پاڪستان ۾ اليڪشن

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    پاڪستان ۾ اليڪشن جو مثال، پاڪستاني سياستدانن لاءِ ائين آهي جيئن بکايل ڳجهن کي ڍونڍ جي ڌپ اچي وئي هجي ...

    سنڌيءَ ۾ هڪ مثال ڏنو ويندو آهي ؛

    ” هل ڙي پڇ ڪاري“

    تازو ارباب غلام رحيم، جنهن پنهنجي وقت ۾ سنڌ دشمنيءَ ۾ ڪا قصر نه ڇڏي هئي، جنهن جي وقت ۾ سنڌ سموريءَ جو ناڻون ۽ مال ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪري سنڌ کي بکن ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو هيو ... جنهن جي دور ۾ سنڌ جا ٻيٽ کپائڻ کان وٺي سڀ اهي ڪم ڪيا ويا جيڪي تازو پ پ پ پڻ ڪيا آهن ...

    اهو ارباب رحيم هاڻ پ پ پ تي اهي ئي الزام هڻندي نظر اچي رهيو آهي، جيڪي هو پاڻ پنهنجي دور ۾ ڪندو رهيو ...

    هن اليڪشن ۾ ساڳيا چور، ڌاڙيل ۽ ظالم سياستدان هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي ڄورن جيئان چوسڻ لاءِ ڏند تيز ڪري رهيا آهن ... وڏيرن سردارن ۽ پيرن ميرن جي مدد سان پنهنجن پيٽن تي هٿ ڦيري رهيا آهن .... حياءَ ۽ غيرت کان خالي اهي سياستدان سنڌ کي وڪڻندا رهيا آهن ۽ سندن ساڳيو عمل جاري رهندو ...

    سنڌ واسين کي آءُ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪندس ته جيتوڻيڪ اليڪشن سان سنڌ جا مسئلا حل ڪون ٿيندا پر پوءِ به سنڌ جي پارليامنٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪي اهڙا ماڻهون موڪليو جن کي تعليمي شعور هجي، جن جي اکين ۾ ڪو حياءُ شرم هجي ... جن کي سنڌ سان رغبت هجي، جيڪي سنڌ جي غريبن جا همدرد هجن، جيڪي سنڌ جي مسئلن کان آگاهه هجن ...

    ريشمي بسترن تي سمهڻ وارن کي غريب جي جهوپڙن ۾ وڇايل کٿي جي کهرائپ جي ڪهڙي ڄاڻ...؟؟؟

    خدارا !!! پاڻ مان ئي پنهنجا همدرد ماڻهون چونڊيو جن کي غريب جي جهوپڙيءَ جي انڌ ۽ بک جو احساس هجي ... خدارا پنهنجو قومي فرض نڀايو ۽ سنڌيت جي بنياد تي ووٽ ڏئي پنهنجن ٻچڙڻ جو ڪنهن حد تائين بچاءُ ڪريو ...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان تي ڇا تبصرو ڪجي ۔۔۔۔

    ارباب رحيم : پ پ پ ، ق ليگ، ن ليگ، ۽ هاڻي الائي ڇا ۔۔۔۔۔۔ ڦرندا رهو۔

    ماروي ميمڻ: ق ليگ، قومپرست ۽ تبديلي پسند ۽ هاڻ ن ليگ ۔۔۔۔ ڦيريون ئي پائيندا رهو۔

    ممتاز ڀٽو: پي پي، فرنٽ، قومپرست، ڏهيسر سنڌ ۽ هاڻ نواز ليگ ۔۔۔۔

    ظفر علي شاهه: پي پي پي، آزاد، پي پي پي ۽ هاڻ فنڪشنل ليگ ۔۔۔۔

    لياقت جتوئي: قومپرست، نواز ليگ، ق ليگ ۽ وري هاڻ نواز ليگ ۔۔۔۔۔

    غوث بخش مهر: پي پي پي، مسلم ليگ، آزاد، پي پي پي ، ق ليگ، پي پي پي ۽ هاڻ فنڪشنل ليگ۔۔۔۔

    مهر ڀائر : پي پي پي، آزاد، پي پي پي، ق ليگ ۽ هاڻ پي پي پي۔۔۔۔۔

    شيرازي ڀائر: پي پي پي، نواز ليگ، پي پي پي، ق ليگ ۽ هاڻ پي پي پي ۔۔۔۔۔

    ايم بي عباسي: زرداري جو سڄو هٿ ۽ هاڻ فنڪشنل ليگ ۔۔۔

    غيبي ديري وارا چانڊيا ۔۔۔۔ هميشه ڦيري گهيري

    مير منظور پنهنور : پي پي پي، مسلم ليگ، آزاد، پي پي پي ۽ هاڻ فنڪشنل ليگ ۔۔۔۔

    ائين ئي پرويز شاهه، مقبول شيخ، نبيل گبول، لنڊ ڀائر، ميان مٺو، شاهه محمد شاهه، امتياز شيخ، حڪيم بلوچ ۽ ڪيترائي ٻيا آهن جيڪي پنهنجي مفادن سان پيارا آهن۔ اهڙن جاگيردارن، وڏيرن جي هوندي سنڌ جو ڪو فائدو ڪونه ٿيندو، ڀلي ڪهڙي به پارٽين ۾ هجن۔ ۔ اڃان الائي ڪيترا آهن جيڪي سنڌ جي ڳالهه ٿا ڪن، پر اصل ۾ اهي ڪرسي جي پويان آهن، ذاتي مفادن جي پويان آهن، اهي ئي ماڻهو هيا جن سنڌ کپائي، جن ڪراچي جي فيڪٽرين ۾ سنڌين جا دروازا بند ڪرائڻ ۾ ارباب دور ۾ قانون پاس ڪيا، فنڪشنل، شيرازي، جتوئي، ق ليگ سڀ ئي ته هيا جن ڪراچي جا ضلعا ۽ ضلع ڪائونسل ختم ڪئي، هي اهي ئي ته آهن جن حيدرآباد جا ٽڪرا ڪري ضلع تي ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيو ۔۔۔۔

    ۽ هن دور ۾ اهو سڀ پ پ پ ڪندي رهي ۔۔۔۔۔اسان لاء ته هنن مان ڪوبه سڄڻ ناهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اميدوار يا ته ڌاڙيل يا وري چور۔۔۔ هاڻي ڇا ڪجي؟
    چيائون ته پوء به چور ڀلو، ڌاڙيل کان ته گهٽ ظلم ڪندو
    پر تاريخ گواه آهي ته چور اليڪشن کٽڻ کان پوء ڌاڙيل ٿيو وڃي۔۔
    ڪو سنڌ دوست ۽ همدرد ڪٿي هجي ته ان کي ووٽ ڏجي، هتي ته ڪو ڳوليو ئي ڪو نه ٿو لڀي۔۔ جهڙي ڌوڙ تهڙي ڇائي۔۔۔
    پر آخر ۾ لعن طعن وري به ووٽر کي ته بابلا توهان وٽ ڏنا هاڻي ڀوڳيو۔۔۔
    ايتري انڌير نگري۔۔ جتي مظلوم ئي ظالم آهي۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ

هن صفحي کي مشهور ڪريو