نوٽ پيڊ ۾ ٽيڪسٽ اهڙي طرح لکو جو ٻيو پڙهي نه سگهي۔۔۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    فائيل کي لڪائڻ يا ڪنهن فائيل جي مواد کي ٻين کان لڪائڻ هميشه دلچسپ مشغلو رهيو آهي۔۔۔ توهان کي محظوظ ڪرڻ خاطر هتي هڪ ا هڙو طريقو سيکاري رهيو آهيان جنهن سان نوٽ پيڊ فائيل اهڙي طرح سان لکي سگهجي ٿي جو ان ۾ موجود ٽيڪسٽ ڪو ٻيو پڙهي نه سگهي۔۔۔
    ان لاءِ سٽارٽ مينو تي ڪلڪ ڪري Run پروگرام کوليو جتي cmd لکي ڪي بورڊ جي مدد سان انٽر پريس ڪريو۔۔۔ هاڻي مطلوبا لوڪيشن تي اچو جتي ٽيڪسٽ فائيل بنائڻي آهي۔۔۔ اتي پهچي هيٺين ڪمانڊ لکي انٽر پريس ڪريو۔۔۔
    notepad sindh.txt:hiddensindh.txt
    مٿين ڪمانڊ لڳائڻ سان نوٽ پيڊ هڪ تنبيهي ڊائلاگ باڪس سان کلندي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ Yes تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    توهان کي خبر پئي ته توهان ڇا ڪيو۔۔۔؟ نه ۔۔۔
    مان ٿو توهان کي ٻڌايان ۔۔۔ اصل ۾ توهان sindh جي نالي سان هڪ ٽيڪسٽ فائيل ٺاهي جنهن جي پس منظر ۾ توهان ساڳي ئي نالي سان هڪ لڪل فائيل ٺاهي ورتي۔۔۔ هاڻي فائيل ۾ پنهنجي راز جون شيون جهڙوڪ پاسورڊ لکڻ لاءِ مٿي ساڳئي ڪمانڊ لڳايو ۽ کلندڙ نوٽ پيڊ فائيل تي سڀ ڪجهه لکي ڇڏيو ۔۔۔
    توهان ڏسندو ته توهان جو لکيل ڪم sindh نالي ٽيڪسٽ فائل ۾ لکيل نظر نه ايندو ۔۔۔ لکائي کي پڙهڻ لاءِ ٻيهر ڪمانڊ لڳايو ۽ پڙهي وٺو۔۔۔۔

    ٿي سگهي ٿو پهرين دفعي توهان کي طريقو الجهندڙ لڳي پر پريڪٽس سان آسان ٿي ويندو۔۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين تمام بهترين ۽ ڪارگر ونڊ آهي۔۔۔ مهربانيون۔۔۔اسان ته اونئين ڊاس جي ڪمانڊس جا شوقين آهيون۔۔
     
  3. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ادا رشيد واه ادا واه نئي شيرنگ پيش ۽ ناياب شيرنگ آهي
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اوهان جي مهرباني پر اوهان جي ڏسيل طريقي سان هاڻي ته راز راز نه رهندو ها باقي ڳالهه ڪارآمد آهي جيڪو پنهنجي فورم جو ميمبر نه هوندو ان کي ان فارمولي جي ڄاڻ نه هوندي بهرحال ٽرڪ ڪم جي آهي ڪٿي به ڪم اچي سگهي ٿي۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا مان پاڻ ڊاس ڪمانڊس جو شوقينڙو آهيان اوهان جي اها ٽپ مون لا۽ پڻ بهترين ونڊ آهي

    اهڙي بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان جس لهڻو


    ادا اهڙي ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو