رحيم بخش
ايڊيٽر
دوستو هي هڪ ڪتاب ۾ ڪجهه نصيحت جا نقطا ڏٺم سوچيم ته دوستن سان شيئر ڪيان
فقير چوي ٿو
جــــن جــــي ماني ، تن جي ڪاني
جـــــن جــــو طعام ، تن جو ڪلام
جن جون ٽــهلون ، تن جون مهلون
جــــن جــي ڪاڻ ، تــــن جي رهاڻ
جـــــن جـــي ڪـــس ، تن جي رس
جـــــن جــــو خلق ، تــــن جو ملڪ
جـــن جي محبت ، تـــن جي رحمت
مــحـــبت وئي ، ته رحــــمـــت وئــي
خُــــلق ويــو ، تـــه مـــلـــڪ ويـــــــو
ڪــــاڻ وئـــــي ، تـــه رِهــــاڻ وئـــي
ڪَـــس وئــــــي ، تـــــه رَس وئــــــي
ٽـــــــــهل وئـــــي ، تـــه مـهل وئــــــي
طــــعام ويــو ، تـــه ڪــــلام ويــــو
مــــانـــي وئــي ، تــــه ڪـــاني وئــي
خُــــلق ويــو ، تـــه مـــلـــڪ ويـــــــو
ڪــــاڻ وئـــــي ، تـــه رِهــــاڻ وئـــي
ڪَـــس وئــــــي ، تـــــه رَس وئــــــي
ٽـــــــــهل وئـــــي ، تـــه مـهل وئــــــي
طــــعام ويــو ، تـــه ڪــــلام ويــــو
مــــانـــي وئــي ، تــــه ڪـــاني وئــي
مـــڙس تــه ماني ، نــه تـه آهي ٻانهي
مــرد تــه لولو ، نـــه تــه آهي گــولـــو
بـــي قـــدر کـــي زر ڏجـــي ، خـــبـر نه ڏجـــي.
مــدعي کي مال ڏجي ، دل جو حال نه ڏجي.
ويريء تي وڙ به ڪجي، ور به ڪجي ، پر وجهه نه ڏجي .
دشمن کي دان به ڏجي، داد به ڪجي ، پر داء نــه ڏجـي .
خودي خام ، تڪبر تمام . حسد حرام ، ڪــينو قتلام.
مٺو ڪلام ، مـــحـــبت مــدام . نـــيت کـوٽي ، رد روٽي .
نــيــت بـــد ، رزق رد ، نــيـــت صــــاف ، مــــدايـون معاف .
داناء دشمن کي منهن ۾ مهر ، دل ۾ قهر.
داناء دوست کي منهن ۾ قهر ، دل ۾ مهر.
جيتري محـنت ، اوتري نــعـمت
جيتري خدمت ، اوتري عظمت.