نثارابڙو
نائب منتظم

اڃان ڪي آهن ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي.
شاه جو چوڻ آهي ته؛
چـــڱا ڪــن چڱـــايون، منـــــدايــون منــدن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.
قصو ڪجهه هن طرح سان آهي ته جاپان ۾ جڏهن سونامي آيو ته جاپان جي ننڍڙي ساحلي شهر ”اشنوماڪي“ جي شهر ۾ قيامت جي تباهي آئي، 40 هزار عمارتون تباه ٿيون ۽ 3000 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا ۽ ان شهر جو مڇي مارڪيٽ پڻ ڊهي پٽ ٿي ويو، ان مارڪيٽ ۾ غريب گربا ڪم ڪندا هيا ۽ مارڪيٽ ڊهي وڃڻ سبب سندن روزگار متاثر ٿيڻ لڳو.
ڪجهه عرصو اڳ ان مارڪيٽ جي چڱي مڙس کي هڪ نامعلوم شخص جي طرفان ٻه سون جون سرون ڪوريئر سروس جي ذريعي پهتيون ٿيون ته جيئن هو ان مارڪيٽ جي ٻيهر مرمت ڪري غريبن جي روزگار جو بندوبست ڪري سگهي. ان سون جي ماليت اڍائي لک ڊالر ٿيندي .....
سلامت هجن اهي شخص، اهي انسان جيڪي انسانيت جي عزت جو ڀرم رکنٿا ... رب العالمين قرآن شريف ۾ چيو آهي ته جنتي آهن اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي مال مان غريبن، محتاجن، مسڪينن ۽ يتيمن لاءِ خرچ ڪنٿا.
ايتري حد تائين الله تعالا حڪم ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهون يتيمن کي کاڌي کارائڻ کان ڪيٻائن ٿا انهن کي انهن جون نمازون منهن تي هنيون وينديون.
روزو نـــــمــــــاز، ايءُ پــــڻ چـــــــڱـــو ڪــــــم،
اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.