هڪ چوڻي آهي ته؛ “ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو” يا وري اهو به چيو ويندو آهي ته “ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.” ننڍڙي لاءِ هڪ آکاڻي پڙهڻ لاءِ ملي هئي ته؛ هڪ دفعي هڪ گهاٽي جهنگ ۾ هڪ شينهن هڪ وڻ هيٺان ننڊ ڪري رهيو هو. اوچتو هڪ شرارتي ۽ خوش مزاج ڪوئو کيڏندي اچي شينهن جي ڀر ۾ نڪتو. ڪوئي جڏهن شينهن کي ڏٺو ته هو مزاح ڪرڻ خاطر شينهن جي مٿان ٽپو ڏئي چڙهي ويو ۽ شينهن جي گهاٽن وارن سان کيڏڻ لڳو. اوچتو، شينهن جاڳي پيو ۽ جڏهن ڪوئي کي پنهنجن وارن سان کيڏندي ڏٺائين ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ گجگوڙ ڪري ڪوئي کي ڊيڄاري ڇڏيائين. ڪوئو ويچارو شينهن جي گجگوڙ تي ڏڪڻ لڳو، شينهن جڏهن ڪوئي کي خوف مان ڏڪندي ڏٺو ته کيس رحم اچي ويو، ڪوئي به موقعو ڏسي ندامت مان شينهن کان پنهنجي حرڪت جي معافي ورتي، شينهن کيس معاف ڪري ڇڏيو جنهن تي ڪوئي چيو ته، آءُ به هڪ ڏينهن ڪنهن ڏکئي وقت ۾ تنهنجي ڪم ضرور ايندس، ائين چئي ڪوئو خوشي خوشي پنهنجي ٻرڙ ۾ هليو ويو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان جهنگ ۾ ڪي شڪاري شينهن کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار اڇلائي ويا ۽ اتفاق سان شينهن ان ڄار ۾ ڦاسي پيو، گهڻي ئي ڪوشش ڪيائين پر جان ڇڏائي نه سگهيو ۽ ساڻو ٿي پيو. اوچتو، ڪوئي جو اتان اچي گذر ٿيو ته ڏٺائين ته شينهن ڄار ۾ ڦاٿل آهي ۽ سندس زندگي خطري ۾ آهي، سو ڪيائين نه هم نه تم، پنهنجن ڪوئن دوستن کي وٺي آيو ۽ ڄار کي ڪتري ڪتري، شينهن کي آزاد ڪرائي ساه پٽيائين. ان حادثي کانپوءِ شينهن ۽ ڪوئي جي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي. ************************************************* حاصل مطلب ته؛ پاڻکان ڪمزور کي به خسيس سمجهڻ نه گهرجي، ڪمزور کان ڪمزور انسان ڪڏهن به ڪٿي به ممڪن اوهانجي ڪم اچي وڃي ... انڪري سڀني سان ڀلائي ڪريو ته جيئن اوهان سان ڀلائي ٿئي
ڪائنات ۾ ڪو به فضول پيدا ناهي ٿيو۔۔هر ڪنهن کي ڪنهن نه ڪنهن مقصد لا پيدا ڪيو ويو آ۔۔۔۔اها اسان جي ڪم علمي آهي جو اسان ٻين کي پاڻ کان گهٽ۽ نيچ سمجهندا آهيون۔ بيشڪ الله پاڪ پنهنجي هر مخلوق کي وڏي حڪمت ۽ تدبير سان خلقيو آهي۔ماڪوڙي کان وٺي هاٿي تائين هر جاندار خاص اهميت رکي ٿو۔
بلڪل ادا هن آيت وانگر هَلْ جَزَاء الْإِحْسَانِ إِلَّا الْإِحْسَانُ چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي. سورت رحمان آيت60