1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

ڪنوار جي ٻي ماءُ.

'سنڌياڻي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,870
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    الطاف شيخ
    ”ما- انڊام“- ڪنوار جي ٻي ماءُ.
    ملئي زبان ۾ ماءُ کي Ibu (اِبُو) چون. پيءُ کي Bapa (باپا) پر سڏڻ وقت Aya (آيا) چون. ماءُ کي سڏڻ وقت Mak (ما) چون. ملئيءَ جي ڪيترن لفظن ۾ K لکيو وڃي ٿو، پر اچاربو نه برابر آهي.
    ملئي ڇوڪرين جي شاديءَ وقت اصلي ماءُ کان علاوه هڪ ٻي ماءُ به نظر ايندي آهي، جيڪا Mak- Andam- ڪنوار جي ماءُ جي نالي سان سڏبي آهي. هن جو ڪم ڪنوار کي ٺاهڻ سينگارڻ هوندو آهي. جيئن اسان وٽ شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ کان اُستيءَ (حجامڻ) جو ڪم هوندو آهي، ڪنوار کي اکيو ٻڌي اندر وهارڻ، ابٽڻ (پيٺو) هڻي سهڻو بنائڻ ۽ شاديءَ رات لانئن تي وٺي اچڻ وغيره. تيئن هتي ملائيشيا ۾ ملئي ماڻهن جي شاديءَ ۾ ”ما- انڊام“ جو ڪم هوندو آهي ڪنوار کي ٺاهڻ سنوارڻ، شادي واري ڏينهن ڪنوار جي رهنمائي ڪرڻ ته گهوٽ ۽ مهمانن جو ڪيئن آڌر ڀاءُ ڪجي ۽ کيڪارجي. (پاڻ وٽ ڪنوار کي ڪنڌ هيٺ ڪري وهڻ جي تاڪيد ڪبي آهي- پوءِ ڀلي کيس ٽي ڏينهن ڪنڌ ۾ سور رهي. پر هتي ملائيشيا توڙي سنگاپور جي شادين ۾ ڪنوار کي ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان ايتري جهل پل نه ڪئي ويندي آهي). بهرحال اها سڄي Guide Line ڏيڻ ۽ ڪنوار کي ٺاهڻ جوڙڻ جو ڪم، ملائيشيا ۾، ما- انڊام جو آهي ۽ پاڻ وٽ اُستيءَ جو آهي.
    هاڻ اها ٻي ڳالهه آهي ته نت نوان ميڪ اپ جا سامان ۽ بيوٽي پارلر کُلڻ ڪري، اڄڪلهه ماڻهن کان اهي اصل حجام وسري ويا آهن ۽ ورلي ڪا ڪنوار انهن روايتي استين (حجامڻين) کان منهن ۽ جسم تي اٽو ٿڦائڻ پسند ڪندي. هرڪا ڪنوار شاديءَ واري ڏينهن هزار ٻه هزار رپيا ڏيئي بيوٽي پارلر تان ميڪ اپ ۽ وار ٺهرايو اچي، جتي جون ڇوڪريون پاڻ کي حجام سڏائڻ بدران بيوٽيشن (Beautician)، هيئر ڊزائينر (Hair Designer) ۽ ٻيا ماڊرن ۽ فيشني نالن سان سڏائين ٿيون. ڪيتريون ته دڪان کولڻ بدران، ڪنوار جي گهر اچي، ڪنوار کي سينگاريو وڃن. اسان جي ڳوٺ جون خانداني اُستيون، جن کي ڪنوار کي اٽو ٿڦڻ ڪري چار پئسا گهور طور ۽ ڪنوار جو لٿل وڳو ملي ويو ٿي، سي هاڻ ٻڪ کڻي اهڙي ماڊرن حجامڻين ۽ ميڪ اپ ڪندڙ بيوٽيشن عورتن کي پٽينديون آهن.
    ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به ڪيترائي اهڙا بيوٽي پارلر کلي ويا آهن، پر ساڳي وقت اتي جون هي خانداني استيون (ما- انڊام) به انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سونهن ۽ ميڪ اپ جا ماڊرن طريقا سکي پيون آهن. ان ڪري سندن روزگار سنڌ جي حجامڻ/اُستيءَ وانگر ڊانواڊول ٿيڻ بدران، ڏينهون ڏينهن وڌ آهي. شاديءَ وارا ٻه ٽي ڏينهن، ما- انڊام (Mak- Andam) ڪنوار جي اصلي ماءُ کان به زور هوندي آهي ۽ ڪنوار جي ميڪ اپ ۽ وڳي جي چونڊ کان وٺي هر قسم جي رسم رواج لاءِ، ما- انڊام کي ڪنسلٽ ڪيو ويندو آهي. گهوٽيتن توڙي ڪنواريتن، مردن توڙي عورتن جي جملي ساٽ سوڻن ۽ ڪاڄن ۾، ما- انڊام پُل جو پارٽ ادا ڪري ٿي. هر هڪ جي رڙ لڳي رهندي آهي: ما- انڊام هي ڪم. ما- انڊام هيءَ ڳالهه. جيئن سنڌ ۾ ڪنهن زماني ۾ اهڙن ڪاڄن استي/ حجامڻ جي اهميت هئي.
    ”استي! مڱڻهارن مان دهل گهرائي ڏي.“
    ”استي! راڄ جي ماڻهن کي ٻڪيءَ جو سڏ ڏيئي اچ.“
    يا وري ”استي، پاڙي وارن ۽ سيدن پيرن ۾ ڏيج پڙو ڏيکاري اچ.“ وغيره وغيره. پوءِ استي/ حجامڻ هڪ راجستاني نموني جو هئڊي کهنبي رنگ جو خانداني پڙو پائي، نڪرندي هئي پاڙي ۾ سڏ ڏيڻ يا ٽامي جو وٽو کڻي آيل ڪاڄ مان گهور وٺڻ لاءِ اٿندي هئي.
    پاڪستان کان آيل ڪنهن دوست ٻڌايو ته پاڪستان ۾ اڄڪلهه جنهن عورت کي واپار/ پئسي ڪمائڻ جو شوق ٿئي ٿو، سا ڏهه پنڌرهن ڏينهن ڪنهن انسٽيٽيوٽ مان ميڪ اپ جو ڪورس ڪري، وتي اوڙي پاڙي جي ڪُنوارن جا منهن سَجائيندي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ته ڇڏ پر ٽنڊوجان محمد، ٽنڊو قيصر، ميهڙ، مٽياري ۽ جهڏي ڪنريءَ جهڙن شهرن جون به ڪيتريون وانديون وانديون، رات اندر ميڪ اپ جون آرٽسٽ ٿي پيون آهن ۽ ’هلي نه هلي وٺ رينگٽ کي‘ چواڻي، لالين، سرخين ۽ روجن جا ليپ هڻي، غريب ڪنواريتن مان به، رپيا ٻه ٽي سؤ تڳايو ويٺيون آهن.
    ملائيشيا جو به ڪجهه اهوئي حال آهي. ’ما- انڊام‘ ته تمام پراڻيون، هوشيار ۽ خانداني آهن. يعني هنن جي ماءُ، نانيءَ به اهوئي ڪم ڪيو ٿي. هو نه فقط ڪنوار جي ميڪ اپ ۽ وار ٺاهين، پر ڪنواريتن کي اهڙن موقعن مهلن تي، ٺهڪندڙ وهنوار، ريتون، رسمون ۽ محفل جا آداب ٻڌائڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. پر ڪي وري ڏسندي ئي ڏسندي ائين ئي ما- انڊام ٿي پيون آهن. اسان جي آفيس ۾ هڪ پوڙهو ڪمپائونڊر آهي. پنجونجاهه سٺ سالن جو ٿيندو. سندس زال مسز راس الياس به ان ئي عمر جي ٿيندي. سندس پيءُ انڊونيشي هو ۽ ماءُ ملئي هئي. هن عُمر ۾ به کيس ناچ گاني جو اهڙو شوق جو کڻي نئين سال جو ڏينهن هجي يا عيسائين جي ڪرسمس پارٽي، سالياني گڏجاڻي هجي يا ڪئڊٽن جي فيئرويل ڊنر. هيءَ ضرور هڪ ٻن سان نچي داد وٺندي. کيس واپار وڙي جو پڻ ڏاڍو شوق آهي. ڪڏهن آفيس جي ڪئنٽين جو ٺيڪو کڻي، ديڳڙو ڀت جو ۽ مڇيون گانگٽ رڌ پئي وڪڻندي، ته ڪڏهن دڪانن تان ڪپڙن جا ڪٽ- پيس سستي اگهه ۾ وٺي، ڳوٺ جي غريب عورتن کي قسطن تي پئي وڪڻندي. هر وقت فل ميڪ اپ ۽ چمڪندڙ ويس وڳي ۾ نظر ايندي. کيڪار کڙي اهڙي ڪندي ڄڻ ويجهي مائٽياڻي هجي- اڃا به ائين چئجي ته ڪا پراڻي ساهيڙي هجي.
    هڪ دفعي ڪراچيءَ کان ٽيليويزن جي پروڊيوسر آپا سلطانه صديقي اسان وٽ گهمڻ آئي. کيس ملئي ماڻهن جي شادي ۽ ٻين رسمن ڏسڻ جو شوق هو. خبر پئي ته ڀرواري ڳوٺ ۾ ڪنهن جي شادي آهي. بنا دعوت جي اتي پهتاسين ۽ سوچي رهيا هئاسين ته مالڪن کي ٻڌايون ته اسان ٻئي ملڪ جا آهيون ۽ هتي جي شادي ڏسڻ آيا آهيون. اتي ڪنوار جي ڀر مان هيءَ مسز راس، آدم بوءِ واري جن وانگر ٽُپ ڏيئي اٿي بيٺي ۽ اسان کي سڏي ويجهو ڪيائين. وڏي کيڪار کڙيءَ بعد اسان جون ۽ پاڪستان جون تعريفون ڪري، ٻين سان ملايائين. جڏهن ڪجهه سانت طاري ٿي ته کانئس سندس موجودگيءَ جو سبب پڇيم:
    ”ماسي تون هتان ڪيئن اچي نڪتينءَ؟“
    ”مسٽر الطاف! توکي خبر ناهي ته آئون اڄڪلهه ’ما- انڊام‘ ٿي آهيان؟“
    ”نه مون کي ته خبر ناهي. ڀلا پوءِ ڪنوار جي سجاوٽ لاءِ توکي به ڪو سڏي ٿو؟“ مون پڇيومانس.
    ”هنن وٽ به آئون ما- انڊام ٿي آئي آهيان ۽ ائين دعوت ٿي تو وانگر رڳو ڀت کائڻ لاءِ ڪانه آئي آهيان. ڏس ڪنوار کي ڪهڙو سهڻو سينگاريو اٿم.“
    ”واهه جي لڳي ٿي. Sungoh Cantik Lah“ کيس جواب ڏيئي آپا سلطانه کي چيم ته مهرباني ڪري ڪنوار جي ڀر ۾ ٿي ويهه ته فوٽو ڪڍانءِ. ههڙي ڪنوار ڪٿي نه ڏٺي هوندءِ جنهن کي مٿي تي جُوڙو ٺاهڻ جي تڪليف ڪرڻ بدران، مسز راس دفتري راس دفتري (گتي) جي بدڪ ڪتري کڻي هنئي آهي.
    مسز راس کان پڇيم: ”ان ميڪ اپ جو- يا ڪنوار جو منهن خراب ڪرڻ جو گهڻو ملندءِ-؟“
    آهستي چيائين: ”اڃا ٽڪو به نٿو مليم. هن مهيني جي هيءَ ٽين ڪنوار آهي. زوريءَ پئي هر شاديءَ ۾ پوان. ڪو سڏي يا نه سڏي ڀريل ڄڃ ۾ ڪنوار جي ”ما- انڊام“ ٿيو پئي هلان. مسواڙ جا سندن پئسا بچائڻ لاءِ، ڪپڙا به پنهنجي هڪ مائٽ ڌوٻيءَ جي دڪان تان کڻي آئي آهيان. ميڪ اپ جا نه ته گهٽ ۾ گهٽ مسواڙ جا ته پئسا ڏيڻ کپين.“
    (ياد رهي ته ملائيشيا توڙي سنگاپور، انڊونيشيا، برونائي ۾ گهوٽ ڪنوار لاءِ، شادي وارن ڏينهن لاءِ جهڳ مڳ وارا ويس وڳا دڪانن تان، مسواڙ تي وٺبا آهن. ويندي ڳهه به، جيڪي رولڊ گولڊ جا ڪوڙا ٿين ۽ ڪنوارن لاءِ مسواڙ تي ملن).
    مسز راس کي سرٻاٽ ۾ چيم: ”ما- انڊام راس! وڏي ڀاڳ واري آهين. بچي وئي آهين.“
    ”ڇو جو-؟ اهو ڀلا ڪيئن؟“ هوءَ وائڙي ٿي ويئي.
    ”ڏس نه“، مون کلي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هڪ ته ڪنوار ٿي پيئي آهي ڳوٺ جي. ٻيو ته هوءَ اڳهين ايڏو گهڻي سهڻي آهي جو ساڻس هيءَ تعدي ڪرڻ بعد به، ماڻهپي ۾ لڳي ٿي.“
    سال اڌ مسز راس ’ما- انڊام‘ جون ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون. پر هاڻ، هي مضمون لکڻ دوران، مون کي خبر پيئي آهي ته هن هڪ نئون ڌنڌو شروع ڪيو آهي ۽ ما- انڊام جو ڪم ڇڏي ڏنو آهي. بقول سندس، اڄڪلهه جيڪا ملئي عورت گهر کان رُسي ٿي، سا ما- انڊام ٿيڻ چاهي ٿي. ان ڪري هاڻ هوءَ رنگين مڇيون ۽ مڇين جا ننڍڙا گهر Aquariums وڪڻي ٿي. اهي شيون، هوءَ سنگاپور کان روڪ تي سستيون وٺي، ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ اوڌر تي ڏئي ٿي. (ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ اوڌر ۽ قسطن تي شيون وٺڻ ائين ئي عام آهي جيئن سنڌ جي ڳوٺن: جهانگارا باجهارا، قنبر، ڪنڌڪوٽ ۾. ٻنهي پاسي ڪو تِر جو به فرق ناهي. ڪي اوڌر موٽائين، ڪي کائي وڃن، ڪي منهن ڏيکارڻ کان مهانگا ٿي وڃن).
    هتي اهو لکڻ به دلچسپيءَ کان خالي نٿو سمجهان ته مسز راس جو نالو- يعني Ros، هتي ملائشيا ۾، عورتن جو هڪ عام نالو آهي. اهو نالو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ مردن ۾ گل يا گلاب. ملائيشيا ۾ گلاب جو گل ۽ صوف نه ٿئي. انهن جو تعارف انگريزن ڪرايو ۽ انهن جو نالو سنئون سڌو انگريزيءَ تان کنيل آهي. يعني صوف (Apple) کي ملئي زبان ۾ Apel اپل چون ۽ گلاب (Rose) کي Ros راس چون. راس ملئي زبان ۾ مؤنث هجڻ ڪري، اهو عورت جو نالو آهي. گلاب سنڌ ۾ خبر ناهي مذڪر آهي يا مؤنث پر هالا ۾ مذڪر به آهي ته مؤنث به. يعني گلاب نالي جا مرد به آهن ته عورتون به.
    سنگاپور، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ برونائيءَ ۾ سڀيئي ما- انڊام مٿين مسز راس الياس جهڙيون به نه آهن، جن سڄي عمر گهمڻ ڦرڻ، نچڻ ٽپڻ، ڀت رڌڻ ۽ وڪڻڻ بعد هاڻ پيريءَ ۾ اچي اهو ڌنڌو شروع ڪيو آهي. شايد اهو ئي سوچي ته ان کان سولو ۽ گهٽ سيڙپ ۽ گهڻي منافعي وارو ٻيو ڪو ڌنڌو ناهي.
    ڪي ڪي ”ما- انڊام“ پنهنجي ڪم ۽ ڊيوٽيءَ ۾ تمام گهڻيون تجربيڪار ۽ ڄاڻ واقفيت واريون آهن ۽ جن سڄي عمر، هن ڌنڌي ۾ گذاري ڇڏي، جن لاءِ اڄ به ملائيشيا، سنگاپور جون ڪيتريون ئي ملئي ڇوڪريون، ڳالهه ڪنديون آهن ته سندن ماءُ جي شادي ٿي ته به اهائي ما- انڊام هئي ۽ جڏهن سندس شادي ٿي تڏهن به اهائي ما- انڊام هئي.
    مئڊم سام سعيد نالي، هڪ ان قسم جي، جهوني ما- انڊام سان، سنگاپور ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. جنهن جا ٽڪرا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا. جن مان ما- انڊام جي ڊيوٽين ۽ جوابدارين جي ڄاڻ پئجي سگهي ٿي.
    - سنگاپور ۾ ڇنڇر جو اڌ ڏينهن ۽ آچر موڪل ٿيڻ ڪري هندو، عيسائي، چيني توڙي ملئي مسلمانن جون شاديون به انهن ئي ڏينهن تي ٿين ٿيون. ان ڪري اهي ٻه ڏينهن آئون سخت مشغول هوندي آهيان. پوءِ ڪنهن هفتي، هڪ يا ٻه شاديون ملنديون اٿم ته ڪنهن هفتي چار پنج. ان کان مٿي پُڄي نه سگهندي آهيان.
    - شاديءَ کان ٻه هفتا اڳ، ڪنوارين جي منهن جي ميڪ اپ جو سوچڻ ۽ انهن جي رنگ ۽ قدبت مطابق ويس وڳا هٿ ڪرڻ شروع ڪندي آهيان.
    (پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هڪ دفعو وري لکان ٿو ته نه فقط ملائيشيا ۾ پر سنگاپور ۽ انڊونيشيا ۾ پڻ، غريب توڙي امير گهرن جا گهوٽ ڪنواريون، شاديءَ وارا ٻه چار ڏينهن مختلف وڳا مسواڙ تي وٺي پائين. ان لاءِ هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ڪيترائي اهڙا دڪان آهن جتي مختلف رنگن، ماپن ۽ نمونن جا وڳا ۽ ڪوڙا ڳهه مسواڙ تي ائين ملن جيئن پاڻ وٽ تنبو (شاميانا) ۽ رڌ پچاءَ لاءِ پليٽون، ديڳيون ۽ چمچا ڪفگير. پاڪستان ۾ اڃا به شاديءَ رات واري وڳي تي وڏا خرچ ٿين ٿا، جيڪو ڪنوار، فقط اها رات پائيندي آهي. ان بعد ان کي لوهي صندوق ۾ رکيو ويندو آهي، جتي باقي عمر (يعني وڳي کي ۽ نه ڪنوار کي)، ڪاڪروچ کائيندا آهن يا تٿو).
    - اربع ۽ خميس ڏينهن تي سڀني ڪنوارين جي شاديءَ جا جوڙا، ڳهه ڳٺا ۽ ٻيو سامان هِتان هُتان هٿ ڪري پنهنجي گهر ۾ ٺاهي رکندي آهيان.
    - ڇنڇر جو ڏينهن مون لاءِ تمام گهڻي ڀڄ ڊڪ جو ڏينهن هوندو آهي. ڏهين وڳي سڀني ڪنوارين جا وڳا کڻي هر هڪ ڪنوار جي گهر پڄائيندي آهيان. ضرورت ۽ چهري مطابق ڪنوارين جي وارن جي ڪٽائي ۽ ٿوري گهڻي بنيادي ميڪ اپ پڻ ان وقت ڪري وٺندي آهيان. وڌيڪ سينگار ۽ ڪنوار کي وندرائڻ لاءِ هن وٽ هڪ عدد Beautician ڇوڪري ڇڏي ويندي آهيان. ان ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ مون اٺ بيوٽيشن (سينگار ۽ سجاوٽ جو ڪم ڪرڻ واريون ڇوڪريون) پگهار تي رکيون آهن. جيئن هڪ کان وڌيڪ شايون هجن ته هو همراهي ڪرائين ۽ تيسين آئون ٻين گهرن مان ٿي اچان.
    - شاديءَ وارن ڏينهن ۾ ڪنوار جا ماءُ پيءُ مهمانن کي منهن ڏيڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ مشغول ٿين ٿا، ان ڪري اهي ڏينهن ”ما- انڊام“، ڪنوار جي ماءُ ٿي رهي ٿي. ان ڪري اسان جو ڪم آهي ته ڪنوار کي هر طرح سان خوش ۽ وندرائي رکون.
    - ملئي مسلمانن جي شاديءَ ۾ پهريون اهم ڪاڄ (Ceremony) ’عقد نڪاح‘ آهي، جيڪو ڪنوار جي گهر ٿئي ٿو يا وري سنگاپور جي سرڪاري کاتي: 'Registry of Muslim Marriages' جي ڊپارٽمينٽ ۾.
    - ان بعد ميندي لڳائڻ جي رسم ٿئي ٿي، جنهن کي ملئي زبان ۾ (Bernai) برنائي چون ٿا. ان رسم ۾ ڪٽنب ۽ پاڙي جا وڏا گهوٽ ۽ ڪنوار کي آسيسون ڏيڻ لاءِ ايندا آهن. ڪنوار کاٻي پاسي کان ۽ گهوٽ ساڄي پاسي کان ٿي ويهندو آهي. پوءِ آئون ٽن ٽن يا پنجن پنجن جي ٽولي ۾ آيل ماڻهن کي گهرائيندي آهيان ته اچي گهوٽ ڪنوار سان ملن ۽ سندن مٿان، هئڊي رنگ جي چانورن، اٽي ۽ مينديءَ جي ورکا ڪن.
    (ملئي شادين ۾ ميندي نه فقط لڳائي ويندي آهي پر سڪل حالت ۾ مٿئين سامان سان گڏ گهوٽ ڪنوار مٿان ٻرڪي پڻ ويندي آهي.)
    - ڪڏهن ڪڏهن آيل مهمان گهوٽ ڪنوار جي ويجهو ايندي شرمائيندا آهن. ما- انڊام جو اهو به ڪم آهي ته معزز مهمانن کي دعوت ڏيئي اڳيان وٺي اچي. ان بعد مهمانن کي ماني کارائي ويندي آهي.
    - آچر جي ڏينهن صبح جي وقت شاديءَ وارن ڪيترن گهرن ۾ گهڻو ڪري پهرين قرآن خواني ٿيندي آهي. ان بعد برسنڊنگ (Bersanding) جي رسم هلندي آهي، جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار هڪ ٻئي جي ڀرسان، اسٽيج يا صندل تي ٿي ويهندا آهن. (هيءَ رسم ائين آهي جيئن پاڻ وٽ لانئن جي رسم، برسنڊنگ دوران ڪجهه ساٽ سوڻ به ڪيا وڃن ٿا، جن جو مذهب سان نه پر مقامي ڪلچر سان واسطو آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪيترائي ساٽ ٿين ٿا. جهڙوڪ: کير پيارڻ جو ساٽ، ڇمڪون يا وڃڻي جو ساٽ، مُٺ کولڻ يا ڏوري ڇوڙڻ جو ساٽ، تِرَ مئڻ جو ساٽ، ڦل چونڊائڻ جو ساٽ- وغيره وغيره.)
    - ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ان ئي ڏينهن شام ۾ ڌاري نيکيٽي (رخصتي) ٿئي، جنهن کي ملئي ماڻهو (Bertandang) برٽنڊانگ چون ۽ ڪنوار کي گهوٽ جي گهر وٺي اچن.
    - برٽنڊانگ مهل ”ما- انڊام‘‘ گهوٽ ڪنوار سان گڏ هلندي آهي ۽ منهنجو ڪم آهي ته کين آهستي آهستي ۽ فضيلت سان وکون کڻي هلڻ لاءِ پارت ڪريان.
    - شاديون پوريون ٿيڻ بعد منهنجو مڙس، هڪ هڪ گهر مان گهوٽ ڪنوار جا مسواڙي وڳا ۽ انهن جي مسواڙ وٺي دڪاندارن کي واپس ڪندو آهي.
    ”ما- انڊام“ کان علاوه، آئون ڪجهه ٻين ڳالهين ۾ پڻ حصو وٺان ٿي. سنگاپور جي سري وانا گروپ ۽ Instant Asia Cultural Group جي پڻ ميمبر آهيان، جتي ملئي ناچ ۽ ملئي ڪلچر جي واڌاري لاءِ اسين عورتون گڏجي ڪم ڪيون.
    - موڪل وارن ڏينهن کان علاوه باقي ڏينهن، صبح جي وقت آئون فل ٽائيم گهرو عورت آهيان. صبح جو ڇهين وڳي اٿي پُٽ لاءِ نيرن تيار ڪندي آهيان. ستين وڳي جيئن هو اسڪول روانو ٿيندو آهي ته آئون اڌ ڪلاڪ کن لاءِ واڪ لاءِ نڪرندي آهيان. ان بعد ڪلاڪ ٻن لاءِ ڪجهه لکپڙهه جو ڪم ڪريان. ان بعد منجهند جي ماني تيار ڪندي آهيان. آئون رڌ پچاءَ ۾ بلڪل هلڪو ڦلڪو تيار ڪريان، ان ڪري ساڍي ڏهين ڌاري ئي واندي ٿي ويندي آهيان.
    - هڪ وڳي ڌاري منهنجو پٽ اسڪول کان موٽندو آهي ۽ ماني گڏ ويهي کائون. ان بعد هن کي ٽيوشن ۽ قرآن لاءِ موڪلي آئون پنهنجي ڌنڌي ۽ ميٽنگ لاءِ رواني ٿي ويندي آهيان.
    - منهنجو مڙس بزنيس مئن آهي ۽ هڪ دڪان ۾ مئنيجر آهي. آئون ٻاويهن سالن جي هيس ته منهنجي هن سان شادي ٿي. شاديءَ کان اڳ آئون ڊانسر ۽ ڊيزائنر هيس. ان بعد ما- انڊام جو ڪم جيئن ئي شروع ڪيم ته اڄ ڏينهن تائين جاري رکندي اچان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو