نصيحت جا نُڪتا

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ رحيم بخش طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2009۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    دوستو هي هڪ ڪتاب ۾ ڪجهه نصيحت جا نقطا ڏٺم سوچيم ته دوستن سان شيئر ڪيان​

    فقير چوي ٿو​


    جــــن جــــي ماني ، تن جي ڪاني
    جـــــن جــــو طعام ، تن جو ڪلام
    جن جون ٽــهلون ، تن جون مهلون
    جــــن جــي ڪاڻ ، تــــن جي رهاڻ
    جـــــن جـــي ڪـــس ، تن جي رس
    جـــــن جــــو خلق ، تــــن جو ملڪ
    جـــن جي محبت ، تـــن جي رحمت


    مــحـــبت وئي ، ته رحــــمـــت وئــي
    خُــــلق ويــو ، تـــه مـــلـــڪ ويـــــــو
    ڪــــاڻ وئـــــي ، تـــه رِهــــاڻ وئـــي
    ڪَـــس وئــــــي ، تـــــه رَس وئــــــي
    ٽـــــــــهل وئـــــي ، تـــه مـهل وئــــــي
    طــــعام ويــو ، تـــه ڪــــلام ويــــو
    مــــانـــي وئــي ، تــــه ڪـــاني وئــي

    مـــڙس تــه ماني ، نــه تـه آهي ٻانهي
    مــرد تــه لولو ، نـــه تــه آهي گــولـــو


    بـــي قـــدر کـــي زر ڏجـــي ، خـــبـر نه ڏجـــي.
    مــدعي کي مال ڏجي ، دل جو حال نه ڏجي.


    ويريء تي وڙ به ڪجي، ور به ڪجي ، پر وجهه نه ڏجي .
    دشمن کي دان به ڏجي، داد به ڪجي ، پر داء نــه ڏجـي .


    خودي خام ، تڪبر تمام . حسد حرام ، ڪــينو قتلام.
    مٺو ڪلام ، مـــحـــبت مــدام . نـــيت کـوٽي ، رد روٽي .
    نــيــت بـــد ، رزق رد ، نــيـــت صــــاف ، مــــدايـون معاف .


    داناء دشمن کي منهن ۾ مهر ، دل ۾ قهر.
    داناء دوست کي منهن ۾ قهر ، دل ۾ مهر.


    جيتري محـنت ، اوتري نــعـمت
    جيتري خدمت ، اوتري عظمت.
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    تمام سهڻا نُڪتا آهن۔۔۔ جس هجي اوهان کي جو اهڙيون ناياب شيئرنگس اسان سان ڪندا آهيو۔۔۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تمام سهڻا لفظ آهن۔۔۔ ڍير ساريون نصيحتون مختصر ۽ آسان لفظن ۾ ڏيڻ لاءِ مهرباني۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هينئن سان هنڊائڻ وارا نقطا آهن ... ادي محترم رحيم بخش اڄ ته سگهڙ وارو ڪردار ادا ڪندي، نصيحت ڀريا نسخا ونڊ ڪيا آهن ... جيئن ته اهي نقطا لوڪ ادب جي صنف آهن ... ممڪن آهي ته ڪو مخصوص ليکڪ نه به هجي جو ڪئي اهڙا سگهڙائپ جا نقطا سنڌ جي ڳوٺن جي اوطاقن تي رات جي محفل ۾ چيا، ڳايا يا ٻڌايا ويندا آهن ...

    مهرباني محترم سائين رحيم بخش صاحب ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. lalamemon

    lalamemon
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جون 2009
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    جواب: نصيحت جي نڪتا

    واه اڊا دل خوش ڪري ڇڏيو
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: نصيحت جي نڪتا


    سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد اميد ته اوهان کي هتي گهڻو ڪجه سکڻ لاء ملندو ۽ اوهان کي ڪافي لطف به ايندو جي ڪابه مشڪل محسوس ٿئي ته ضرور آگاه ڪندا مهرباني اوهان جي
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: نصيحت جا نُڪتا

    مهرباني ...................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو