اڃان ڪي آهن ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي.

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    اڃان ڪي آهن ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي.

    شاه جو چوڻ آهي ته؛

    چـــڱا ڪــن چڱـــايون، منـــــدايــون منــدن،
    جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.

    قصو ڪجهه هن طرح سان آهي ته جاپان ۾ جڏهن سونامي آيو ته جاپان جي ننڍڙي ساحلي شهر ”اشنوماڪي“ جي شهر ۾ قيامت جي تباهي آئي، 40 هزار عمارتون تباه ٿيون ۽ 3000 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا ۽ ان شهر جو مڇي مارڪيٽ پڻ ڊهي پٽ ٿي ويو، ان مارڪيٽ ۾ غريب گربا ڪم ڪندا هيا ۽ مارڪيٽ ڊهي وڃڻ سبب سندن روزگار متاثر ٿيڻ لڳو.

    ڪجهه عرصو اڳ ان مارڪيٽ جي چڱي مڙس کي هڪ نامعلوم شخص جي طرفان ٻه سون جون سرون ڪوريئر سروس جي ذريعي پهتيون ٿيون ته جيئن هو ان مارڪيٽ جي ٻيهر مرمت ڪري غريبن جي روزگار جو بندوبست ڪري سگهي. ان سون جي ماليت اڍائي لک ڊالر ٿيندي .....

    سلامت هجن اهي شخص، اهي انسان جيڪي انسانيت جي عزت جو ڀرم رکنٿا ... رب العالمين قرآن شريف ۾ چيو آهي ته جنتي آهن اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي مال مان غريبن، محتاجن، مسڪينن ۽ يتيمن لاءِ خرچ ڪنٿا.

    ايتري حد تائين الله تعالا حڪم ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهون يتيمن کي کاڌي کارائڻ کان ڪيٻائن ٿا انهن کي انهن جون نمازون منهن تي هنيون وينديون.

    روزو نـــــمــــــاز، ايءُ پــــڻ چـــــــڱـــو ڪــــــم،
    اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سائين اسانوٽ اگر ڪو مرد مجاهد اهڙو نيڪ ڪم ڪندي ڪنهن کي ٻه سونيون موڪلي به وجهي ، حالانڪه ايئن اسانجي معاشري ۾ ٿيندي ممڪن ڪونهي پر اگر اهڙو چمتڪار ٿي به پئي ته سون ماڻيندڙ شخص کي پوري خاندان سميت تباهي جي آخري ڪناري تي پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ضرور ڪئي ويندي!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بهترين ونڊ۔۔:)
    بيشڪ انسانيت اڃا مري ناهي وئي۔۔دلين ۾ ڏکويل انسانن جو درد رکندڙ اڄ به هر وسندي، هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن۔۔:rolleyes:
    ادا عبدالغني صحيح چيو اَٿوَ۔۔۔اسان وٽ اهڙي نيڪي ڪرڻ ممڪن ئي ناهي۔۔۔پرجنهن ڪئي به ته ان کي ڀتي جي پرچي پهچي ويندي يا وري اهو همراهه کڄي ويندو۔۔
    ۽ جنهن کي اهي سونيون سِرون مليون اهو همراهه به ٽنگيو پيو هوندو۔۔:D;)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دنيا اڃان هلي پئي ۔۔۔۔ ان جو مطلب ته ڪي اڃان چڱا آهن جن ڪري هلي پئي ۔۔۔۔ ڪاش اسان انسانيت کي سمجهي سگهون ۽ انسانيت جي خدمت جي مرتبي کي سمجهي سگهون ۔۔۔ اهائي زندگي آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو