نثارابڙو
نائب منتظم

پاڪستان ۾ اليڪشن جو مثال، پاڪستاني سياستدانن لاءِ ائين آهي جيئن بکايل ڳجهن کي ڍونڍ جي ڌپ اچي وئي هجي ...
سنڌيءَ ۾ هڪ مثال ڏنو ويندو آهي ؛
” هل ڙي پڇ ڪاري“
تازو ارباب غلام رحيم، جنهن پنهنجي وقت ۾ سنڌ دشمنيءَ ۾ ڪا قصر نه ڇڏي هئي، جنهن جي وقت ۾ سنڌ سموريءَ جو ناڻون ۽ مال ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪري سنڌ کي بکن ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو هيو ... جنهن جي دور ۾ سنڌ جا ٻيٽ کپائڻ کان وٺي سڀ اهي ڪم ڪيا ويا جيڪي تازو پ پ پ پڻ ڪيا آهن ...
اهو ارباب رحيم هاڻ پ پ پ تي اهي ئي الزام هڻندي نظر اچي رهيو آهي، جيڪي هو پاڻ پنهنجي دور ۾ ڪندو رهيو ...
هن اليڪشن ۾ ساڳيا چور، ڌاڙيل ۽ ظالم سياستدان هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي ڄورن جيئان چوسڻ لاءِ ڏند تيز ڪري رهيا آهن ... وڏيرن سردارن ۽ پيرن ميرن جي مدد سان پنهنجن پيٽن تي هٿ ڦيري رهيا آهن .... حياءَ ۽ غيرت کان خالي اهي سياستدان سنڌ کي وڪڻندا رهيا آهن ۽ سندن ساڳيو عمل جاري رهندو ...
سنڌ واسين کي آءُ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪندس ته جيتوڻيڪ اليڪشن سان سنڌ جا مسئلا حل ڪون ٿيندا پر پوءِ به سنڌ جي پارليامنٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪي اهڙا ماڻهون موڪليو جن کي تعليمي شعور هجي، جن جي اکين ۾ ڪو حياءُ شرم هجي ... جن کي سنڌ سان رغبت هجي، جيڪي سنڌ جي غريبن جا همدرد هجن، جيڪي سنڌ جي مسئلن کان آگاهه هجن ...
ريشمي بسترن تي سمهڻ وارن کي غريب جي جهوپڙن ۾ وڇايل کٿي جي کهرائپ جي ڪهڙي ڄاڻ...؟؟؟
خدارا !!! پاڻ مان ئي پنهنجا همدرد ماڻهون چونڊيو جن کي غريب جي جهوپڙيءَ جي انڌ ۽ بک جو احساس هجي ... خدارا پنهنجو قومي فرض نڀايو ۽ سنڌيت جي بنياد تي ووٽ ڏئي پنهنجن ٻچڙڻ جو ڪنهن حد تائين بچاءُ ڪريو ...