اهو ئي ته آهي عشق الاڙي!

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
باهه به ناهي، ساهه به ساڙي - اهو ئي ته آهي عشق الاڙي!
جنهن کي تاڙي چرخي چاڙهي - اهو ئي ته آهي عشق الاڙي!

سوچو عاشق چِپ هي ڇاهي!
شينهن به ناهي، بگهڙ به ناهي،
تڏهن به تن ٿو چيري، ڦاڙي - اهو ئي ته آهي عشق الاڙي!

سُونهين سمجهي سِير ٽپي ٿو،
ڪاٺي وانگي ڪوهه ڪپي ٿو،
لوڙهي وانگر باه لتاڙي - اهو ئي ته آهي عشق الاڙي!

تن ۾ سوگهي تاڻ لڪائي،
ڪيڏو پنهنجو پاڻ لڪائي،
پوءِ به پچارون آڙي پاڙي - اهو ئي ته آهي عشق الاڙي!

اکڙيون ڳاڙهيون ڄڻ ته اماڙيون،
ساهَه وڃن سامُهين کي ساڙيون،
توکي ڏسبو اهڙي ڏهاڙي - اهو ئي ته آهي عشق الاڙي!

عشق سان منهنجي گهاٽي ياري،
جوڀن کان استاد بخاري،
پهرا جاري پهر اجاڙي - اهو ئي ته آهي عشق الاڙي!

استاد بخاري
 
عشق سان منهنجي گهاٽي ياري،
جوڀن کان استاد بخاري،
پهرا جاري پهر اجاڙي - اهو ئي ته آهي عشق الاڙي!

واهه بخاري واهه ۔۔۔۔ اهوئي ته عشق آهي۔
 
Back
Top