• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ريل جو افتتاح

نثارابڙو

نائب منتظم
دنيا جون قومون ترقيءُ جون منزلون طئه ڪندي، پنهنجي پنهنجي عوامي سهولتن کي ڏينهون ڏينهن وڃن بهتر کان بهتر ڪنديون ... پر سنڌ واسي ڪهڙي ترقي ڪري رهيا آهن ؟؟؟ سندن ڪهڙيون سهولتون ملي رهيون آهن ؟؟؟ ها اسين ڏهاڙا ملهائي ملهائي ڇتا ٿي پيا آهيون ... شهيدن جي هڪ نه کٽندڙ فهرست آهي پر پوءِ به اسانجي مڳي آهي سا لهي ئي ڪونه ٿي ...

اڃان اهي ئي لٽيرا ۽ قاتل ۽ ستم ظريفي ته اهي ئي اسانجا دوست، سڄڻ ۽ اهي ئي اسانجا رهنما ... اڃان اهي ئي مسئلا پر سنڌ جي مٿي تي جونءُ به نه ٿي چري ...

هي آهي چائنا جنهن آمريڪا کي چيو هو ته اسانکي چنڊ تي وڃڻ لئه راڪيٽ ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، اسان وٽ ايترا ماڻهون آهن جو هڪ ماڻهونءُ کي ٻي ماڻهونءَ مٿان بيهارينداسون ته چنڊ تي پهچي وينداسون ...

ڇنڇر واري ڏينهن چائنا وارن هڪ ريل جو افتتاح ڪيو ... اها ريل 350 ڪلوميٽر جي رفتار سان سفر ڪري 1079 ڪلوميٽر جو سفر تقريبن ٽن ڪلاڪن ۾ پورو ڪندي ... آهي نه ترقيءَ جي ڳالهه!!!

اسان سنڌي بلو لائين ڪوچ يا مدينه ڪوچ ۾ ويهي صرف وڊيو ڏسي چوندا آهيون ته ترقي ٿي آهي ۽ جڏهن ڌاڙيل انهيءَ ڪوچ کي ڦر ڪندا آهن ته بس اسانجا ٻيڙا پار ٿي ويندا آهن ...

بهرحال ترقيءَ ترقيءِ ۾ به فرق آهي ...

هي ڏسو دنيا جي تيز ترين ريل گاڏي




]
 
جواب: ريل جو افتتاح

وڃ ڙي مطلب ته سکر کان لاهور ٽي ڪلاڪ hall chari
بس سائين اوهان جي ڳالهه وانگي ته اسان رڳو شاليمار ۽ شاندار ڪوچ ۾ ويهي ڪري انڊيا جي فلم ڏسي ڪري سمجهندا آهيون ته اسان ترقي ڪئي آهي اها ترقي نه پر ترڪي پوڻ آهي :D
باقي هڪ دفعو غلطيءَ :Dسان مون کي ٻي ڪاٽرين ڪانه ملي مون به چيو هي جيڪا به ٽرين آهي ان ۾ ٿو ويهان اتفاق سان گهڻو ڪري سکر ايڪسپريس هئي رات جو نائين بجي لاهور لاء ويٺس ٻي ڏينهن شام جو پنجين بجي وڃي ڇڏيائين مطلب ته 24 ڪلاڪ اهو آهي اسان جو حال پوءِ به ترقي ۾ آهيون
يا ائين چوان ته ڦِر ڀِي دل هي پاڪستاني ڦِر ڀي دل هي پاڪستاني:D
 
جواب: ريل جو افتتاح

واقعي سائين چائنا ۾ ترقي ڪجهه سرس ئي ٿي رهي آهي. پاڪستاني ٽرين جو حالتون ته ڪنهن کان ڳجهيون ڪونهن.

پنهنجو پيارو پاڪستان
 
جواب: ريل جو افتتاح

ترقي پاڪستان جي نصيب ۾ ئي نه آهي سائين۔۔۔ ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو
 
جواب: ريل جو افتتاح

ان ساڳي ريل جي اندر جو نظارو ڀلا ڏسو ته ماشاء الله ماڻهون سفر ڪندي ڪيتري آسائش ۾ هوندو ۔۔

.
 
جواب: ريل جو افتتاح

سائين تازو ئي حيدرآباد وڃڻ جو پروگرام ٿيو هتان شڪارپور کان حيدرآباد جي لا۽ ٽرين پڪڙي سين

پاڪستاني ٽائيم ستين بجي هتان ٽرين هلي صبح جو 6 لڳي 30 منٽن تي حيدرآباد پهتاسين خيئرن سان ....

ها ها ها

سائين رش ايتري جو توهان يقين ڪريو ته الله سائين توبه ذاري آهي ..........ايتري رش هئي ٽرين ۾

وري تازو ئي بيان آيو هيو گورنمنيٽ جو ته ريلوي ڊپارٽمينٽ خساري ۾ آهي 20 هزار ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو پيا سوچون ۽ ريل جي ڪراين ۾ 20 يا 25 فيصد وڌائڻ جو پيو سوچجي ............

سدائين گڏ
 
جواب: ريل جو افتتاح

ادا ريل جا سفر ته اسان ڪئي ڪيا آهن پر هن سال جيڪو آخر ۾ مون سفر ڪيو هو انهي جي ته ڳالهه ئي هڪ ٻي هئي هڪ ته آئون فيملي سان هجان سو روهڙي کان شهدادپور وڃڻ جو ارادو هيو صبح جو ستين ڌارين اسٽيشن تي آيس ته خبر پئي اڃا رات جو ٽي بجي واري به ٽرين ڪونه آئي آهي، بهرحال انتظار ڪيوسين هلندي هلندي ڏينهن جا ساڍا ڏهه ٿي ويا هڪ ٽرين آئي ، جنهن جي لاءِ چيو ويو ته هي سڌو حيدرآباد ئي بيهندي مون کي اعتبار نه ٿيو سوچڻ ۾ پئجي ويس سوچيندي سوچيندي اهو فيصلو ڪيم ته متان ڪنهن ڀر واري اسٽيشن تي بيهي رهي انهي ڪري ٽرين تي چڙهي پيس نڀاڳي ريل نوابشاه کان پهريان ته هن چار اسٽاپ ڪيا ليڪن جيئن ئي بڇيري مان نڪتي ته سڌو اچي حيدرآباد بيٺهي ته پوءِ‌منهنجا ڪهڙا حال هوندا۔۔۔جو تقريبن نوي ڪلوميٽر پري وڃي پهتس۔۔۔
 
جواب: ريل جو افتتاح

اسان رڳو جيئي سنڌ سدا جيئي ، سنڌ سلامت ، پاڪستان نه کپي وغيره جا نعرا هڻندي مري وينداسين ، ڇا سنڌ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اسان جا سنڌي حڪمران ناهن ؟ هاڻي ته ملڪ جا واڳ ڌڻي به گهڻو ڪري سنڌي آهن ؟؟؟ سنڌ مان اٿندڙ پارٽي ملڪ جي ڪاري ۽ اڇي جي مالڪ آهي ۔ترقي ۾ آخر ڪهڙي شي رڪاوٽ آهي ؟؟
 
جواب: ريل جو افتتاح

اسان رڳو جيئي سنڌ سدا جيئي ، سنڌ سلامت ، پاڪستان نه کپي وغيره جا نعرا هڻندي مري وينداسين ، ڇا سنڌ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اسان جا سنڌي حڪمران ناهن ؟ هاڻي ته ملڪ جا واڳ ڌڻي به گهڻو ڪري سنڌي آهن ؟؟؟ سنڌ مان اٿندڙ پارٽي ملڪ جي ڪاري ۽ اڇي جي مالڪ آهي ۔ترقي ۾ آخر ڪهڙي شي رڪاوٽ آهي ؟؟

ادا ابو عمير! لک ٿورا ڳالهه اوهان تمام سهڻي ۽ ڪارائتي ڪئي آهي ته آخر ڳالهه ڇا آهي؟ ترقيءَ ۾ آخر ڪهڙي شئي رڪاوٽ آهي ۔۔۔؟

سهڻا دوست، اوهانجي هن سوال جو جواب ڪو ايترو سولو يا ننڍڙو ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو قصو شروع ٿئي ٿو ٻي جنگ عظيم کان جڏهن انگريزن هندستان کي ڇڏڻ جو سوچيو ۽ ويندي ويندي ۔۔۔ هندستان ۾ رهندڙ هندو ۽ مسلمان کي هڪ الڳ قوم ڄاڻائي اهڙو جهيڙو ڳيچيءَ ۾ وجهي ويا جيڪو هزارن سالن ۾ نه سنڌ ڏٺو نه هند ۔۔۔

ان ساڳي هندستان ۾ مسلمانن اٺ سئو سالن کان به مٿي حڪومت ڪئي ۽ سنڌ ۾ ته لڳ ڀڳ 1400 سالن کان اسلامي حڪمران رهيا پر نه ڪڏهن هندوءَ ڪو اعتراز ڪيو نه جنگ ڪئي نه ويڙهه ڪئي ۽ نه وري ڪو مسلمانن جو قتلام ڪيو ويو پر انگريزن جي اچڻ کانپوءِ اوچتو ئي اوچتو مسلمان قوم ۽ هندو قوم جو راڳ ڳائي هندستان کي ٽڪڙا ڪيو ويو ۔۔۔

ٻي وڏي ڳالهه ته سنڌ جيڪا اڳ آزاد ملڪ سان قائم هئي ۽ انگريزن انکي هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت سان فتح ڪيو هو، اهو ملڪ پڻ مسلمان قوم جي نالي ۾ انگريزن پاران رٿيل سازش ۾ ڦاٿو ۽ آزاد ٿيڻ جي بجاءِ پاڪستان سان ڳنڍجي ويو ۔۔۔

هلو چئجي ته جي بسم الله، الحمد الله اسين مسلمان الڳ ٿياسون، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بجاءِ اسلامي ۽ منصفانه ۽ عادلانه نظام قائم ڪيو وڃي ها ۽ مڪمل آزاديءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي ها ۽ شامل قومن کي حق ڏنا وڃن ها ۔۔۔ پر افسوس! ائين نه ٿيو هڪ انگريز حمايتي نظام قائم ڪري، پاڪستاني فوج کي انگريزي ۽ سامراجي ساٿ ۾ شامل ڪري، هن پوري خطي ۾ بدامنيءَ جو راڄ قائم ڪرڻ جون سڀ ڪوششون شروع ڪيون ويون ۔۔۔ هندستان سان جنگ، ڪشمير ۾ وڳوڙ، بلوچستان سان ڏاڍايون، بنگالين جو قتلام، سنڌين جي ڦرلٽ ۽ هاڻ افغانستان ۽ وزيرستان ۾ جنگ، ايران سان اک ٻوٽ ۔۔۔

مطلب ته جنهنکي اسين واديءَ مهراڻ چئون سو سڄو خطو اڄ جي هن پاڪستاني فوج (سامراجي قومن جي ساٿياري) جي شيطاني ڪردار سبب ظلم ۽ اوندهه ۾ آهي ۔۔۔

وڌيڪ اوهان تاريخ پڙهي انهن ڳالهين کي سامهون رکي جاچ پڙتال ڪري سگهو ٿا ۔۔۔

هاڻ پاڪستان هڪ طرف هندستان سان ٽڪراءَ ۾ آهي ٻي طرف افغانستان ۽ روس واري جنگ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي، ايٽم بم ٺاهي، لکن جي تعداد ۾ فوج ٺاهي انگريزي سامراج جا مقصد پورا ڪري رهيو آهي ۔۔۔ ۽ تاريخ شاهد آهي جت انگريزي سامراج جا مفاد پورا ڪرڻ لاءِ حڪومتون ڪم ڪنديون آهن ات عوام کي ڪجهه ناهي ملندو ، ڇاڪاڻ سڄي ۽ سموري اقتصاديات ويڙهه تي خرچ ڪئي ويندي آهي ۽ باقي ڪجهه بچندو آهي ته مٿئين طبقي ۽ ڦورو ٽولي جي حوالي ٿيندو آهي ۔۔۔

هڪ سادو سوال ته اوهانجي آمدني ماهوار 1000 روپيا آهي، اوهان ان مان 800 روپيا هٿيارن ۽ ويڙهه تي خرچ ڪندا ۽ 150 روپيا عياشيءَ تي ته ڇا باقي 50روپين مان گهر جو کاڌو خوراڪ، لٽو ڪپڙو، تعليم ۽ صحت جا خرچ پورا ڪري سگهندا ۽ پنهنجي اولاد کي ڪجهه ڏئي سگهندا ۔۔۔؟

هن وقت تيونس، مصرم، الجيريا، يمن ۽ ٻيا ملڪ جن ۾ انگريز مستقل مفاد جي ساٿ واريون حڪومتون آهن انهن جو عوام روڊن تي آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٻين قومن جو عوام پڻ مسقبل قريب ۾ روڊن تي اچڻ وارو آهي ۔۔۔

سو دوست ! سڄي ساري معاجرا جو نقصان اسان عوام کي ٿئي ٿو، جنهنجو تعلق نه ته بين الاقومي جهيڙي سان آهي ۽ نه وري مذهبي جهيڙن سان آهي ۽ نه وري جمهوريت يا سيڪيولر ازم سان آهي ۔۔۔ عوام جو تعلق آهي سڪون جي زندگي، ايمان واري زندگي ۽ تحفظ واري زندگي ۔۔۔ پر افسوس جو اسانجي هن پاڪستان جي موجوده نظام ۾ اهي شيون عوام کي ڪڏهن ڪون ملنديون ۔۔۔

آخري ڳالهه؛ محترم ذوالفقار ڀٽو جڏهن پاڪستان جو صدر ٿيو ته ان سنڌ جي ڏاهي مفڪر جي ايم سيد کي اسلام آباد جي صدارتي محل ۾ گهرايو هو ۔۔۔

جي ايم سيد جڏهن صدارتي محل ۾ گهريو ته ڀٽي صاحب کيس کيڪاريندي کائنس سوال ڪيو ته ” جي ايم سائين اوهانکي هن صدارتي محل ۾ ڪو فرق محسوس ٿئي ٿو؟

جي ايم سائينءَ محل کي چوڦير نظر گهمائي چيو ؛ ”نه، مونکي ڪو فرق محسوس نٿو ٿئي؟“

ڀٽي صاحب ڪاوڙ ۾ ايندي چيو ته ڇو اوهان سان هن پاڪستان جي صدارتي محل ۾ هڪ سنڌي صدر سنڌي ٻوليءَ ۾ مخاطب آهي ۽ اوهانکي فرق محسوس نٿو ٿئي ۔۔۔؟

جي ايم وراڻيو، ته نه مونکي فرق انڪري محسوس نٿو ٿئي ته جنهن ڪرسيءَ تي ويٺا آهيو، انجي فطرت نه بدلي آهي، انجون ضرورتون نه بدليون آهن، انڪري اوهان به هن ڪرسيءَ تي ويهي سنڌ يا ٻين قومن لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهندا ۔۔۔

انکانپوءِ ڀٽي صاحب ، جي ايم سيد کي عمر ڀر جي نظربنديءَ جو حڪم نامو ڏنو ۔۔۔ جيڪو بزرگ جي ايم سيد پنهنجي اکين تي رکيو ۔۔۔

سو پاڪستان ۾ تبديلي آڻڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻا آهن ۔۔۔ اهو منهنجو ايمان آهي ، باقي اوهان دوست ممڪن ٻي طرح سان سوچيندا هجو ۔۔۔ اوهان سياڻا ۽ عقلمند آهيو ،،، سوچيو ته ڇا ٿي سگهي ٿو ۔۔۔؟

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ريل جو افتتاح

اڃان ڪجهه ڏينهن ئي پهريان پاڪستان جي ريل ۽ دنيا جي ريلوي سهولتن جي ڀيٽ ڪئي هيم ۔۔۔ هونءَ ته پاڪستان جي ڀيٽ دنيا جي ٻين ملڪن سان ڪرڻ ائين آهي جيئن سج کي ڏيئو ڏيکارجي ۔۔۔

چائنا وارن اڃان ڪجه مهينا اڳ ئي هڪ ريل ايجاد ڪئي هيئ جيڪا 350 ڪلوميٽر رفتار سان هلڻ واري تيزترين ريل هئي پر تازو هنن 500 ڪلوميٽر جي رفتار سان هلڻ واري ريل به ايجاد ڪري ورتي آهي ۔۔۔ هي ريل چائنا جي تاريخي تلوار جي شڪل جي مشابهت رکندڙ آهي ۔۔۔ ڀلا جن ماڻهن جو ڪم ئي آهي آسمان تائين پهچڻ انهن لئه اها ايجاد ڪهڙي ڳالهه آهي ۔۔۔!!!!!

پاڻ ڏسو؛


 
Back
Top