قاضي احمد شهر تاريخ جي روشنيءَ ۾

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ سچل ماڇي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2013۔

  1. سچل ماڇي

    سچل ماڇي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2012
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    حيدرآباد
    قاضي احمد شهر قاضي احمد ڪوريجي آباد ڪيو، سڀ کان پهريائين دم ۾ رهيو پوءِ اچي قاضي احمد آباد ڪيو. نيشنل هاءِ وي جي ٻنهي پاسن تي هي اڏيل شهرکي فقير رسول بخش انڙ ۽ رئس علي نواز انڙ وڏي هٿي وٺرائي رئس علي نواز انڙ کي ڪشمير گهمڻ کان پوءِ اهو خيال آيو ته قاضي احمد ۾ هڪ خوبصورت باغ اڏجي جو پنهنجي مرشد علي نواز ناز جي نالي سان ناز باغ جو بنياد رکيو. جو هي خوبصورت باغ اڳتي هلي دنيا ۽ جهان کي خوشبو جو واس ڏيڻ لڳو ۽ دنيا جون نظرونهن خوبصورت کي ڏسڻ ۽ گهمڻ جي آس ڌاري، هن خوبصورت باغ ۾ هزارين قسمنجا گل پارڪ، خوبصورت مسجد ۽ جهنگلي جيوت هرڻيون، ڦاڙها، اڇا ۽ ڪارڙا تتر موجود آهن.ناز باغ ۾ ڪيترين سنڌي توڙي اردو فلمن جي رڪارڊنگ پڻ ڪئي وئي ۽ ڪي ٽي اين جي پروگرام اوطاق جا پڻ جا پروگرام اقص بند ڪيا ويا آهن. ناز باغ جي اندر ناز محل جو هڪ نادر محل پڻ موجود آهي. قاضي احمد درگاهه شريف ۽ درگاهه فاضل شاهه موجود آهن. وڪي انسائيڪلوپيڊيا مطابق هي شهر 250 سال پراڻو شهر آهي. قاضي احمد جي مشهور شخصيتن ۾ فقير رسول بخش انڙ، رئس علي نواز انڙ، پير فيض محمد انڙ، مسڪين ملاح، عبدالحڪيم راهو۽ الله بخش انڙ هئا. هن وقت جي مشهور شخصيتن ۾ سردار ڄام تماچي انڙ (ايم پي اي سنڌ)، شير محمد انڙ(صابق ايم پي اي سنڌ)، افتخار انڙ ( سابق تعلقه ناظم)، بيدل انڙ( سابق ناظم)، بابا جاني انڙ، بهار مري ( سابق ناظم)، معشوق ڌاريجو( ليکڪ ۽ شاعر)، ڊاڪٽر باغ علي جتوئي، ڊاڪٽر صاحب خان انڙ، ڊاڪٽر قربان راهو، ڊاڪٽر اڪبر راهو، ڊاڪٽر سڪندر مري، ڊاڪٽر صالح انڙ، ڊاڪٽر طاهره معجبين، حاجي خان لاکو( سماجي ورڪر)، سيد نبن شاهه(صحافي)، رجب جتوئي(صحافي)، قاضي اشرف(صحافي) آهن. قاضي احمد تجارتي لحاظ کان پڻ شهيد بينظير آباد جو اهم شهر آهي، هتي هر خميس جي ڏينهن مال جي وڏي پڙي لڳندي آهي، جتي مالوند ماڻهو خوب ڪمائيندا آهن. ان کان سواءِ هر قسم جي تجارت جو پڻ مرڪز آهي. هتان جي آسپاس جي زمين پڻ زرخيز آهي، جنهن ۾ ڪيلا ، ڪمند، ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل تمام سٺا ٿين ٿا. قاضي احمد کي ڪچي وارو علائقو پڻ لڳي ٿو. ان ڪري ڪچي وارا وڙ پڻ مشهور آهن. قاضي احمد جي اوڀر طرف ڳوٺ انجمن، الابخش ڪٻر ۽ ٻيا ڳوٺ آهن، اولهه طرف ڏيڻان، ڳوٺ مقبول شاهه، سونو چانڊيو، لاکاٽ، نور شاهه ۽ ٻيا ڳوٺ آهن. اتر طرف جهلو مسجد، ٽموڙ ۽ ٻيا ڳوٺ آهن. ڏکڻ طرف سڪرنڊ شگر مل، روشن آباد، مشاخ ۽ ٻيا ڳوٺ آهن. قاضي احمد جي آسپاس ٽي ڪاٽن فيڪٽريون آهن ۽ سڪرنڊ شگر مل پڻ قاضي احمد جي تجارت ۽ ترقي ۾ اهم رول ادا ڪيو آهي. قاضي احمد شهر ڏيڻان روڊ، جمال شاهه۽ نوابشاهه روڊ سان ڳنڍيل آهي. 35 هزار آبادي جو هي شهر پير محلا، شوڪت، شير محمد ڪالوني، آفتاب ڪالوني، قاضي احمد موڙ، محلن ۾ ورهايل آهي. قاضي احمد شهر ۾ تعلقه اسپتال، مختيار ڪار جي آفس ،گورنمينٽ ڊگري ڪالج، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ڪيترائي پرائمري اسڪولن ۽ خانگي اسڪولن جو هڪ خوبصورت منظر آهي. قاضي احمد شهر ۾ انڙ، جتوئي، ڌاريجا، قاضي، سهتا، پنجاپي، چانديا، ڏاهري، ملاح، خاصخيلي، عمراڻي، مري، کوسه، واڻيان، سومرا ۽ باگڙي ذات جا ماڻهو رهن ٿا. قاضي احمد کي تعلقي جو درجو پڻ حاصل آهي​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    بهترين ونڊ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قاضي احمد شهر ڇو ته قومي شاهراهه تي آهي تنهنڪري اتان اڪثر گذر ٿيندو رهندو آهي۔ ٻيو ته هتي باء پاس نه هجڻ سبب ٽريفڪ جي رواني جو رڪجڻ به معمول رهيو آهي پر هاڻي ننڍين گاڏين لاء باء پاس ڏنو ويو آهي۔

    قاضي احمد ۾ اسان جي شاعر دوست معشوق ڌاريجي سان به ملاقات ٿيندي آهي۔ قيمتي معلومات مهيا ڪري اوهان سٺي ڄاڻڪاري ڏني۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو