• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خوشيون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

ڏکايل ڏسي پڇيومانس ته ڇو اداس آهين ؟

چيائين وڏيون خوشيون شايد منهنجي قسمت ۾ ئي لکيل ناهن !!.

پڇيومانس پو ڀلا ننڍيون خوشيون؟

چيائين مان انهن تي سوچيو ئي ناهي.

چيم خوشيون ته خوشيون ٿينديون آهن، خوش رهڻ سکو، وڏين خوشين جي آسري هنن وڻندڙ پلن کي به ڌتاري ڇڏيو اٿئي۔
زندگي ۾ خوش نظر ايندڙ هر شخص جي چهري پٺيان لاتعداد ڏک ۽ پريشانيون به هونديون آهن. پر پوء به هو ٻين جي خوشين لاء پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

ننڍين خوشين کي ماڻي به خوش ٿيو ۔۔۔۔
 
خوشيون اسان جي زندگي جي آس پاس موجود هونديون آهن۔۔
ضرورت انهن کي محسوس ڪرڻ جي آ۔۔۔
اسان کي پنهنجي ذهن کي سمجهائڻو پوندو ته خوشي ڪنهن شي جو نالو ناهي۔۔اها ته هڪ ڪيفيت آهي جيڪا هر انسان جي اندر لڪل آ۔۔۔
جڏهن ذهن مان سڀ غم ڪڍڻا هجن ته ان لا گهڻي محنت جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي دولت يا مال ملڪيت جي ضرورت آ۔۔۔
بس ٻاهر نڪري پنهنجي آس پاس نّظر ڦيرايون۔۔۔۔۔
اسان کي هوائن ۾ هڪ تازگي محسوس ٿيندي۔۔۔
سج جي روشني ڏسي جسم ۾ اميدن جا ڪرڻا اڀرندي محسس ٿيندا۔۔۔
دنيا جي چُر پُر، پکين جي اُڏام ۽ انهن جون ٻوليون۔۔۔۔۔
سمنڊ جون ڇوليون۔۔۔مينهن جو وسڪارو۔۔۔
مطلب ته ڪائنات جي هر هڪ ادا ۾ لڪل خوشي محسوس ڪري سگهجي ٿي۔۔۔۔۔
اگر ڏسڻ واري اک هجي ته خوشيون هر رنگ ۾ نّظر اينديون۔۔۔۔
وڻن جي لڏندڙ پنن ۾۔۔۔گُلن ۾ ، هلندڙ ڦرندڙ جانورن ۾۔۔۔
گهر ۾ کيڏندڙ ٻارن ۾۔۔دوستن جي کِل ڀوڳ ۾۔۔۔وڏن جي خدمت ۾۔۔۔
بيشڪ هن سڄي ڪائنات ۾، الله پاڪ جي خلقيل هر هڪ شي ۾ ڪا نه ڪا خوشي لڪل آ۔۔۔
 
Back
Top