڊ لکڻ لاءِ مٿي ساڳئي ڪمانڊ لڳايو ۽ کلندڙ نوٽ پيڊ فائيل تي سڀ ڪجهه لکي ڇڏيو ۔۔۔
توهان ڏسندو ته توهان جو لکيل ڪم sindh نالي ٽيڪسٽ فائل ۾ لکيل نظر نه ايندو ۔۔۔ لکائي کي پڙهڻ لاءِ ٻيهر ڪمانڊ لڳايو ۽ پڙهي وٺو۔۔۔۔
ٿي سگهي ٿو پهرين دفعي توهان کي طريقو الجهندڙ لڳي پر پريڪٽس سان آسان ٿي ويندو۔۔۔
ان لاءِ سٽارٽ مينو تي ڪلڪ ڪري Run پروگرام کوليو جتي cmd لکي ڪي بورڊ جي مدد سان انٽر پريس ڪريو۔۔۔ هاڻي مطلوبا لوڪيشن تي اچو جتي ٽيڪسٽ فائيل بنائڻي آهي۔۔۔ اتي پهچي هيٺين ڪمانڊ لکي انٽر پريس ڪريو۔۔۔
notepad sindh.txt:hiddensindh.txt
مٿين ڪمانڊ لڳائڻ سان نوٽ پيڊ هڪ تنبيهي ڊائلاگ باڪس سان کلندي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ Yes تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔توهان کي خبر پئي ته توهان ڇا ڪيو۔۔۔؟ نه ۔۔۔