رحمت الله ماڃوٺي جو ناول ”ڳولا“

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    رحمت الله ماڃوٺي گهڻو پڙهي گهڻو لکي به ماڻهن تائين پاڻ ۽ پنهنجي تحريرن کي پهچائڻ ۾ گهٽ ڪامياب ٿيو آهي۔ سندس شخصيت بابت به سندس سنگت جا مُختلف رايا آهن ۽ شايد سندس انهي درويش طبيعت سبب ئي هو پاڻ کي بهترين ليکڪ طور نه ٿو قبولي، رهندو بيزار ليکڪ ٿو چوي۔ وٽس پنهنجي ڪنهن به لکڻي جو ڪو رڪارڊ ناهي۔ ۔ ۔هو قطعي به اهڙو نه ٿو لڳي جهڙو هو لکي ٿو۔ هُن کان زماني جي دردن مُرڪون کسي ورتيون جيڪي بچيون سي هُن لفظن ۾ ويڙهي پڙهندڙ کي تحفي طور ڏيئي ڇڏيون۔ ۔ ۔
    سندس نوجواني ۾ لکيل ناول ”ڳولا“ جيڪو سندس الائي ڪيترن پرستارن ته اڻ ڇپيل ئي پڙهي ورتو۔ پر هن درويش کي ڪا فڪر نه رهي ته ناول جو ڇا ٿيندو۔ ۽ هاڻ جڏهن اهو ناول ڇپيو آهي ته ڪُجهه نا معلوم سببن جي ڪري مارڪيٽ ۾ اچي ناهي سگهيو۔ پر هڪ دل واري مون کي پڙهڻ لاءِ ڏنو۔ زندگي ۾ پهريون دفعو ڪو ڪتاب هڪ نشست ۾ پڙهي پورو ڪيم۔ ڪردار ڏاڏي آدم ۽ حوا کان ٿي يوسف ذليخا تائين پُهچي ٿو ۽ پوءِ پاڻ ۽ عفت توڙي ساجدا کي به انهي تسلسل ۾ ڏسي لا اله تي اٽڪي ٿو پئي۔ بهترين لفظن سان سينگاريل اهو ناول ضرور پڙهڻ جهڙن ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي۔ ناول جي شروعاتي ورقن مان ڪُجهه اقتباس طور هيٺ پيش آهي۔

    ”مون ڇرڪي انهي شئي ڏانهن ڏٺو، جنهن جي کائڻ کان تو روڪيو هو.
    هڪ اهڙي شئي جنهن ۾ مون لاءِ ڪابه ڪشش به نه هئي
    مون اطمينانن سان هُن ڏانهن ڏٺو،
    هوءَ جيڪا حوُرن جي قطار ۾ سڀ کان اڳيان بيٺي هئي
    ۽ جنهن جو تعارف تو حوا چئي مون سان ڪرايو هو.
    مون ڏٺو، هُن ٽڪ ٻڌي مون کي پئي گهوريو.
    مون تنهنجو شڪر بجا آندو.
    تو حوا لاءِ ته منع نامو جاري نه ڪيو هو!؟
    پر اها پهرين بندش هئي، جا تو مون لاءِ جاري ڪئي هئي.
    ۽ پوءِ جڏهن تنهنجي جوڙيل هيءَ جوءَ مون لاءِ اوپري نه رهي،
    تڏهن مون ۽ حوا سيئون نديءَ ڪناري پير ڊگهاري ڪيئي جُڳ گذاريا.
    _______ _____ _____
    سيئون اسان جي انهن قربتن جي اڪيلي گواهه
    __________ ____ ______
    حوا چيو: ”جنهن شئي کان توکي ڪو ٻيو روڪي ۽ آئون ان لاءِ چوان ته!؟“
    چيم: تنهنجو چيو مون لاءِ آڪاش واڻيءَ کان وڌيڪ آهي.“
    چيائين”پوءِ هِتان تڙيو ويندين.“
    چيم: ”تنهنجو حُڪم نه مڃڻ کان وڏي سزا تڙجڻ نه آهي“
    چيائين: ”ڌرتي تي ڦٽو ڪيو ويندين!“
    وراڻيم: ضمير جي عذاب کان ڇُٽل رهندس.“
    چيائين: ”هي ڪپڙا توکان ڦُريا ويندا.“
    چيم:” ايئن ته هڪ ٻي بندش مان به آجو ٿي پوندس!“
    (کيس منهنجي چاهت تي شايد شڪ هو)
    چيائين: ”چوڻ آسان آهي“
    وراڻيم ”ڪرڻ مُشڪل نه آهي.“
    .........
    ۽ پوءِ آءُ اهو ڪري گذريس
    جنهنن جي ڪرڻ کان تو روڪيو هو
    ۽ جنهن جي ڪرڻ لاءِ حوا چيو هو.

    ===================
    رحمت الله ماڃوٺيءَ جي ناول ”ڳولا“ جو هڪ اقتباس
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    واه ادا تمام زبردست ناول آهي
    اسان کي انتظار رهندو ان ناول جو
    روح بيقرار رهندو ناول کي پڙهڻ لئه۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا رحمت الله ماڃوٺي سنڌي زبان جو بهترين ڊرامه نويس آهي ۽ سندس ڊرامن ۾ هميشه معاشري جون خرابيون کي سامهون آندو ويندو آهي، سندس پروگرام ٻه ٽاڪ شو به بهترين پروگرام آهي، ان کان علاوه سندس ٻيا به ڪيترائي اهڙا ڊرامه آهن جنهن جي تعريف نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي۔ ماڃوٺي صاحب منهنجي پسند جو ليکڪ آهي۔سندس لکڻي ۾ دم آهي مگر هت ( موجوده ٽي وي چينلن کي ) لکڻي جو دم نه پر چمچاگيري وارو ڪم گهرجي جيڪو هن فقير کان نه ٿو ٿئي۔
    [​IMG]
    رحمت الله ماڃوٺي .. ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ناول ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن نه ٿو چپجي ته ان جا ڪهڙا سبب آهن ۽ جي ڇپيو آهي ۽ مارڪيٽ ۾ نه ٿو اچي ته ان جا ڪهڙا سبب آهن۔ جيڪڏهن ڪوبه ناول ڇپڻ لاء تيار ناهي ته پوء سنڌ سلامت تي اي بوڪ جي صورت ۾ آڻڻ گهرجي۔

    رحمت الله ماڃوٺي جهڙا ماڻهو خوددار هوندا آهن، جن لاء پئسو اهميت نه ٿو رکي، هو تمام وڏا ماڻهو آهن۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير رحمت الله ماڃوٺي سان هن مسڪين جون ڪافي ملاقاتون ٿيل آهن۔۔۔ خاص طور تي سائين ماڃوٺي سان ٿيل ملاقاتون درگاه شريف حضرت قبلا الحاج حافظ امام بخش رح سومرو باقراڻي شريف تي ۽ سائين جي پوٽي سائين حضرت قبلا مخدوم الحاج حافظ حبيب الرحمان سومرو دامت برڪات هم العاليه جي ڀٽائي آباد ڪراچي، آستاني ٿيل ڪچهريون تمام گهڻو ياد اينديون آهن۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ساجده جي نالي سان ارپيل منهنجي مست الست يار جو هي نظماڻو ناول ”ڳولا“کي جڏهن مون ڦوليو پئي ته منهنجي هيج ڀريي هانءَ ۾ تهائين اڇل آئي ته اڙي! هي ته ساڳيون ساروڻيون آهن، جن جو سرو شاهه يقيق ۽ چوهڙ جمالي کان شروع ٿئي ٿو ۽ انت جي ڪا پڄاڻي به نه!
    ”ڳولا“ منهنجي هٿن ۾ آهي ناسي رنگ واري ٽائيٽل تي بنا ڪنهن اهڃاڻ جي ”ڳولا“ جو سفر شروع ٿئي ٿو، ڪاغذ بنهه رحمت جي وڻندڙ مزاج جهڙو ڀاسيو،۔سنڌي ادب ۾ هي پهريون نظماڻو ناول آهي، سٽاءُ، ڊڪشن، ٻولي ۽ انداز بيان لاجواب ڪندڙ آهن۔
    مون ٻه راتيون ااڳ ”ڳولا“ جو اڀياس ڪري ساجده کي سنيهو ڪري چيو ته پڙهجانٰ پليز
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڳولا جي ساجده هُجي يا رهجي ويل منظر جي سنجها ٻنهي جي نسبت سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي سان آهي۔ اوهان ڀلو ڪيو جو نياپو پُهتو ڪيؤ۔ ڳولا هڪ اهڙو ناول آهي جيڪو ڪو به هڪ نشست ۾ پڙهڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو۔ پر اهو ڪتاب الاءِ ڇو مارڪيٽ ۾ اچي ناهي سگهيو۔
     
  8. جمشيد جوکيو

    جمشيد جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 نومبر 2012
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت روزاني سنڌ ضلعو ٺٽو
    ماڳ:
    ٺٽو
    اسان هن تمام بهترين ناول سان تمام گهڻا خوش آهيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو