ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) فوج جي اڳوڻي سربراهه ۽ صدر جنرل (ر) پرويز مشرف تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳواڙي ۾ جوتو هنيو ويو، جيڪو سندس پاسي کان گذري ويو، ٻئي پاسي وڪيلن جنرل (ر) مشرف خلاف زوردار احتجاج ۽ نعرا هنيا ته ”مشرف کي ضمانت نه ڏيو، جيل ڏيو“ مشرف کي ڦاهو ڏيو“، جنهن دوران سيڪيورٽي اهلڪار اڳوڻي جنرل کي بچائڻ لاءِ عدالت اندر وٺي ويا. ان دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سخت احتجاج ۽ نعرا لڳندا رهيا ۽
سنڌ هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف جي بنا اجازت ملڪ ڇڏي وڃڻ تي پابندي لڳائيندي سندس ججن کي قيد ڪرڻ واري ڪيس ۾ 15 ڏينهن، جڏهن ته بينظير ڀٽو ۽ اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ 21 ڏينهن جي ضمانت جي واڌ ڪري ڇڏي، ان موقعي تي عدالت ۽ ان جي آسپاس سخت گوڙ رهيو، جنهن دوران رينجرز اهلڪارن صحافين سان بدتميزي به ڪئي.
جنرل (ر) مشرف جي وڪيل عبدالقادر هاليپوٽي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي جو پهريون ڀيرو ملڪ جو صدر رهندڙ شخص پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيڻ آيو آهي. پرويز مشرف عدالتن ۾ پيش ٿي پنهنجو موقف بيان ڪرڻ چاهي ٿو، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مشرف جي ضمانت ۾ واڌ خلاف ڪنهن به قسم جي مخالفت نه ڪئي، جڏهن ته پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، ضمانت ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي چيو ته،
پرويز مشرف ججن تي تشدد ڪيس، بينظير ڀٽو جي شهادت ڪيس ۽ اڪبر بگٽيءَ جي قتل ڪيس ۾ مفرور آهي، ان ڪري سندس ضمانت ۾ واڌ نه ڪئي وڃي، پر عدالت 15 ڏينهن لاءِ ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي پرويز مشرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ۾ بينظير قتل ڪيس ۽ نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ به پيش ٿيو، ان موقعي تي مشرف جا ڪيترائي حامي ڪارڪن به عدالت ۾ داخل ٿي ويا، جن عدالت اندر نعري بازي شروع ڪئي، جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه چئمبر ۾ ڪيس هلائڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن تي عصمت مهدي وڪيل اعتراض ڪندي چيو ته، قانون سڀني لاءِ برابر آهي، ان ڪري پرويز مشرف جو ڪيس کليل عدالت ۾ هلايو وڃي. نعري بازي ذريعي عدالت جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي، جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه عدالت جا دروازا بند ڪرائي ڇڏيا. ان کان اڳ
رينجرز اهلڪارن عدالت اندر صحافين سان بدتميزي ڪري کين عدالتي ڪمري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ان موقعي تي پرويز مشرف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻو صدر ملڪ جي مختلف علائقن مان چونڊ وڙهڻ چاهي ٿو، ان ڪري سندس ضمانت ۾ ٻن مهينن جي واڌ ڪئي وڃي، پراسيڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ ان جي مخالفت ڪندي چيو ته جيڪو شخص ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏنو ويو هجي، ان جي حفاظتي ضمانت وڌائڻ بجاءِ، سندس ضمانت رد ڪئي وڃي، پر عدالت ان موقف سان اتفاق نه ڪندي، ضمانت ۾ 21 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
جنهن بعد پرويز مشرف سيڪيورٽي جي گهيري ۾ سڀن کي ”مڪو“ ڏيکاريندي روانو ٿيو. ان موقعي تي مشرف جي پارٽي آل پاڪستان مسلم ليگ جي ڪارڪنن وڪيلن خلاف سخت نعرا هنيا ۽ وڪيلن سان هٿ پئجندي رهجي ويا. ڪجهه وڪيلن کي ڪارڪنن جوتا به هنيا، عدالت پرويز مشرف کي بنا اجازت ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائيندي کيس جن، جن عدالتن ۾ به سندس خلاف ڪيس هلندڙ آهي، انهن سان رابطو ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مشير عالم،
جنرل (ر) پرويز مشرف جي عدالت اچڻ دوران جهيڙي ۽ مٿس جوتو اڇلائڻ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي، رجسٽرار کي حڪم ڏنو آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسي جوابدارن جي سڃاڻپ ڪرڻ بعد سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي پرويز مشرف کي جوتو هڻڻ جي ڪوشش ڪندڙ وڪيل تجمل لوڌي چيو ته، 3
نومبر 2007ع تي پرويز مشرف طرفان ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائي وڪيلن ۽ ججن سان بدتميزي ڪئي هئي، جنهن تي سندس امڙ تمام گهڻو رني هئي، جنهن جو هن اڄ بدلو ورتو آهي. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي صدر مصطفيٰ لاکاڻي چيو آهي ته
مشرف کي نه ڪنهن وڪيل جوتو هنيو آهي، نه ئي وڪيلن ان موقعي تي ڪا نعري بازي ڪئي آهي.۔۔۔۔۔ بشڪريه عوامي آواز
رينجرز پرويز مشرف مٿان جوتو اڇلائيندڙ همراهه کي گرفتار ڪري ورتو
ڪراچي ...... رينجرز پرويز مشرف مٿان جوتو اڇلائيندڙ همراهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ان کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي۔۔۔ بشڪريه سنڌ افيئرز
مشرف کي ڏوهاري سمجهون ٿا، پر فيصلي جو اختيار عدالت وٽ آهي: فضل الرحمان
لاهور .... جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو ن ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ پراميد هو پر ن ليگ پاران ٻيهر رابطو نه ڪيو ويو.... لاهور ۾ علامه انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چونڊن کان اڳ انتظامي تبديلون وڻندڙ آهن ۽ شفاف چونڊن طرف هي پهريون قدم آهي.... هن چيو ته جماعت اسلامي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن.... جي يو آءِ پنهنجي پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو وٺندي..... هن چيو ته پرويز مشرف کي اسان به ڏوهاري سمجهون ٿا، پر فيصلي جو اختيار عدالت وٽ آهي،،،، ان تي جوتو اڇلڻ نه گهرجي ها....بشڪريه سنڌ افيئرز