لاڙڪاڻي جو محبوب شاعر: لقمان حڪيم!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    29 مارچ ورسيءَ جي حوالي سان لکيل

    لاڙڪاڻي جو محبوب شاعر: لقمان حڪيم!

    فقير محمد سنڌي

    دل سچ، دل ڪوڙ، دل وفا، دل دوکو،
    ڪيڏو آهي اوکو، ماپڻ ماڻڻ پنھنجي من کي.

    لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ لقمان حڪيم محبوب شاعر آهي، جنھن پنھنجي ڏات ذريعي لاڙڪاڻي جي شاعرن جي مِٽيءَ ۾ ساهه وڌو، اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ڪافي شاعر آهن، جن ۾ لقمان حڪيم جو عڪس چِٽو نظر اچي ٿو.

    خاموش طبيعت به پنھنجي مَنَ جي اظھار جي آزاديءَ کي ظاهر ڪري ٿي، خاموش انسان پھاڙ وانگر رعبدار هوندو آهي، جيئن چون ٿا ته لقمان حڪيم اڪثر ڪري خاموش رهندو هو ۽ ان خاموشيءَ سان ئي پنھنجي حلقي جي دوستن کي فرش کان کڻي عرش تائين ڪمال ڪاريگريءَ سان پھچايو پر پنھنجي زندگي ڪتابن جي بائيندنگ ۾ ٽاڪي مضبوط ڪري ڇڏي.

    جيئڻ وڻ جو ٿـُڙ زمين ۾ مضبوطيءَ سان پنھنجي جڳهه والاريندو آهي، ائين ئي لقمان حڪيم لاڙڪاڻي جي شاعرن ۾ استاد شاعر جو رتبو ڪمال سان حاصل ڪيو آهي. استاد لقمان حڪيم لاءِ ڪجهه تعريفي سِٽون ته:

    تون بلڪل چنڊ وانگر آهين،
    هوبه سھڻو آ، تون به سھڻون آن،
    هو به روشن آهي، تون به روشن آن،
    هو آسمان تي سڀ کان الڳ،
    تون دنيا ۾ سڀ کان نرالو.
    بس فرق صرف ايترو آهي، تون لاڙڪاڻي جو استاد لقمان حڪيم آهين ۽ ٻيو دنيا جو لقمان حڪيم آهي. دنيا جي لقمان حڪيم جي تاريخ ۾ ڪافي تضاد ملن ٿا، پر لاڙڪاڻي جي لقمان حڪيم جي تاريخ ۾ ڪڏهن به تضاد شامل نه ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته هِن جي شاگردن جو تمام وسيع حلقو موجود آهي.
    نيلسن منڊيلا کان ڪنھن انٽرويو ڪندي پڇيو هو ته مفڪر ۽ سياستدان ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ ته نيلسن ڏاڍو سھڻو جواب ڏنو ته ”سياستدان جي نظر سدائين ايندڙ اليڪشن تي، جڏهن ته مفڪر جي نظر ايندڙ نسلن مٿان هوندي آهي.“
    توهان ادب کي جيترو به ورهائيندؤ اوترو اوهان جو نالو روشن ٿيندو، سٺن ماڻهن کي ياد رکڻو نٿو پوي، اهي خود ئي ياد اچي ويندا آهن. سچو قلمڪار ۽ فنڪار پنھنجي ڌرتيءَ تي پنھنجي ماڻهن لاءِ تمام گهڻا سوال ۽ تجربا ڇڏي ويندو آهي. اهو ان لاءِ ته هن کي پنھنجي ڌرتيءَ ۽ قوم سان ايترو عشق هوندو آهي جيترو ابھم ٻارڙي کي پنھنجي ماءُ سان.
    ارسطو چيو ته، ”شاعري، سڀني لکڻين کان وڌيڪ حڪمت واري شيءَ آهي. شاعر ۽ بادشاهه روز روز پيدا ڪونه ٿيندا آهن.“ استاد شاعرن کي ياد ته ڪيون ٿا، ان لاءِ اسان کي ڪوشش اها به ڪرڻ گهرجي ته انهن استاد شاعرن جي حوالي سان تاريخي هنڌ ڳولي انهن لاءِ منسوخ ڪجن.
    شاعر اديب، عالم، سياستدان پنھنجي شھرن، قومن لاءِ تاريخ جو حوالو بڻجندا آهن. ان لاءِ استاد لقمان حڪيم کوکر لاءِ لاڙڪاڻي شهر جو ڪو روڊ، چونڪ يا ڪو باغ نالي ڪجي.
    لقمان حڪيم جي شاگردن ۽ دوستن جو حلقو تمام وسيع آهي پر ڏک جي ڳالهه اها آهي موصوف جو مواد ڪتابي صورت ۾ هن مھل تائين اچي ڪونه سگهيو آهي. دنيا کي بهترين شيون ڏيو، ته توهان کي به موٽ ۾ سٺيون شيون ملنديون. توهان پنھنجي من جي موج کي پنھنجي دل جي ڪناريءَ تائين ته آڻي ڏسو، پوءِ ڏسو ته هيءَ دنيا ڪيتري حسين تر آهي.

    آخر ۾ ڀٽائي سرڪار جي هنن سِٽن سان ته:

    عاشق سي چئجن، جن تي عاشق پاڻ ٿيو،
    اهڙي رنگ رچن، سي عاشق معشوق ٿيا.

    (شاهه سائين)

    **
     
    tariqlarkanve هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو