ادا اهو تون پنهنجي من کان پُڇي ڏس پاڻ سڀ جو هڪ ئي رشتو آهي اهو رشتو آهي قومي رشتو پاڻ سڀ سنڌ جي مٽي مان ٺهيل آهيون۔ پاڻ جو درد به هڪ پنهنجي خوشي به هڪ پنهنجيون عيدون پنهنجيون هوليون سڀ هڪ۔۔۔۔جاني اهو ئي رشتو آهي پنهنجو۔۔۔۔
ڀائو عليم دل جي گهرائين سان ڀليڪار اوهان کي توهان وڏا خوش قسمت آهيو جو توهان کي محترم ۽ عزتِ مآب سائين حليم باغي لقب ڏنو آهي ۽ توهان پنهنجي شاعري کي جاري رکجو اُميد آهي توهان سنڌ جا بهترين شاعر ثابت ٿيندا انشاالله مولا سائين اوهان کي هميشه آباد رکي سدائين گڏ
ادا محمد عليم سومرو صاحب اسلام عليڪم۔ ۔ توهان جو تعلق شاعري سان آهي ۽ شاه عبدالطيف جن سان اوهان جي تمام گهڻي چاهت لڳئي پئي۔ شاه صاحب جن ته شاعرن جي سر جا تاج آهن هنن جهڙا عظيم شاعر ، بزرگ ۽ پرهيزگار صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن۔۔ اوهان کي هن اڱڻ جو ڀاتي ٿيڻ تي اسان سڀ ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا
جِت لُک لڳي جِت اڪ تپن سو ديس مُسافر منهنجو ڙي۔۔ توهان کي سنڌ سلامت ۾ اچڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪجي ٿي محترم توهان جتي به هجو سدا خوش هجو.