مهان سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهان سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز​
    ورسي جي حوالي سان

    ڪامريڊ ڪريم بلوچ​

    شيخ اياز سنڌ جو ڪارڊ آهي. اياز ڪامريڊ سوڀي لاءِ چيو ته سوڀو اسان جو لعل قلندر آهي ۽ موهن جو دڙو جنهن کي سيڪ ۽ سم چوطرف ويڙهي وئي آهي پر اسان ان جي حفاظت نه ڪري سگهيا آهيون. تيئن ئي اياز شاعرن جو به لعل قلندر ۽ موهن جو دڙو آهي. اسان سندس فڪر ۽ شاعري عام ماڻهن تائين نه پهچائي سگهيا آهيون. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ شيخ اياز جي شاعري شامل ناهي ڪئي وئي. شيخ اياز جي ٽهيءَ جي شاعرن جي جيڪا شاعري درسي ڪتابن ۾ موجود آهي تنهن کان اياز جي شاعري وڌيڪ سگهاري ۽ تعميري آهي.

    شيخ اياز جي سموري شاعري سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي ۽ ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ئي نروار ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن تڏهن اهي ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي دور جا عڪس ۽ تاريخ ٿيندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي ٻيا شاعر ۽ اديب به ڏنا آهن. اسان جي سنڌي شعر ۽ سنڌي ادب جو اڄ اهو ئي مقصد آهي ته اسان جي هر مادياتي، روحاني ڪاوش جو سماجي ڪارج، جيئن اياز چٽي وڏي واڪي پنهنجي شعرن ۾ چيو آهي ته، ” جيترو به انسان پنهنجو ماتا ڌرتيءَ سان پيار محنت عشق ڪندو اوترو ئي تاريخ ان جاڳڻ ڳائيندي“

    مرنداسين ته مٽي مان، پنهنجا جڙندا ڪيئي جام
    نوان نوان متوالا ايندا، هڻندا تن جي هام.

    جيڪڏهن اياز جي سموري شاعريءَ جو اسان پوري دل سان مطالعو ۽ تحقيق ڪريون ته پوءِ اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ چوڻو پوندو ته ” اياز سنڌ آهي ۽ سنڌ اياز آهي“ اسان ڪجهه تاريخي مطالعي ڏانهن ٿا اچون ته تاريخ ڇا ٿي چوي، جڏهن به اسان ڪنهن زبان، ٻولي ۽ ادب جو گهرو مطالعو ۽ تحقيق ڪريون ٿا ته پوءِ اسان پهريان ان جي روايتن، مزاج، ثقافت، سماجي قدرن، اقتصادي حالتن جو پوري نموني سان جائزو وٺون، ڇا قوم جي معاشري يا سوسائٽيءَ جي مڪمل تاريخ لکيل آهي يا نه ؟ پوءِ ان کي گهري نموني سان ان تاريخ کي پنهنجي آڏو رکون ڇا اها قوم ماڻهن جي چوگرد تاريخ سان ڪهڙا ظلم ستم ۽ قهر ٿيل آهن.

    اياز جي شاعري ڪهاڻيون، ماضيءَ جي سياسي، سماجي، اقتصادي، نفسياتي حالتن جو پورو پورو عڪس آهن، ان جي شاعريءَ کي پڙهڻ کان بعد اسان کي پوري سڌ پوندي ته ڪنهن خاص دور ۾ قوم جي نفسياتي روحاني يا مذهبي ڪيفيتون ڪهڙيون هيون ۽ ماڻهن جو رجحان ڪهڙي طرف مائل هو، طاقتور قوتون عوام ۽ رياست تي قابض ڌريون ۽ قابض گروپ ماڻهن جي نفسياتي نوعيت ڪهڙي هئي. اياز جي شاعري پڙهڻ مان ماڻهن جو پوريءَ طرح مزاج، فطرت، رهڻي ڪهڻي تائين. پڙهندڙن کي پوري طرح خبر پوندي جڏهن اسان ان جي شعر جو جائزو وٺندي ان نتيجي تي پهچي فيصلو ڪنداسين ته گذريل ٻه سئو سالن ۾ شاهه لطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ ڪو به اهڙو شاعر سنڌ ۾ پئدا نه ٿي سگهيو آهي جو وڏي اعليٰ درجي جي ۽ هر طرف کان پوري طرح عوام جي عڪاسي ڪري سگهي.

    سچل، بيدل بيڪس شاهه جو رستو ته ورتو ۽ ان پنڌ تي هلڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر هنن رڳو شاهه جي محاڪاتي ۽ افسانوي پسمنظر، محاورن، تشبيهن ۽ روحاني رمزن کي پنهنجي شعر جو موضوع بڻايو پر ڪا به نئين شيءَ پيدا نه ڪري سگهيا. شاهه جي خيال ۽ زبان جي ندرت کي نه پهچي سگهيا. اهڙي نموني پنهنجي سر هڪ مڪتبهء فڪر و ادب ٿي ويو. هن کان پوءِ جيڪي شاعر هن جي تقليد و تتبه ڪندا رهيا ۽ پنهنجي فن ۾ ڪا به انقلابيت ۽ جدت پيدا ڪري نه سگهيا. اهو ئي سبب آهي جو شاهه جي دور کان پوءِ جي شاعرن جي ڪلام ۾ اسان کي مشڪل سان ڪي سٽون ملن ٿيون جي زنده رهڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، ورنه سندن سموريءَ جو سموري شاعري شاهه جو کوکلو پڙاڏو آهي بلڪ جان آهي ۽ ڪنهن حد تائين بي معنيٰ پڻ آهي ، ان کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي مسلسل جمود کي ٽوڙڻ لاءِ پهرين ڪوشش ”ڪشن بيوس“ ڪئي ۽ ڪامياب نظم لکي سنڌي شاعريءَ ۾ نون لاڙن جي شروعات ڪئي. پر هي شاعر به تقليد کان بچي نه سگهيو. سندس ڪيترائي شعر اردو شاعريءَ تان اڌارا ورتل آهن ۽ قافيه علامه اقبال جي ”بانگ درا“ تان بيوس کان پوءِ جن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن ۾ راج دکايل، کيئل داس، فاني، هري درياڻي، دلگير جا نالا ڳڻڻ ۾ اچن ٿا پر اهي به شاعريءَ جو جمود ٽوڙي نه سگهيا ۽ اياز شاعريءَ کي دائمي تحريڪ ۽ زندگي بخشي سندس گيتن جي ترنم سنڌيءَ شاعريءَ جي ستل گرنار کي جاڳائي ڇڏيو، شاعري مجموعي طرح عوامي جذبن جو آواز ٿئي ٿي ۽ ان جي شڪل ۽ فتح گمنام ماڻهن جو ذڪر، وطن تان جان گهورڻ وارن جو ذڪر، سنڌ جي حب الوطنيءَ جو ذڪر به ملي ٿو.

    اياز جو جنم 23 مارچ 1936ع شڪارپور ۾ ٿيو، جنم جو پورو نالو مبارڪ علي، ادبي نالو ” شيخ اياز “ والد جو نالو غلام حسين، شروعاتي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۽ انٽر تائين شڪارپور ۾ پڙهيو ۽ بي اي به اتان ئي ڪيائين پي ايڇ ڊي جا ٻه ٽرم رکيل هئا. هن جو گائيڊ ڊاڪٽر گربخشاڻي گذاري ويو. 1947ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين ۽ وڪالت ۾ اول جناب عبدالحئي قريشي ۽ جناب جمال صديقي سان پارٽنر ٿي رهيو ۽ سائين جي ايم سيد سان متحده محاذ ۾ به پڻ رهيو. 1965ع ۾ جنگ جي دوران جيل به ويو ۽ 1968ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي، ولي خان ۽ ٻين 11 ماڻهن سان گڏ ساڳي آرڊر هيٺ ساهيوال جيل ۾ به رهيو. ايوب خان جي حڪومت 1970ع ۾ شيخ مجيب سان گڏ عوامي ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ ۾ به رهيو. ان وقت اهو مشهور هيو ته ” اياز کي مجيب سنڌ جو گورنر بڻائڻ وارو آهي“ مجيب جي گرفتاريءَ بعد هن کي 8 مهينا سکر سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي هن کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو جنهن وقت سندس شاعري سرد مهري ۾ رهي. شيخ اياز جڏهن ڏهن ورهين جو هو ته شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. اياز فارسي، اردو جي تعليم پنهنجي والد غلام حسين کان حاصل ڪئي. اياز جو شاعريءَ جو استاد کيئل داس هيو. اياز سنڌي زبان جو بهتري شاعر ۽ عالمي ادب جو اسڪار آهي. سندس شاعريءَ جا 44 ڪتاب، نثر جا 14 ڪتاب آهن. اردو جو سٺو شاعر هو سندس ٻه ڪتاب اردو شاعريءَ ۾ آهن. اياز شاهه لطيف جي رسالي جو اردو ترجمو پڻ ڪيو. شاهه لطيف پراڻي سنڌي ٻولي کي محفوظ ۽ زنده رکيو آهي. شيخ اياز سنڌي ٻولي جي گم ٿيل لفظن کي ڳولهي هٿ ڪري نئين سر جيئاري ڇڏيو آهي. اياز جڏهن هندستان ويو ته اتي هڪ محفل ۾ موهن ڪلپنا اياز کي چيو ته ” تنهنجي ڪويتا ٻڌي مون کي راڻو پرتاب جي زندگي جو هڪ واقعو ياد ٿو اچي، راڻو پرتاب ڪنهن مهم تي ويل هيو. ڪنهن کي معلوم نه هيو ته هو چتور جي قلعي ۾ واپس موٽي آيو آهي ۽ اوچتو ڪنهن پوڙهي راجپوت پنهنجي پٽ کي چيو ته راڻو موٽي آيو آهي ۽ قلعي ۾ آهي. هن جي پٽ حيرت مان کانئس پڇيو ابا توکي ڪيئن معلوم ٿيو ته راڻو قلعي ۾ موٽي آيو آهي. جنهن تي پيءُ وراڻيو ته تون تلوار جا ساندهه ست زپڪا ٻڌا جڏهن هن جي پٽ هائو ڪندي ڪنڌ ڌوڻيو تڏهن هن جي پيءُ چيو ته سانده ست ڀيرا ايتري زور سان تلوار جا زپڪا فقط راڻو ئي ڪري سگهندو آهي.“ اياز ايتري رواني ۽ جوش سان سانده ست ڀيرا نظم فقط تون ئي پڙهي سگهندو آهين. اياز جواب ڏنو ته منهنجي شاعري ڪلا ۾ خوبصورت تشڪيل ڪنهن ڪو نه ڏٺي آهي.

    اياز جي چواڻيءَ موجب ته ابراهيم جويو مون سان ٺٽي ۾ گڏ هو. ان محفل ۾ جمعيت الشعراءَ وارا به ويٺل هئا، اتي شيخ اياز انهن کي چيو ته ” توهان سڀ جَکَ ٿا هڻو ۽ اجايو وقت ٿا وڃايو.“ اتي وڏا وڏا نالي وارا جيڪي جفادري شاعر هئا، کين اياز چٽيءَ طرح چيو ته ” دنيا جو ادب ڇاهي؟ توهان ته بلڪل اڻپڙهيل ڄَٽ ماڻهو آهيو. توهان ڇا ڄاڻو شاعري مان ۽ توهان ته رڳو رديف ۽ قافيه ڪڍي انهن تي غزل پيا ٿا لکو. شاعري اها ته نه ٿيندي آهي ۽ انهيءَ وقت کان وٺي سنڌي شاعرن خاص ڪري غزل گو شاعرن سانگي کان وٺي هن مهل تائين سڀ اڻپڙهيل شاعر هوندا هئا، ڇڙو ٿوري ڪا ۽ انڌي منڊي شاعري پڙهي هئائون، فارسيءَ تي پورو عبور هئڻ ئي ڪو نه مان انهي دور کي اڻپڙهيل شاعرن جو دور سمجهان ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ هينئر جيڪا نواڻ آئي آهي سا بيوس جي شاعريءَ جو اثر آهي. جمعيت الشعراءَ وارا غزل جي طرح ڏيندا هئا. مثال طور هڪڙي طرح ڏيندا هئا ان ۾ قافيه به ڏيندا هئا جيئن” اندام، مندام گلفام“ وغيره ۽ ٻيا شاعر ڄڻ ان جوڙ جڪ (ڪيلڪيوليشن) کي حل ڪندا هئا، شاعر وري اردو اديبن جي ديوانن تان قافيه کڻندا هئا ۽ قافين جي سڄي لسٽ ٺاهي غزل لکندا هئا ان بابت مون کي غلام محمد گرامي صاحب سڀ ڪجهه ٻڌايو ته اياز سائين هاڻي منهنجو ان ڏينهن کان ئي وٺي شاعريءَ تان ارواح کڄي ويو هو.“

    اياز نوبل پرائيز بابت هن طرح ٻڌايو آهي ته جيڪي ادبي ترجما ٿيل آهن جهڙوڪ، فرينچ، اٽالين، سوئيزرلينڊ، روسي زبان هجي يا انگلش ۾ منهنجو ڪو به ڪتاب انگلش ۾ ترجمو ٿيل ڪو نه آهي، جيئن ته ٽئگور کي ييٽس ترجمو ڪيو جيڪو انگلينڊ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، انهي سبب ڪري ٽئگور کي نوبل پرائيز انعام مليو، فيض احمد فيض جو به ترجمو انگريزي ۾ ٿيو پر ان کي نوبل پرائيز نه مليو. علامه اقبال کي نڪلسن ترجمو ڪيو پر اهو وڏو شاعر نه هيو انهيءَ جي ڪري هن کي نوبل پرائيز نه مليو، برصغير مان ته صرف ٽئگور کي نوبل پرائيز مليو آهي ۽ انهيءَ جا سبب هئا ائين ڪو نه هو ته ٽئگور پاڻ انگريزي ۾ نه لکندو هو. ٽئگور جيڪو انگريزي ۾ لکيو هو اهو ايڏو وڏو نه آهي پر ٽئگور کي جنهن ترجمو ڪيو هو پاڻ تمام وڏي پائي جو شاعر هو ييٽس 19 صديءَ جي تمام وڏن شاعرن مان هو.

    شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ” ڀونر ڀري آڪاس“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته 1947ع کان اڳ جو اڻ ڇپيل ڪلام منهنجي زهر آلود تبسم جي آڳ ۾ جلي ويو ان جي ذميوار اها بي انتها مايوسي جي اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام واري ڪيفيت هئي. جنهن جو تفصيل فقط منهنجي زندگيءَ جي ڪنهن زخم بناهن کي تازو ڪندو. باقي ڪنهن خاص دلچسپيءَ جو باعث نه ٿيندو“ شاعر جي سياسي وابستگي شاعريءَ جو انت ثابت ٿئي ٿي. اسان پنهنجي ڌرتيءَ ۽ تعليم سان گڏ زبان جي بقا ۽ بچاءُ جي اڃا جنگ جوٽي به ناهي جو سموري سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جي پاڙ آهستي آهستي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تيز ڪئي وئي آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي بنهه پڙهائي نه ٿي وڃي. اڃا تائين سنڌ جا سمورا ادبي ادارا ۽ رياستي ادارا ان تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. متان ائين نه ٿئي جو فقط ” سنڌي زبان ۽ سنڌ جو نالو وڃي بچي“ ڇا هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ماڊلازم آهي؟ اچو ته شاعري ڏانهن هلون. شاعر پنهنجي حسن ۽ تخليق کي ابديت بخشي ته اها انسان ذات لاءِ آجپي جو ذريعو ۽ فرحت بخش بڻبي ۽ دنيا جي هر رنج و صحت لاءِ ڇپر ڇانوءِ ٿيندي ته جيئن هو تازه دم ٿي اڳتي وڌي.

    اياز هميشه لاءِ سوچيو هو ته شاعر سماج جو ذميوار فرد آهي ۽ شاعريءَ جي ذميواري کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو. پر اياز وسيع نموني سان انسان ذات سان محبت ۽ عشق ڪيو. اياز چوي ٿو ته ” مان عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منهنجي سسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي ۽ هاڻ پٺتي موٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، پر ڇا منهنجي تقدير بدران ائين ٿيڻ نه گهربي هئي ۽ پنهنجي ديس جي تقدير ڦيرائڻ لاءِ ڦيٽ نه کاوان ها ته منهنجي شاعريءَ کي اها جلا ڪٿان ملي ها؟ جا ٻول کي امرتا ڏيندي آهي. سنڌ ۾ ماڻهو سمجهن ٿا ته سڀ ڪجهه پيسو آهي. پيسو ماڻهن لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. نتيجو اهو آهي ته ماڻهو پئسي لاءِ ڪجهه به ڪري ٿو سگهي، جڏهن ماڻهوءَ وٽ پئسو گڏ ٿئي ٿو ته انسانيت جي آپي مان نڪري وڃن ٿا. انقلابي جڏهن شرابي ڪبابي ٿين ٿا ته هنن ۾ خلوص نه ٿو رهي فقط فلوس رهي ٿو. ملان پلاٽن پر مٽن جي ڪڍ دربدر آهن. اهو وساري ڇڏين ٿا ته هو رڳو چار فوٽ يا ڇهه فوٽ قبر تي جنازي نماز پڙهائين ٿا. پارسي ۾ ڪنهن جو شعر آهي ان جو ترجمو هيٺين ريت آهي ته:

    ” اسان جا دعا مهل هٿ کڻڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته خدا جي اڳيان جيڪو هٿ اسان جي شفاعت ڪندو سو خالي آهي“ سائين جي ايم سيد جي زباني موجب

    ڀري ڀري پيءُ جيسين جيئن گهڙي گهڙيءَ جو جام،
    وري نه هي مئخانو ملندو، هي مئه ناهي مدام.

    هاءِ ڄڻ اياز حافظ کي پيو ورجائي اياز جي نظر ذرا وڌي ويل آهي تصوير جو ٻيو رخ به ڏسڻ ۾ پئي آيس، جي زندگي ڪيتري نه حسين آهي، ڪيتري نه پياري آهي، امنگن جو جهول آهي، آرزوئن جي ڦلواڙي آهي، هي چنڊ ستارا، هي بادل، هي برساتون، هي گل هي باغيچا هي مٺڙا ماڻهو، هي وسندڙ وستيون هي سڀ زندگيءَ جون دوستيون آهن. اي موت تون هڪ تکي انداز نشاني وانگر ڪان ڪڇي بيٺو آهين، جنهن سيني ۾مسرت جو واسو آهي. ان ۾ پنهنجو تير چڀائي ٿو ڇڏين، اياز ته بنيادي طرح هي ساڳيو رند آهي پر شاهه لطيف جي اثر هيٺ اچي جذبي کان سلوڪ طرف لاڙو ڏيکاري ٿو.

    تنهنجا پير چمان، ڌرتي منهنجي مائڙي
    ڀاڪر پيان ڀاؤ، مان ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،
    آءُ نه ٻيو ڄاڻان مذهب منهنجو ماڻهپو،
    اچو ته اياز جو خيال ڏسو ته ڇا ٿو چوي،
    شال وسين او سنڌڙي تنهنجا کيت وسن،
    واهونديءَ جي واءَ ۾ مارو شال ملن،
    جن جي ڪوٽ ڪڙن جهوريو منهنجي جيءَ کي

    سائين جي ايم سيد جي زباني موجب ته هي محب وطن بي تعصب ترقي پسند ۽ آزاد خيال شاعر ۽ نثر نويس آهي. مغربي دنيا ۾ جيڪي به اهڙن خيالن جا ماڻهو آهن جن جي خيال تي نقطه چيني ۽ مخالفت هروڀرو نه ٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهي ذهني ارتقا جي اهڙي درجي تي پهتا آهن جت اهڙا خيال سوين سال اڳ کان ظاهر پئي ٿيا.

    شيخ اياز جي سموري شاعري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ انصافين، آزادي ۽ آزادي جي پانڌيئڙن سان ٿيندڙ وار تائين بابت ڄاڻ هجڻ سان گڏ انقلابي واٽ وٺندڙن لاءِ مشعل راهه آهي. اياز سنڌ جي حالت زار، سنڌين سان ٿيندڙ ڪلور ۽ ويل وهندي ڏٺو تنهن سندس دل کي ڦٽي ڇڏيو، ان خون مان قلم ڀري هن سنڌ ڌرتيءَ جي امرتا ۽ ان کي بچائڻ لاءِ ايترو ته گهڻو ڪجهه لکيو آهي جنهن جو مٽ ڳولڻ مشڪل آهي. اياز جهڙا بيباڪ دلير ۽ مهان شاعر سنڌ ۾ ورلي پيدا ٿيندا جيڪڏهن شيخ اياز کي عالمي مفڪر اعظم جي حيثيت سان ياد ڪجي ته هوند وڌاءُ نه ٿيندو

    روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان​
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: مهان سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز

    محترم مرحوم و مغفور شيخ اياز صاحب جي ورسي جي موقعي تي اوهان جي هي تحرير پڙهيسن جنهن ۾ اهو لکيل آهي ته سائين جي ٽهي وارن جي شاعري سنڌي نصاب ۾ لکيل آهي ۽ شيخ اياز جي جيڪا پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ خاص ۽ نج آهي سان ڪونهي سائين انهي لاءِ انهن وس وارن کي التجا ته اسان جي سنڌ جي هن مهان ڪوي جي شاعري کي پنهنجي سنڌي نصاب ۾ شامل ڪن۔۔۔

    تمام پيارو ونڊ موڪليو اٿوَ۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو