اڄوڪو ڏينهن 27 مارچ تاريخ جي دريءَ مان

'مارچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 27 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    27 مارچ 1884ع شاعر پير احمد علي قريشي (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
    27 مارچ 1931ع ليکڪ ۽ شاعر ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي (روهڙي ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    27 مارچ 1932ع شاعر سعد الله غازي جو جنم ڏينهن آهي.
    27 مارچ 1940ع شاعر بسنت ڪمار رائچنداڻي تياڳي جو جنم ڏينهن آهي.
    27 مارچ 1955ع شاعر برج لال بيوس (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
    27 مارچ 1962ع سياستدان ۽ شاعر مخدوم جميل الزمان (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
    27 مارچ 1964ع شاعر محمد حبيب ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
    27 مارچ 1971ع ليکڪ ۽ صحافي توفيق علي منگي جو جنم ڏينهن آهي.
    27 مارچ 1976ع شاعر غريب گُل (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
    27 مارچ 1981ع ليکڪ مير دلشاد ڌاريجو (مٺا خان) جو جنم ڏينهن آهي.
    27 مارچ 1985ع شاعر وفا زرداري (ڄام زرداري) جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    27 مارچ 1897ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ساکرو جي وفات ٿي.
    27 مارچ 1898ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ عليڳڙهه يونيورسٽي جي باني سر سيد احمد خان جو انتقال ٿيو.
    27 مارچ 1939ع صوفي بزرگ صوفي محمد شاهه جو لاڏاڻو ٿيو.
    27 مارچ 1954ع پير عظيم شاهه (نصرپور) جو انتقال ٿيو.
    27 مارچ 1968ع رئيس غلام رسول ڀرڳڙي وفات ڪري ويو.
    27 مارچ 1997ع نوجوان راڳي مريد عباس ڪٽپر کي قتل ڪيو ويو.
    27 مارچ 1999ع شاعر مسڪين ملاڪاتياري وفات ڪري ويو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 27 مارچ جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 مارچ 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    راڳي مريد عباس ڪٽپر

    “سهڻا سڀاڻي جي ڪاوش اخبار پڙهجانءِ، منهنجي موت جي تون يار خبر پڙهجانءِ” گيت ڳائي بي پناهه شهرت ماڻيندڙ راڳي مريد عباس ڪٽپر جي وڇوڙي کي 15 سال مڪمل ٿيڻ باوجود اڃا تائين هن جي گهر ۾ سوڳ برقرار، سندس دوستن کان اڄ به شهيد مريد عباس ڪٽپر وسري نه سگهيو آهي، جڏهن ته سندس امڙ عظيمان ڪيترائي سال انصاف لاءِ واجهائيندي ڪورٽن جا در کڙڪائيندي رهي. موڀي پٽ جو صدمو برداشت نه ڪندي پاڻ به لاڏاڻو ڪري وئي. شهيد مريد عباس شهيدن جي شهر نئين ديري ۾ 10 اپريل 1973ع تي محمد عالم ڪٽپر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد به موسيقي سان چاهه رکندڙن مان هو ۽ پيءُ جي ئي سهڪار سان مريد عباس راڳ جي دنيا ۾ پير پاتو، شهيد مريد عباس ڪٽپر راڳ جي سکيا استاد غلام شبير سمون کان ورتي ان بعد مريد عباس ٿورڙي ئي عرصي ۾ راڳ جي ايترو ته ويجهو ٿي ويو جو هن سيمي ڪلاسيڪل موسيقي جي ڪيترن ئي صنفن جهڙوڪ گيت، غزل، لوڪ موسيقي، ڪافي ۽ هلڪي پاپ گيتن کي نهايت ئي سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ مهارت حاصل ڪري ورتائين، مريد عباس جو پهريون آڊيو البم 1997ع جاري ٿيو جنهن البم رليز ٿيڻ سان ئي کيس شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. مريد عباس گيت ڳائڻ کانسواءِ نوحه ۽ مرثيه به پڙهندو هو. مريد عباس شاهه ولايت سنگيت ڪلب ۾ راڳ جي سکيا ڏيندي ڪيترائي بهترين شاگرد تيار ڪيا انهن ۾ ڪي ٽي اين جي ميوزڪ شعبي جو انچارج غلام علي سمون به آهي جڏهن ته لطيف قاضي، منير ميراڻي، توفيق عباس ۽ ٻيا شامل آهن. مريد عباس جا ڳايل گيت جيڪي عوام ۾ مقبول ويا انهن ۾ “سهڻا سڀاڻي جي ڪاوش اخبار پڙهجانءِ”، نئون ديرو جو ڪو ثاني ڪونهي، اڄ هميشه لئه توکان موڪلايو ٿو وڃان، مٿان موت اچي بيٺو پر يار نه تون آئين، سر گهرندين ته ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ ٻيا شامل آهن، مريد عباس کي 9 ذوالحج 27 مارچ 1997ع تي عيد رات سندس ئي ڪلب ۾ قتل ڪيو ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو