• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نان ڪيڊر ملازم اعليٰ انتظامي عهدن تي ضم

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
علي حسن زرداري جي پٽ ۽ آغا مسعود عباس سميت وڌيڪ 6 نان ڪيڊر ملازم اعليٰ انتظامي عهدن تي ضم

ڪراچي (رپورٽ: اختيار کوکر) سنڌ حڪومت ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول ٿارٽي جي آرڪيٽيڪچر انجنيئر آغا مسعود عباس ۽ علي حسن زرداريءَ جي پٽ سميت وڌيڪ 6 نان ڪيڊر ۽ نان سول سرونٽ ملازمن کي صوبائي سيڪريٽري، ڪمشنر، ايڊيشنل ڪمشنر ڊپٽي سيڪريٽري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي اعليٰ انتظامي ڪيڊر جي عهدن تي ضم ڪري ڇڏيو آهي. ذميوار ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل رپورٽ موجب سنڌ حڪومت پاران صوبائي حڪومت جي ايڪس پي سي ايس ۽ سيڪريٽريٽ انتظامي سروس گروپن ۾ ضم ٿيل نون نان ڪيڊر ۽ نان سول سرونٽ ماڻهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل لياري ترقياتي اداري جي عهدي تي مقرر ٿيل ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 20 هين گريڊ جي آرڪيٽيڪچر انجينئر آغا مسعود عباس کي ايڪس پي سي ايس سروس گروپ ۾ 20 هين گريڊ جي سيڪريٽري ۽ ڪمشنر واري عهدي تي ضم ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت ڊائريڪٽر جنرل ڪچي آباديءَ جي عهدي تي مقرر ٿيل وفاقي اداري آءِ بي جي ملازم عبدالوهاب شيخ کي پڻ ايڪس پي سي ايس گروپ ۾ ايڊيشنل ڪمشنر جي عهدي تي ضم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. جڏهن ته زراعت کاتي جي شماريات واري شعبي جي ملازم غلام رسول شاهه کي صوبائي سيڪريٽريٽ گروپ جي 18-هين گريڊ جي ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تي ضم ڪيو ويو آهي. انهن کانسواءِ نوابشاهه سان تعلق رکندڙ علي حسن زرداريءَ جي پٽ حسن زرداري عفان زرداري ۽ عمران شيخ سميت 5 ڄڻن کي ايڪس پي سي ايس سروس گروپ جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي گڏيل مقابلي واري امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ۽ مختيارڪارن کي ترقي ڏئي ڀرتي ٿيڻ لاءِ مخصوص ٿيل 17 هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي عهدن تي سڌي نامزدگي ذريعي ڀرتي ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي عهدن تي منظور ٿيل جاين کان سڌي نامزدگي ذريعي 10 اسسٽنٽ ڪمشنر وڌيڪ ڀرتي ڪيا ويا آهن۔

5564_10151499023600040_1790795856_n.jpg
 
Back
Top