عدليه سُو موٽو ايڪشن وٺي ۽ ڀُٽو، شاه نواز، مرتضي آ ۽ شهيد بينظير قاتلن کي نروار ڪري

'مختلف موضوع' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2009۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ليکڪ ؛ عبدالرزاق ميمڻ
    تاريخ گواهي ڏي ٿي ته ، بري صغير (سنڌ ۽ هند کنڊ) جا ماڻهو هميشه کان پنهنجي بادشاهن ۽ سڏايل باغين سان مُحبتون ڪندا اچن ٿا. هُوءَ به هڪ طرح سان هڪ باغياڻي هُئي، جنهن ڏاٺ زور آڏو ڪنڌ نه جھُڪايو ۽ پوءِ ڪنهن اُن کي ماروي ملير جي چيو، ته ڪنهن هُن کي ڀيڻ، ڌيءَ، بينظير چيو. پر هُن پنهنجو نالو مشرق جي ڌيءَ (دُخترِ مشرق) رکارايو.
    مونکي به سُهڻي سنڌُڙيءَ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاه عبدالطيف رحمهتُ الله عليه جا هي بيت ياد اچن ٿا،
    ـ جيڪڏنهن مان وطن کي ياد ڪري هتي ( تنهنجي محلاتي قيد خاني ۾) مري وڃان، ته عُمر سُومرا (بادشاه) ته تون منهنجي جنازي کي، مُهنجن ماڻهن وٽ ضرور موڪلجئين.
    تون مُهنجي ميت کي منهنجي ڏاڏاڻي ديس ملير جي مٺي ڪاٺين جي پاڙُن مان نڪرندڙ خوشبوءِ ڏجان ته جيئن آئون مري به زنده سڏجان. ۽ پوءِ جنهن ڏينهن مون ڪربلا (راولپنڊيءَ) مان سندس لاش هڪ جھاز (سي_ ون ٿرٽيءَ) ۾ سرزمين سنڌُڙيءَ تي لهندي ڏٺو ۽ تڏنهن اُها ماروي ملير جي (سنڌُ جي شهيد راڻي) بنجي چُڪي هُئي.
    پر افسوس جو سندس شهادت کي ٻه سال اچي ٿيا آهن، ۽ پُر اسراريت جي مجرمانه چادر اڃا به حالتن ۽ حقيقتون ڄاڻڻ ۾ ڊگھي ٿيندي وڃي. خبر ناهي ڇو اڃا تائين خاڪي وردي ۽ ملير جي اجرڪ ۾ ڇا عجيب سنگم آهي. تڏنهن ته ڪي آواز ٻوڌجن ٿا ته:
    تون آهين ڪاري ڏاّڙهيءَ وارو، يا آهين خاڪي ورديءَ وارو
    تون آهين ڳاڙهو، سائو، اڇو نسل وارو، يا آهين گورو ۽ ڪارو
    تون آهين، ڊاڪو چور لُٽيرو، يا قومي غُنڊو دُهل ڌمال وارو
    پنهنجو آهين يا آهين پرايو، يا آهين اونڌاين ۾ لڏ پلاڻ وارو.
    شهيد بينظير سان عوام جو اڪثر (لئوِ افيئر) قسم جو رشتو هو. ۽ هي عشق کين، وراثت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو طرفا مليو هو، تڏنهن ته عجيب ڳاله هُئي جو هتي جي عوام جي هُن ٽُٽل ڦُٽل اڙدو ۽ سنڌي ڳالهائڻ واري گوري ميم سان مُحبت هُئي. تڏنهن ته مونکي ياد پيو اچي ته نواب شاه جي (سنڌ نيوز اخبار) جي هڪ نمائندي جڏنهن سندس آصف زرداريءَ سان مـڱڻيءَ جي خبر ڇاپي ته جيالا اُن نمائندي سان وڙهڻ جا سانڀاءَ ڪرڻ لڳا، ڇو جو هُو بيبيءَ سان لافاني مُحبت ۾ ڪنهن کي شرڪت برداشت نه پئي ڪري سگھيا.۽ تڏنهن پنجاب جي هڪ جيالي دانه ڪئي ته بيبييءَ سان اُهو شادي ڪري سگھندو جنهن جي پُٺ تي پنڌرهن ڪوڙا لڳل هوندا. ۽ توهان ڏڍو ته پوءِ آصف زرداريءَ به يارهن سال قيد ڪاٽيو ۽ ٽارچر برداشت ڪيا.

    ڪي ماڻهو مُحترمه جي شهادت جي ڀيٽ لياقت علي خان سان ڪن ٿا جيڪو پڻ ڪربلا( راولپنڊيءَ) ۾ ڪُسيو، ته ڪي شهيد مرتضي ا ڀُٽو جي شهادت کي سندس ڊرائيور ۽ پي پي جي ڪارڪن خالد شهنشاه سان نٿي ڪن ٿا جيڪي پوءِ قتل ٿي ويا ۽ مُرتضي جي اهم ڪردار ۽ پوليس انسپيڪٽر حق نواز سيال جي هلاڪت سان جنهن جي موت کي پوءِ خودڪشيءَ قرار ڏنو ويو. حيرت اها آهي ته هن ئي آزاد عدالت سڳوريءَ مرتضي ڀُٽو جي قتل م ملوث سڀني ڪردارن کي بري ڪري ڇڏيو، اها عدالت جنهن تي شهيد ڀُٽو جي قيادت کي اٿتماد پڻ هو.
    خبر ناهي اڃا ڇو؟ اها آزاد سڏجندڙ عدالت، نواز شريف ۽ آءِ. جيء. آءِ گروپ جي لاءِ سو موٽو ايڪشن کڻي، نواز شريف کي هر جُرم کا بري ڪري ٿي پر،عدالت ڀُٽو ۽ سندس فيمليءَ جي قاتلن کي سو موٽو ايڪشن کڻي نبيرو ڪري... ڪٿي’’؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو