رحمت الله ماڃوٺي گهڻو پڙهي گهڻو لکي به ماڻهن تائين پاڻ ۽ پنهنجي تحريرن کي پهچائڻ ۾ گهٽ ڪامياب ٿيو آهي۔ سندس شخصيت بابت به سندس سنگت جا مُختلف رايا آهن ۽ شايد سندس انهي درويش طبيعت سبب ئي هو پاڻ کي بهترين ليکڪ طور نه ٿو قبولي، رهندو بيزار ليکڪ ٿو چوي۔ وٽس پنهنجي ڪنهن به لکڻي جو ڪو رڪارڊ ناهي۔ ۔ ۔هو قطعي به اهڙو نه ٿو لڳي جهڙو هو لکي ٿو۔ هُن کان زماني جي دردن مُرڪون کسي ورتيون جيڪي بچيون سي هُن لفظن ۾ ويڙهي پڙهندڙ کي تحفي طور ڏيئي ڇڏيون۔ ۔ ۔
سندس نوجواني ۾ لکيل ناول ”ڳولا“ جيڪو سندس الائي ڪيترن پرستارن ته اڻ ڇپيل ئي پڙهي ورتو۔ پر هن درويش کي ڪا فڪر نه رهي ته ناول جو ڇا ٿيندو۔ ۽ هاڻ جڏهن اهو ناول ڇپيو آهي ته ڪُجهه نا معلوم سببن جي ڪري مارڪيٽ ۾ اچي ناهي سگهيو۔ پر هڪ دل واري مون کي پڙهڻ لاءِ ڏنو۔ زندگي ۾ پهريون دفعو ڪو ڪتاب هڪ نشست ۾ پڙهي پورو ڪيم۔ ڪردار ڏاڏي آدم ۽ حوا کان ٿي يوسف ذليخا تائين پُهچي ٿو ۽ پوءِ پاڻ ۽ عفت توڙي ساجدا کي به انهي تسلسل ۾ ڏسي لا اله تي اٽڪي ٿو پئي۔ بهترين لفظن سان سينگاريل اهو ناول ضرور پڙهڻ جهڙن ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي۔ ناول جي شروعاتي ورقن مان ڪُجهه اقتباس طور هيٺ پيش آهي۔
”مون ڇرڪي انهي شئي ڏانهن ڏٺو، جنهن جي کائڻ کان تو روڪيو هو.
هڪ اهڙي شئي جنهن ۾ مون لاءِ ڪابه ڪشش به نه هئي
مون اطمينانن سان هُن ڏانهن ڏٺو،
هوءَ جيڪا حوُرن جي قطار ۾ سڀ کان اڳيان بيٺي هئي
۽ جنهن جو تعارف تو حوا چئي مون سان ڪرايو هو.
مون ڏٺو، هُن ٽڪ ٻڌي مون کي پئي گهوريو.
مون تنهنجو شڪر بجا آندو.
تو حوا لاءِ ته منع نامو جاري نه ڪيو هو!؟
پر اها پهرين بندش هئي، جا تو مون لاءِ جاري ڪئي هئي.
۽ پوءِ جڏهن تنهنجي جوڙيل هيءَ جوءَ مون لاءِ اوپري نه رهي،
تڏهن مون ۽ حوا سيئون نديءَ ڪناري پير ڊگهاري ڪيئي جُڳ گذاريا.
_______ _____ _____
سيئون اسان جي انهن قربتن جي اڪيلي گواهه
__________ ____ ______
حوا چيو: ”جنهن شئي کان توکي ڪو ٻيو روڪي ۽ آئون ان لاءِ چوان ته!؟“
چيم: تنهنجو چيو مون لاءِ آڪاش واڻيءَ کان وڌيڪ آهي.“
چيائين”پوءِ هِتان تڙيو ويندين.“
چيم: ”تنهنجو حُڪم نه مڃڻ کان وڏي سزا تڙجڻ نه آهي“
چيائين: ”ڌرتي تي ڦٽو ڪيو ويندين!“
وراڻيم: ضمير جي عذاب کان ڇُٽل رهندس.“
چيائين: ”هي ڪپڙا توکان ڦُريا ويندا.“
چيم:” ايئن ته هڪ ٻي بندش مان به آجو ٿي پوندس!“
(کيس منهنجي چاهت تي شايد شڪ هو)
چيائين: ”چوڻ آسان آهي“
وراڻيم ”ڪرڻ مُشڪل نه آهي.“
.........
۽ پوءِ آءُ اهو ڪري گذريس
جنهنن جي ڪرڻ کان تو روڪيو هو
۽ جنهن جي ڪرڻ لاءِ حوا چيو هو.
===================
رحمت الله ماڃوٺيءَ جي ناول ”ڳولا“ جو هڪ اقتباس