ضمير ماري ٿو (غريب گل سيتائي)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ گل چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2009۔

  1. گل چوهاڻ

    گل چوهاڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مئي 2009
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    غريب گل سيتائي
    ضمير ماري ٿو.!

    هو جيڪو قومي پروگرامن کان وٺي ادبي محفلن جي زينت سمجهيو ويندوهو، سندس شاعري کي مڃتا ڏيندي ڪنهن حساس دل ماڻهوءَ کيس لڙڪن جا ٻه موتي به آڇيا هوندا! سڄي سنڌ کيس سرڪش جي نالي سان سڃاڻي ٿي، اهو سرڪش جيڪو پيري جي پيچرن تي هلندي به قومي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙڻ کي پنهنجو فرض سمجهندي جهڙي تهڙي حال ته به هلندو رهي ٿو. سرڪش جيڪو اکين ۾ محبت جا ڪبوتر ۽ شاعري ۾ هوشو جي همٿ ۽ دودي جي دليري سمائي سڄي سنڌ کي آزادي جا پيغام ڏيندو ٿو رهي، اهو ئي سرڪش هاڻي سماج جي چند بيحس ماڻهن جي نشاني تي آهي، سرڪش جو ڏوهه. ؟
    آئون توهان کي ٻڌايان ٿو ته سرڪش جو ڏوهه اهو آهي ته هن پنهنجي هڪ گمراهه ڌيءَ کي، جيڪا پنهنجي حوس کي محبت جو لباس پارائي امانتن ۾ خيانت ڪندڙ هئي، جيڪا سماج جي اخلاقي قدرن کي حوس جي پيرن ۾ بي عزتو ڪندڙ هئي، حالانڪه سرڪش کي محبت تي ته ڪو به اعتراض ڪونه هو هڪ ڌيءَ جڏهن پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو ته هن کائنس پڇيو ته (ڀلا ڪير آهي اهو.؟)
    اکين جي پنبڻين سان عقيدت جا سجدا ڪندڙ سونهن جو پوڄاري سرڪش محبت جو مخالف ڪيئن ٿو ٿي سگهي!، ڇاڪاڻ ته محبت هڪ جذبو آهي جنهن جي پوترتا ۽ پاڪائي صبح جي ڪرڻن جيان مقدس هجي ٿي، احساسن جي هنج ۾ پلجندڙ جذبي کي محبت چئبو آهي نڪي جسمن جي ميلاپ کي محبت ڪوٺبو آهي، هونئن به هر محبت ڪندڙ سان ماڻهون جنسي لاڳاپا ٿورئي رکندو آهي! اسين مڃون ٿا ته محبت کي دائرن ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته سمورا رشتا ۽ سموريون عزتون بالاءِ طاق رکي پنهنجو جسم ڪنهنجي حوالي ڪرڻ کي محبت جو نالو ڏجي.
    آئون سريچند جي ان محبوبا کان اهو سوال پڇان ٿو ته ڇا توهان جو همسفر توهان سان محبت نه ڪندو هوندو؟ ته پوءِ پنهنجن جذبن جي تسڪين لاءِ انهي محبت ڪندڙ جي حق تلفي/ بدديانتي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ انهن سمورن گهر وارن جي عزت جي پائمالي جو حساب ڪتاب ڪهڙي کاتي ۾ لکجي، جيڪي در تي بيٺل ڪنهن غير کان سوال پڇندا آهن ته توهان در تي ڇو بيٺا آهيو.
    اسان مڃون ٿا ته سريچند سان اوهان جي محبت کي ڪنهن ماڻ ۾ ماپي نه ٿو سگهجي، توهان جي احساسن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. پر توهان جو ڀاءُ ۽ توهان جو ابا ان عمل کي جائز سمجهندا هوندا!؟ ڪڏهن به نه، مڃون ٿا ته محبت هر ڪنهن جو حق هجي ٿو پر محبت جي نالي ۾ حوس جي پورائي کي پيار نه پر پاپ ئي ڪوٺي سگهجي ٿو ڇوته توهان ۽ اسان جنهن سماج جا فرد آهيون ان سماج جون به پنهنجون حد بنديون ۽ گهرجون آهن توهان هڪ ئي وقت تي يا ته محبوبا هجو ٿيون يا وري زال/ همسفر باقي محبت جي آڙ ۾ جسمن جي باهه کي پورو ڪرڻ اخلاقيات جي دائري کان ئي ٻاهر هجي ٿو. هر قوم وٽ پنهنجي سماج آهر هڪ اخلاقيات ۽ دائراءِ ڪار هجن ٿا انهن دائرن کي پار ڪندڙ ماڻهو بد اخلاق، بد ڪردار ليکيا ويندا آهن، دلال ذو معنى لفظ آهي توهان سکر جي کجور منڊي جي ڪنهن واڻئي کان دلال جو پتو پڇندئو ته اهو توهان کي ٻڌائيندو ته ڦلاڻو خان آهي پر انهي ساڳي ئي لفظ کي بازار حسن ۾ اچي پڇو ته اتي توهان کي عورتن جي جسم جي ڪمائي تي پلجندڙ ماڻهو کي دلال ٻڌائيندا.
    ان ڇوڪري جڏهن سرڪش سنڌي کي ابا جي حيثيت سان قبول ڪيو ته ان کان پوءِ هڪ پيءَ جا فرض ڇا هجن ٿا اهو توهان ۽ اسان سڀ خوب ڄاڻو ٿا هڪ پيءَ پنهنجي شادي شده ڌيءَ جا ڪنهن غير سان ناجائز لاڳاپا ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگهي آئون نسيم بخاري ۽ عورتن جي حقن جي ان عورت اڳواڻ کان پڇان ٿو ته گهر جي عزت کي هوٽل جي ڪمري تائين کڻي بلبن جي هلڪي هلڪي روشني ۾ جسم جي نمائش کي ڪٿان جي محبت ۽ ڪٿان جا انساني حق آهن ان عورت جي ناجائز ڪمن کي ان جا حق چوندي توهان کي ان جي مڙس جا حق نه سهي پر ان جي ماءُ، ڀيڻ، ڀاءُ، ان جي اولاد سميت ٻين گهر وارن جي حق ڇو نه ٿا ياد اچن جن جي حقن کي لتاڙي گهر جي چوديواري اورانگهي هڪ غير جي ٻانهن جي زينت بڻي، اهو توهان ان کي به ته سمجهايو بجاءِ ان جي جو توهان هڪ پيءَ جا فرض پورا ڪندڙ انسان جي عزت کي ڇڄ ۾ وجهي واوريو ٿا. عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ انهن عورتن کي اهو سمجهه ۾ ڇو نه ٿو اچي ته جڏهن هو هڪ عورت جي حق جي ڳالهه ڪن ٿيون ته انهن کان ٻين عورتن جا حق ڇو ٿا وسري وڃن. ڌيءُ جي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ کان پهرين ان جي ماءُ جا حق به ڪا حيثيت رکن ٿا، انهي جي پيءُ جي پٽڪي جي به ڪا عزت هجي ٿي جنهن کي هو سرعام چوراهن جي زينت بنائن ٿيون. سريچند جي محبت ۾ شاعري ڪندڙ انهي ڇوڪري کي اها به خبر هوندي ته ماٿيلي ۽ ڏهرڪي جون اهي مذهبي جنونيت رکندڙ ڌريون جيڪي هميشه هندن جي عورتن جي عزتن ۾ اکيون رکي ويٺل آهن اهي سدائين انهي تاڙ ۾ هونديون آهن ته شل ڪنهن هندو جي مسلمانن لاءِ ٿيل اڻوڻندڙ ڳالهه انهن جي ڪنن تائين پهچي پوءِ بس اڇي جبي ۾ لڪل حوس پرست درندا ان هندو جي گهر جو گهيراءُ ڪري انهن کان عزت ۽ اسلام جي آڙ ۾ پنهنجون فرمائشون پوريون ڪرائيندا آهن.
    آئون نسيم بخاري کي مشورو ڏيندس ته اهو گهوٽڪي ۽ ماٿيلي وڃي الهورايو بوزدار کان اتان جي مذهبي ڌرين جي ذهني جنونيت جو احوال وٺي ميرپور ڏهرڪي ۽ ان علائقي جي مذهبي ڌرين جي پيدا ڪيل ماحول کي ڏسي تعجب ٿيندو آهي. باقي رهي محبت جي ڳالهه ته سريچند جي مذهب ۽ انهن جي رسمن جي لاءِ، جڏهن اهو پنهنجي سوٽ/ ماسات سان شادي نٿو ڪري سگهي ڀلي پوءِ انهن جي وچ۾ ڪيڏي به محبت ڇو نه هجي، پر هنن کي هندو سماج اها اجازت هرگز نٿو ڏئي ته پوءِ ان شاعره جي شعور جو پير بار بار ڇو ترڪي ان هوٽل جي ڪمري تائين پهتو جتي هن حوس جي چهري کي چپن جو چميون آڇيندي پنهنجي اولاد جو به خيال نه رکيو. سرڪش سنڌي جيڪو پنهنجن لاءِ گهاٽي بڙ جي ڇانو جيان رهيو آهي هن هميشه محبتن جي ٿڌي ڇانو هيٺيان صداقتن جي چادر تي بنا ڪنهن تفريق جي سمورن سنڌين هندو/ مسلم توڙي پارسين کي سڏي ويهاريو آهي اهو سرڪش جيڪو ڀٽائي کي ڀيٽا ڏيندي مدن کي نٿو وساري جيڪو سچل جي پيراندي کان بيهي سنت (ڪنور رام) کي سلام ڪرڻ نٿو وساري اڄ انهي کي چند اخلاق ۽ ظرف کان وانجهيل دانشور کي کيس مذهبي انتها پسند ثابت ڪرڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. قوم پرست هجڻ جو اهو مطلب نه آهي ته پنهنجن جي ناجائز حرڪتن کي اهو چئي درگذر ڪري ڇڏجي پر ڪهڙا به آهن پر سنڌي آهن اها قوم پرستي نه پر قومي دشمني چئبي، حالانڪه سرڪش سنڌي ته ابا واري رشتي کي انهي جي وسعت جيترونڀايو آهي جيڪڏهن هو انهي ڇوڪري کي ڌيءَ نه سمجهي ها ته اڄ ان جو نالو ائين ئي گردش ۾ هجي ها جيئن ميرپور جي انهي هندو جي همراز شاعرن پنهنجي حلقي ۾ ان ڇوڪري کي پنهنجي گڏيل محبوبا باور ڪرائيندا رهيا آهن.
    ابا جيئو شال!
    ابا ڪالهه کان آئون هڪ ڳالهه پئي سوچيان اصل ۾ ڪجهه وقت کان ايم فل ڪرڻ جو ارادو پئي رکان، پر ڪو مناسب ۽ سٺو ٽاپڪ نه پئي مليم ڪالهه اچانڪ خيال آيم ته مان پنهنجي ابا جي شاعري تي ايم فل ڇونه ڪيان جيئن ته سرڪش سنڌي جي مزاحمتي شاعري.
    هوءَ ڪهڙي نه عجيب سوچن جي مالڪ ڇوڪري آهي جيڪا هڪ پيءُ جي مزاحمتي پهلوءَ تي پوري طرح لکڻ گهري ٿي ۽ ان ساڳي مزاحمتي ماڻهو مان اميد رکي ٿي ته اهو سندس اخلاق کان ڪريل حرڪتن توڙي عملن جي پردا پوشي ڪندو ۽ اڄ توڙو جو وقت انهي پيءُ ۽ ڌيءُ جي وچ ۾ صدين جي مسافت جيڏي وٿي وجهي ڇڏي آهي هاڻي به هوءَ هڪ ڌيءَ ئي آهي پر جوڻيون هن جهان جون جي ورقن تائين بس. پر پوءِ به اهو سرڪش جنهن ان ڌيءَ طرفان مليل الزامن جا صليب ۽ ٽڪي جي قيمت جي ڪالمي دانشور، توڙي عورتن جي حقن جي لاءِ جاکوريندڙ انهي عورت اڳواڻ جي الماڙين ۾ علم، ادب، فلسفي ۽ اخلاقيات ج ڪتاب ته ڪاجي سجايل نظر ايندا آهن پر شايد انهن جي ذاتي زندگي اخلاق ۽ ادب کان خالي هوندي آهي.اهي مغربي طرز جي زندگي کي پنهنجو مان سمجهندا آهن اتان جي تهذيب کي شاندار تهذيب سڏي اخلاقيات جو سموريون حدون اورانگهي آوارگي کي عزت سمجهندڙ رولاڪ خيالن جا مالڪ انساني حقن جا اڳواڻ ۽ محبتن جا سفير بنجي پيا آهن، سنڌ جي مٽي جي هڪ مٺ لاءِ به ڌارين سان جنگ جوٽڻ جهڙا سبق ڏيندڙ سرڪش چند ڪم ظرف ماڻهن جي بيهودگين سبب سرڪش اڄ ايترو ته بيوس بنجي پيو آهي جو هن خودڪشي جي ڳالهه ڪندي پنهنجي زندگي جي انت آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، ليڪن آءُ هن غلام سنڌ جي آزادي لاءِ پتوڙيندڙ قافلي جي ادنى سپاهي جي حيثيت سان سنڌ ۽ سيد جو سنهه ڏيندي کيس گذارش ٿو ڪريان ته هو پنهنجو اعلان واپس وٺي ڇو ته غلام قومن جي ڌرتي تي غيرن جي گندي پاڻي تي پليل ذناورن (جانورن) جو هميشه اهو مرق رهيو آهي ته اهي گلن جي فصلن کي ڀيليندي پنهنجو مان ۽ ماڻهپو سمجهندا آهن.

    E-mail: samesindh@yahoo.com 0345-8811937
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو