• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انٽرنيٽ دنيا : منٽ ۾ گهڻو ڪجهه ٿئي ٿو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

انٽرنيٽ دنيا : منٽ ۾ گهڻو ڪجهه ٿئي ٿو.



جيڪڏهن اوهان کي هي مواد پڙهڻ ۾ هڪ منٽ لڳي وڃي ٿو ته اهو به ڄاڻي وٺو ته انهي هڪ منٽ دوران ڇا ۽ انٽرنيٽ تي ڪيترو ڪجهه ٿي ويو هوندو. مصروف ڪمپيوٽر ڪمپني انٽيل انفوگراف مطابق انٽرنيٽ جي دنيا ۾ فقط 60 سيڪنڊن ۾ ايترو​
ڪجهه ٿي وڃي ٿو۔ هڪ منٽ ۾ سڄي دنيا ۾ ماڻهو 204 ملين اي ميلز ڪندا آهن. 83 هزار ڊالرز جي آن لائن خريداري ٿيندي آهي. جڏهن ته ان دوران هڪ لک ٽوئيٽس ڪيا ويندا آهن.​


گراف جي تحقيقي رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته هڪ منٽ ۾ وڪي پيڊيا تي 6 نوان مضمون شايع ٿيندا آهن. گوگل تي 20 لک سرچ ڪئي ويندي آهي. ۽ فيس بڪ تي 60 لک ڪمينٽس جاري ڪيا ويندا آهن. اهڙي طرح يوٽيوب تي هڪ منٽ ۾ 13 لک وڊيوز ڏٺيون وينديون آهن. فلڪرز تي 3 هزار فوٽو اپلوڊ ڪيا ويندا آهن. انٽيل موجب انٽرنيٽ جي دنيا ۾ صرف هڪ منٽ ۾ 6 لک 40 هزار هي ٻي ڊيٽا اپلوڊ ٿيندي آهي ۽ 2015 تائين اهو انگ ٻيڻو ٿي ويندو.​

 
Back
Top