منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
جيڪب آباد جي تاريخ بابت ڪيترائي مضمون توڙي مواد انٽرنيٽ توڙي ڪتابن ۾ موجود آهن۔ سنڌ جو وڏو تجارتي شهر سڏجندڙ جي اهڙي دکدائڪ حالت ڏسي نهايت ڳڻتي وٺجي وئي۔ گذريل مها ٻوڏ کانپو جيڪب آباد جو جيڪو حشر ٿيو اهو دنيا به ڏٺو پر جيڪو حشر مان ڪجهه ڏينهن اڳ ڏسي آيو آهيان اهو بيان نٿو ڪري سگهان جيڪو اتان جو رهاڪو هوندو اهو ڀلي ڀت ڄاڻ ڏئي سگهي ٿو۔ ڪنهن دوست جي شادي جي سڏ تي اسان به ڪراچي کان ٺهي سنبري نڪري پيا سين لاڙڪاڻي جتي ٻڌو سين وڏي ترقي ٿي آهي اها ترقي جي نالي تي منهن تي لپاٽ هُئي، اتان وڏي مصيبت جي ٽريفڪ جي آذار مان هڪ ڪلاڪ جي جاکوڙ کانپو رتيديرو روڊ تائين نڪرڻ ۾ ڪامياب ويا سين، بس شڪر الله جو ڪار ۾ اي سي ٺيڪ ٺاڪ هُئي جنهن ڪري ڪار جا شيشا مٿي چڙهيل هُئا نه ته ڌوڙ ۾ صفا ڀولڙا ٿي وڃون ها۔ هون به حڪومت اندرون سنڌ جي عوام کي ڀولڙي ڪرڻ واري ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي۔۔ابا پو اتان نڪري پيا سين ، اسان جي منزل جيڪب آباد هُئي، 15 سال اڳ ويو هئس پر پنڌ جي مفاصلي جو ڪو به اندازو ڪون هيو ته ڪيترو وقت لڳندو۔۔خير وڏي جهِڳ هجِڳان کان پو شڪارپور پهتا سين۔ اتان هڪ همراهه کان پڇيو سين ته بابا هتان جيڪب آباد گهڻو پنڌ آهي، تنهن تي همراهه وراڻيو ته ڀائون پنڌ ته ويهن منٽن جو به ڪونهي پر توهان ڪار تي آهيو ڏيڍ پوڻا ٻه ڪلام ۾ پهچي ويندئو۔۔۔صفا تاڪ لڳي ويا، اهو وري ڪئين پنڌ ويهن منٽن جو آهي وري ڪار تي ايڏو وقت ڇو لڳندو؟؟ خير وڃڻو ضرور هو ڀائو بس اسان به آ کڻي ڪئين سين۔۔بس سائين شمن علي ميرالي جي شڪارپور کان جنرل جان جيڪب جي جيڪب آباد تائين اسان جا آنڊا گونڊآ ۽ ڪار جو هڪ هڪ پرزو کڙ کڙ ڪرڻ لڳ، ڪڏهن ڌوڙ ۾ ڪار گُم ٿي وڃي ته ڪڏهن وري ڌڙام سان ڪنهن کڏي ۾ وڃي پيا لڳون۔۔بس سائين اندر ۾ پٽ ۽ پاراتا (قرب وارا) ان دوست کي جنهن دعوت ته ڏني پر اهڙي تادي ٿيڻ جي آگاهي نه ڏنائين۔۔ابول سائين ڪهڙو قصو لکان جيڪڏهن سنڌ سلامت تي جيڪب آباد جو ڪو دوست آهي ته اهو منهنجي ڳالهه سان اتفاق ڪندو۔۔۔خير ابا صفا اڌ مُئا ٿي وڃي خير سان جيڪب آباد جي ٻاهران پهتا سين اتان دوست ڦون ڪئي ته بابا ڪٿي آهيو ماني جو وقت ٻه بجا آهي توهان کي چار ٿي ويا آهن ڪڏهن ايندئون۔۔مون چيو مانس ڀائو اها ڦون تون شڪارپور کان پهريان نه پيو ڪري سگهين ته اڳتي رستو خراب آهي۔۔خير اسان ٻڌايو سينس ته جيڪب آباد کان باهران هڪ قبرستان آهي اتي پهتا آهيون۔تنهن تي کلي چيائين بس بس جيڪب آباد پهچي ويا آهيون پريشان نه ٿيو۔۔هاڻ ان جو مقصد اهو هو ته جيڪب آباد به هاڻ قبرستان کان گهٽ ڪونهي، قبرستان ۾ ته ماڻهو هڪ ڀيرو مُئو پورجي ويو جان ڇٽي۔۔پر يار جيڪب آباد وارا روز مرن ٿا روز دفن ٿين ٿا۔۔۔ابول وري ججو شهر اندر داخل ٿيا سين اهو ته حشر ڏسڻ جهڙو هو روڊ رستا مڇين جا تالاب جو ڏيک ڏئي رهيا هئا، ڪٿي کڏا کُٻا ته وري ڪٿي رڳو پٿرن جا ڍير۔۔مطلب ته ائين لڳو ڄڻ تازا تازا درون حمله ٿيل هُئا۔۔اتان جي ماڻهن اهو ئي چيو ته ڀائو حڪومت وارن جيڪب آباد تي پورا پنج سال ڊرون حمله ڪيا آهن۔۔اهو سڀ حشر ڏسي هڪ ڳالهه ياد آئي ته ڪنهن چيو اسان ٻڌو هو ته موئن جو دڙو جو شهر زمين کان پٽجي اونڌو ٿي زمين تي اچي لڳو هو۔۔سوچيم اهو ڪيڏو دردناڪ منظر هوندو۔۔اهڙو ئي حشر گذريل مها ٻوڏ اچڻ کان پو جيڪب آباد جو ٿيل هو۔۔ڪا شي سونت ۾ ڪان هُئ۔۔خير ابا شادي تي پهتا سين ديڳون، ديڳڙا، ڪرسيون، پال، مالڪ ڍوئڻ ۾ پورا هُئا۔۔اسين پهتا جو پنجين وڳي هُئا سين۔۔ هاڻي سائين ڪاڄ ته پورو ٿي ويو هو بس پو دوست جي مهرباني ٻه ماڻهو اسان لا بيهاري ڇڏيا هئائين جن خدمت ڇچاڪري ڪئي۔۔ايڏو پنڌ ڪرڻ کان پو واپسي جهڙي حالت ڪان هُئ پو رات ترسڻ جو ارادو ڪيو سين اتي منهنجا مٽ مائٽ به آهن سوچيم هيڏي عرصي کان پو آيو آهيان ته ملي اچجي۔۔اتي پهتا سين انهن به خدمت چاڪري ڪئي۔۔پر يار مڇرن اهو حشر ڪيو، اهو حشر ڪيو ڄڻ اسان جي ڳوٺ ۾ ميان عذيزالله جي ڪلينڪ جي ڪمپائونڊر جو بنا اسپرٽ لڳل سيون لڳي رهيون هو۔۔اصل اُڦٽ مري ويا سين ۔۔يار هيڏي ويڌن۔۔پو ته رات پئجي وئي هاڻي ڪيڏانهن وڃون انهن مائٽن اچي اسپري ڪيا، ڪوائلون ٻاريون ويون صفا جئين ڳوٺ ۾ گرمين جي مند ۾ ڍور ڍڳن لا پلال جو دونهو ڪبو آهي اهڙي ريت اسان لا به دونهو ڪيو ويو۔۔پر جلد ڳالهه ياد آئي ته منهنجي ڀا جو دوست اسسٽنٽ ڪمشنر هتي به آهي۔۔ ان کي ڦون گهمايم۔۔بابا مري ويا سين رهڻ جو انتظام ڪيو۔۔ان سرڪٽ هائوس ۾ لگزري ڪمري جو فورن انتظام ڪيو۔۔اٿي ڀڳا سين سرڪٽ هائوس تي۔۔۔
باقي احوال سڀاڻي۔۔۔
باقي احوال سڀاڻي۔۔۔