ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    هڪ چوڻي آهي ته؛
    “ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو” يا وري اهو به چيو ويندو آهي ته “ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.”

    ننڍڙي لاءِ هڪ آکاڻي پڙهڻ لاءِ ملي هئي ته؛ هڪ دفعي هڪ گهاٽي جهنگ ۾ هڪ شينهن هڪ وڻ هيٺان ننڊ ڪري رهيو هو. اوچتو هڪ شرارتي ۽ خوش مزاج ڪوئو کيڏندي اچي شينهن جي ڀر ۾ نڪتو.

    ڪوئي جڏهن شينهن کي ڏٺو ته هو مزاح ڪرڻ خاطر شينهن جي مٿان ٽپو ڏئي چڙهي ويو ۽ شينهن جي گهاٽن وارن سان کيڏڻ لڳو. اوچتو، شينهن جاڳي پيو ۽ جڏهن ڪوئي کي پنهنجن وارن سان کيڏندي ڏٺائين ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ گجگوڙ ڪري ڪوئي کي ڊيڄاري ڇڏيائين. ڪوئو ويچارو شينهن جي گجگوڙ تي ڏڪڻ لڳو، شينهن جڏهن ڪوئي کي خوف مان ڏڪندي ڏٺو ته کيس رحم اچي ويو، ڪوئي به موقعو ڏسي ندامت مان شينهن کان پنهنجي حرڪت جي معافي ورتي، شينهن کيس معاف ڪري ڇڏيو جنهن تي ڪوئي چيو ته، آءُ به هڪ ڏينهن ڪنهن ڏکئي وقت ۾ تنهنجي ڪم ضرور ايندس، ائين چئي ڪوئو خوشي خوشي پنهنجي ٻرڙ ۾ هليو ويو.

    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان جهنگ ۾ ڪي شڪاري شينهن کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار اڇلائي ويا ۽ اتفاق سان شينهن ان ڄار ۾ ڦاسي پيو، گهڻي ئي ڪوشش ڪيائين پر جان ڇڏائي نه سگهيو ۽ ساڻو ٿي پيو. اوچتو، ڪوئي جو اتان اچي گذر ٿيو ته ڏٺائين ته شينهن ڄار ۾ ڦاٿل آهي ۽ سندس زندگي خطري ۾ آهي، سو ڪيائين نه هم نه تم، پنهنجن ڪوئن دوستن کي وٺي آيو ۽ ڄار کي ڪتري ڪتري، شينهن کي آزاد ڪرائي ساه پٽيائين.

    ان حادثي کانپوءِ شينهن ۽ ڪوئي جي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي.
    *************************************************
    حاصل مطلب ته؛ پاڻکان ڪمزور کي به خسيس سمجهڻ نه گهرجي، ڪمزور کان ڪمزور انسان ڪڏهن به ڪٿي به ممڪن اوهانجي ڪم اچي وڃي ... انڪري سڀني سان ڀلائي ڪريو ته جيئن اوهان سان ڀلائي ٿئي
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ڪائنات ۾ ڪو به فضول پيدا ناهي ٿيو۔۔هر ڪنهن کي ڪنهن نه ڪنهن مقصد لا پيدا ڪيو ويو آ۔۔۔۔اها اسان جي ڪم علمي آهي جو اسان ٻين کي پاڻ کان گهٽ۽ نيچ سمجهندا آهيون۔
    بيشڪ الله پاڪ پنهنجي هر مخلوق کي وڏي حڪمت ۽ تدبير سان خلقيو آهي۔ماڪوڙي کان وٺي هاٿي تائين هر جاندار خاص اهميت رکي ٿو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    نثار صاحب اوهان جون لکڻيون واقعي سبق آموز آهن مهرباني ونڊ ڪرڻ جي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نيڪي جو بدلو نيڪي جي صورت ۾ ملندو آهي ۔۔۔۔ تنهنڪري نيڪي ڪرڻ گهرجي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    بلڪل ادا هن آيت وانگر
    هَلْ جَزَاء الْإِحْسَانِ إِلَّا الْإِحْسَانُ چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.
    سورت رحمان آيت60
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بيشڪ نيڪي جو بدلو نيڪي ۽ بدي جو بدلو بدي ۾ ملندو آهي

    هر ڀيري جيان لاجواب ونڊ آهي سائين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    نيڪي جو بدلو نيڪي هجڻ کپي
    پر نه بي ملي تڏهن به نيڪي ڪرڻ گهرجي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو