• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 29 مارچ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

اڄوڪي ڏينهن 29 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

29 مارچ 1815ع اڳوڻي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جو جنم ڏينهن آهي. هن سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ سنڌي زبان جي صورتخطي سنڌي لِپي ٺهرائي.
29 مارچ 1918ع شاعر ۽ صحافي جهامنداس مسافر (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1931ع شاعر بلاول پرديسي (خاڻوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 مارچ 1943ع ليکڪ محمود يوسفاڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1943ع شاعر مولانا عبدالغفور احسن جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1954ع ٻاراڻي ادب جي ليکڪ ۽ صحافي اسرار شام (ٽنڊو ڄام) جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1958ع شاعر محمد حيات عاجز جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1962ع شاعر انوارالحق مطلق (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

29 مارچ 1992ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ نامياري شاعر لقمان حڪيم کوکر جو انتقال ٿيو.
29 مارچ 1995ع شاعر ملزم سروري جي وفات ٿي.
29 مارچ 1996ع ناليواري وڪيل ۽ تعليمدان سيد احسان علي شاهه (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
29 مارچ 2018ع ڪهاڻيڪار ۽ تنقيد نگار بنسي خوبچنداڻي (سکر/ بمبئي) جو لاڏاڻو ٿيو.
 
Back
Top