• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نواب ولي محمد

سچل ماڇي

سينيئر رڪن
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ 1783 ع ۾ هالاڻي ۾ جنگ لڳي، ڪلهوڙن کي شڪست حاصل ٿي ۽ حڪمران ٽالپر ٿيا. ٽالپرن پنهنجي وفادار سپهه سالارن کي حڪومت ۾ شريڪ ڪيو. جو نواب ولي محمد لغاريءَ کي وزيراعظم مقرر ڪيو. نواب ولي محمد جي وصال کان پوءِ سندس فرزند احمد خان کي وزير مقرر ڪيو ۽ کيس لاڙڪاڻي ۾ تمام وڏي جاگير ڏني. ٽالپرن اندروني نا اتفاقين ۽ انگريزن جي چالبازين جي ڪري مياڻي ۽ دٻي جي جنگ لڳي ۽ ميرن کي شڪست نصيب ٿي. نواب احمد خان نيٺ چارس نيپئر وٽ پيش پيو، انگريزن کيس لاڙڪاڻي جي جاگير جي عيوض مرزاپور تعلقي قاضي احمد ۾ جاگير فقير ولي محمد نالي جاري ڪئي. 1935ع ۾ نواب ولي محمد ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي جنهنجي ڪري نواب ولي محمد اسٽيشن جي ڪري مشهور ٿيو. شروع شروع ۾ هتي رڳو ننڍڙي هوٽل ڦوٽو ماڇي ۽ سومر چاڪي جو دڪان هو. آهستي آهستي هي ڳوٺ آباد ٿيڻ لڳو، جو هاڻي شهر جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، اٽڪل 5 هزار جي آبادي جي هن شهر ۾ رند، ڪلهوڙا، ڀنڊ، عمراڻي ، سومرا، ٻگهيا، خاصخيلي، عالماڻي، چانڊيا سيال، لاکا، ڏيٿا، پنجاپي، ماڇي، موچي، شاهه ۽ باگڙي ذاتين جا رهواسي آهن. ٿورو ماضيءَ ۾ جهاتي پايون ٿا ته نواب ولي محمد اسٽيشن بس اسٽاپ تي ٺاري چانڊيي نالي شخص هر ايندڙ ويندڙ مسافر کي پاڻي پياريندو هو ۽ کوڙ سارا ماڻهو سندس مفت پڪوڙا کائيندا هئا.​

هن وقت نواب ولي محمد ڀوهه جي واپار جي حوالي سان ايشيا جي وڏي منڊي ليکي وڃي ٿي. ڀوهه جي واپارين جي هڪ ڊاڪيومينٽري فلم بي بي سي پڻ ڪري چڪي آهي. نواب ولي محمد جي اولهه طرف ڳوٺ تاجر ٻگهيو ڀرسان گذريل 50 سالن کان عورتن جي تفريح جي لاءِ ميان محمد سائين تي هر سال 1 ڏينهن جي لاءِ عورتن جو ميلو لڳايو ويندو آهي، ميلي ۾ مٺائين جي دڪانن، کان سواءِ مڙيي وکر عورتون ئي کپائينديون آهن. ان کان ٿورو اڳتي ڍنڍ کٽياڻ تي خوبصورت ٻيڙين جو شهر پڻ موجود هو، جيڪو پاڻي جي کوٽ ڪري ڦٽي ويو.
نواب ولي محمد جي ماضيءَ جي مشهور شخصيتن ۾ مشهور صوفي شاعر بهاول فقير نواب بهاول، نواب علي خان، احمد خان ٻگهيو، شيطان فقير، مشهور راڳي عثمان فقير ، شاهنواز لاکو ٿي گذريون آهن. هن وقت نواب ولي محمد جي معزز شخصيتن ۾ نواب وزير حسين لغاري، پروفيسر نذير کوکر، شائين امداد حسين لغاري، صوفي علي نواز فقير، حاجي عرس رند، محمد هاشم ٻگهيو،( سابق ناظم) غلام مصطفي سومرو ( سابق ناظم)، مجيب ماڇي ( سياسي ڪارڪن). بهاول لاکو( صحافي)، علي محمد راهو(سماجي ڪارڪن)، منصور لاکو ( پي پي ڪارڪن)، ابراهيم چانڊيو ( معزز)، گلاب شاهه ( معزز)، دادن شاهه (معزز)، يوسف رند ( صحافي)، شاهنواز خاصخيلي (راڳي). اڪبر ماڇي (راڳي)، لعل بخش (راڳي)، اعجاز ماڇي ( راڳي)، ڊاڪٽر غلام عباس سومرو (ڊاڪٽر)، ڊاڪٽر امير بخش ڏيٿو( ڊاڪٽر)، هاشم ماڇي ( معزز)، غلام سرور خاصخيلي ( بهترين استاد)، جاويد سومرو ( بهترين استاد)، طارق سومرو (بهترين انگريزي استاد)، فياض سومرو ( بهترين ڪمپيوٽر آپريٽر)، سائين غلام حيدر شاهه ( راڳي)، جان محمد چانڊيو ( بهترين سپروائيزر)، عالم نواز سومرو ( خطيب)، حافظ تاج محمد راهو ( خطيب)، حاجي رحيم رند (معزز)، شريف بوزدار ( والي بال پليئر)، ملهه پهلوان عارف راهو، دادلو راهو (ملهه پهلوان)، شبن کوکر ( شاعر)، عاجز بگهيو (شاعر)، پرويز سومرو ( تعلمي ماهر) موجود آهن
نواب ولي محمد ۾ شير ٻگهيو بينون ٺاهڻ ۽ واڄائڻ جي حوالي سان پڻ شهرت ماڻي آهي. نواب ولي محمد شعور جي حوالي سان تمام گهڻو اڳتي نڪتل آهي، سنڌ جي مشهور پارٽين جون تنظيمون موجود آهن. هتي مختلف اشوز تي گڏيل جدوجهد جا مثال موجود آهن. نواب ولي محمد هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول، پرائمري اسڪول، گرلس پرئمري اسڪول ، ڪي جي اسڪول، ٽيليفون اڪسچينج، پوليس اسٽيشن، بنيادي صحت مرڪز ۽ ٻن مدرسن سميت خوبصورت گلدستي ۾ جڪڙيل آهي​
 
توهان قاضي احمد ۽ نواب ولي محمد بابت
تمام تفصيل سان ۽ سٺو لکيو۔۔مهربانيون ادا اهريون شيون ونڊ ڪندا ڪريو۔
 
نواب ولي محمد به روڊ سائيڊ تي هجڻ ڪري اچڻ ٿيندو رهندو آهي۔

توهان تمام سٺي ڄاڻ ڏئي رهيا آهيو۔
 
نواب ولي محمد خان لغاري صاحب هڪ درويش صفت انسان ٿئي گذريو آهي، نواب ولي محمد خان سنڌ جي ناليواري عالم اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي وڏڙن مان آهن جڏهن سنڌ هڪ آزاد خطو هو تنهن وقت ۾ نواب صاحب سنڌ جو وزيراعظم به رهي چڪو آهي۔ ، نواب ولي محمد خان لغاري صاحب هڪ سياستدان ۽ بزرگ کانسواء سنڌي زبان جا بهترين شاعر پڻ آهن۔ مان جڏهن دادو ۾ رهندو هئس ته ان وقت جي ڳالهه آهي ته مان دادو ۾ پنهنجي دوست حافظ خليل احمد صاحب وٽ ويٺو هئس ته اتي محترم سائين تاج محمد صحرائي ميمڻ صاحب آيا ۽ انهن اچي نواب ولي محمد لغاري صاحب جي ڪلام جو ڪتاب سائين حافظ صاحب کي ڏنو جيڪو مون پڻ نظر مان ڪڍيو هو۔ ۽ اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو هو۔ جنهن کي پڙهڻ لاء هت (ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري ) ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔
 
Back
Top