پنڪي جي پيءُ ۔۔۔۔۔ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو هڪ واعدو۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    1974 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ جلسي سان خطاب ڪرڻ لاءِ سنڌ جي گرم ترين علائقي شهداد ڪوٽ ويو۔۔۔ هن اتي ڏٺو ته هتان جا ماڻهون انتهائي غريب آهن ۔۔ پوري علائقي ۾ ڪابه فيڪٽري يا مل نه آهي۔۔ سرڪاري دفتر به نه هئڻ جي برابر آهن۔۔۔ پوکائي جو سلسلو به وڌيڪ پکڙيل نه آهي۔۔۔ ۽ شهر ۾ پڻ ڪا وڏي منڊي يا تجارتي مرڪز به نه آهي۔۔۔ تنهن ڪري هتان جا ماڻهون بک، بيروزگاري ۽ غربت جي هٿئون پيسجي رهيا آهن۔۔ ڀٽو صاحب اهڙي صورتحال ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو ان ڪري جلسي ۾ شهداد ڪوٽ ۾ سرڪاري سرمائي سان هڪ وڏي مل لڳائڻ جو اعلان ڪيو۔۔۔ ڀٽو صاحب اهڙو اعلان ڪري اسلام آباد واپس آيو ۽ پنهنجي سٽاف کي شهداد ڪوٽ ۾ مل جي فزيبلٽي رپورٽ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو۔۔۔
    بيوروڪريسي جڏهن فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم ڪيو ته انهن کي ڀٽو جو اهو منصوبو مناسب نه لڳو۔۔۔ آفيسرن جو خيال هو ته شهداد ڪوٽ مل جي لاءِ مناسب علائقو نه آهي۔۔ اتي گرمي گهڻي آهي، روڊ رستا گهٽ آهن، منڊيون شهر کان پري آهن ۽ اتان جا ماڻهون واپار ۽ انڊسٽري لاءِ دوستاڻا خيال نه ٿا رکن۔۔ ان ڪري اتي مل نه ٿي لڳي سگهي۔۔۔ ڊپٽي سيڪريٽري، جوائين سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ آخر ۾ سيڪريٽري پنهنجي راءِ لکي ڀٽو صاحب ڏانهن رپورٽ موڪلي ۔۔۔۔
    ڀٽو صاحب سموري فائل جو مطالعو ڪيو ۔۔۔ سڀني بيوروڪريٽس جا تاثرات پڙهيا ۽ آخر ۾ انهن جي مٿان ڪراس جو نشان لڳائي هيٺان وليم شيڪسپيئر جو هڪ فقرو لکيو ۽ حڪم ڏنو ته ”شهداد ڪوٽ ۾ مل هر صورت ۾ لڳندي۔۔۔“
    ڀٽو صاحب جي پرائيويٽ سيڪريٽري عاجزي سان عرض ڪيو۔۔ ”سر توهان شايد گرائونڊ ريئلٽيز کي نه ٿا ڏسو۔۔ “ ڀٽو صاحب مسڪرائيندي جواب ڏنو۔۔۔ ”سياست جي سڀ کان وڏي گرائونڊ ريئلٽي عوام ٿيندو آهي۔۔ هيء مل عوام جي ڊيمانڊ آهي ۽ جيڪڏهن مان هڪ عوامي حڪمران آهيان ته مون کي ان ڊيمانڊ کي تسليم ڪرڻ گهرجي۔۔۔ ۽ آخري ڳالهه اها ته مون اتان جي عوام سان ان جو واعدو ڪيو آهي۔۔ ۽ مون کي ان واعدي کان ڀڄڻ نه گهرجي۔۔۔۔“
    ڀٽو صاحب جي اها فائيل ۽ ان تي موجود وليم شيڪسپيئر جو لکيل فقرو اڄ به نيشنل آرڪائيو ۾ محفوظ آهي۔۔۔ ۽ اهو فقرو ڀٽو صاحب جو سياسي نظريو هيو۔۔ اهو فقرو ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔
    My pledge is my prid, sir...... My name is my fortune
    هن فقري جو مطلب ڪجهه هن طرح نڪري ٿو۔۔۔ ”منهنجو اصلي فخر منهنجو واعدو آهي۔۔۔ منهنجي واعدن مون کي هڪ ساک ڏني آهي۔۔۔ ۽ اها ساک ئي منهنجو خزانو آهي۔۔۔۔“
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پپني جو پيءُ ۔۔۔۔۔ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو هڪ واعدو۔۔۔

    واقعي ادا ڀٽو صاحب جا اهڙا ئي ڪارناما رهيا آهن انهن جي ڪري هو اڄ به سڀ ڪنهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو

    ڀٽو صاحب جهڙو عظيم سياستدان اسان کي وري ملڻ ناممڪن آهن


    ادا رشيد اڄ محترمه بي نظير ڀٽو جي ٻئي ورسي جي مناسبت سان توهان جا هي ٿريڊس لاجواب آهن

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنڪي جي پيءُ ۔۔۔۔۔ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو هڪ واعدو۔۔۔

    جي مٺڙا رشيد، اڄ به اها مل ڪنهن آثار قديمه جي کنڊرات جو ڏيک ڏيندي آهي ... اڄ به ان مل کي اتان جا مزدور ڏکويل نگاهن سان ڏسي خوابن جي ٽٽڻ جو ماتم ڪندا آهن ... اڄ به اها مل هڪ عبرت جي نشان طور ڀڳل ڀتين ۽ ٽٽل ڇتين سان بيٺي آهي ...

    آءُ ! گنداخي بلوچستان ويندي اتان گذرندي ان مل کي ڏسي زهريلي مرڪ مرڪندو آهيان ته عوام جو پئسو پاڪستان ۾ ايئن برباد ڪيو ويندو آهي !!!

    ”منهنجو اصلي فخر منهنجو واعدو آهي۔۔۔ منهنجي واعدن مون کي هڪ ساک ڏني آهي۔۔۔ ۽ اها ساک ئي منهنجو خزانو آهي۔۔۔۔“

    ڀلي ساک واري خزاني بچائڻ لئه عوام جا ڪروڙين تباه ڪيا وڃن ....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو