سنڌ جي ڇوڪرين کي خبردار رهڻ گهرجي

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي ڇوڪرين کي خبردار رهڻ گهرجي

    الطاف شيخ

    منهنجا پڙهندڙ اڪثر ٽيليفون يا اي ميل ذريعي مختلف قسمن جا سوال پڇندا رهن ٿا. هڪ ميڊيڪل جي چوٿين سالَ جي شاگردياڻيءَ پڇيو آهي ته هن جو مڱڻو ٿيو آهي ۽ گهوٽ وارا چون ٿا ته وڌيڪ نه پڙهان جو هو پئسي وارا زميندار آهن ۽ هو عورتن جي نوڪري ڪرڻ کي پنهنجي گهٽتائي سمجھن ٿا. منهنجو ان قسم جي سوال جو جواب هوندو آهي ته ڇوڪريءَ لاءِ شادي ڪرڻ به ضروري آهي ۽ پنهنجي ٿيڻ واري مڙس ۽ ساهرن جو چيو مڃڻ ۽ عزت ڪرڻ به اسان جي دين ۽ اخلاق ۾ آهي پر ان قسم جي ڪوڙي انا ۽ کوکلي شان اسان سنڌين کي ڪجهه وڌيڪ ئي پٺتي ڪري ڇڏيو آهي. اهڙين شاگردياڻين تي مونکي ڏک ٿيندو آهي ته ان کان بهتر هو ته هو ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جهڙن پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا نه وٺن ها ته سٺو. انهن جي جاين تي ڪي غريب ڇوڪريون اچن ها جيڪي پڙهي ڳڙهي نوڪري ڪري پنهنجي ڪٽنب ۽ قوم جي خدمت ڪن ها. ساڳي وقت مون کي اهڙن وڏيرن، زميندارن ۽ پئسي وارن جي حال تي افسوس ٿيندو آهي جيڪي علم کان و ڌيڪ پئسي کي مانُ ڏين ٿا. مونکي اڄ کان 50 سالَ اڳ جا ڏينهن ياد اچن ٿا ته 1963ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد مونکي جهازن جي انجنيري (Marine Engineering) پڙهڻ لاءِ چٽگانگ وڃڻو پيو ٿي. ڳوٺ جو عورتون مبارڪون ڏيڻ کان وڌيڪ منهنجي ماءُ کي اهو چوڻ لڳيون ته تون ڪهڙي ماءُ آهين جو پٽ کي هيڏو پري ٿي موڪلين! توهان وٽ ته ايڏيون زمينون آهن جو ست پيڙهيون گهر ۾ ويهي کائين. پوڙهين جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي به دل سست ٿيڻ لڳي پر چڱو جو والد صاحب مونکي دڙڪو ڏيندي چيو: ”آئون پيءُ جو اڪيلو پٽ ۽ وارث هوندي به تعليم لاءِ اُٺن تي چڙهي بمبئي ۽ پوني ويندو رهيس. توکي هوائي جهاز ۾ ويندي به مونجھارو ٿئي ٿو“...... ۽ پوءِ مون ڏٺو ته اها زمين جنهن لاءِ ست پيڙهيون ٿي گهر ۾ ويٺيون اها منهنجي اڳيان سِم ۽ ڪَلر جو شڪار ٿي وئي ۽ رب جو شڪر ٿو ڪريان ته تعليم ۽ هنر حاصل ڪري ورتم جنهن مان گذر سفر ٿيندو رهيو.

    مٿي هڪ شاگردياڻيءَ جو مثال ڏنو اٿم پر توهان جي نظرن ۾ ڪيتريون اهڙيون ڊاڪٽرياڻيون هونديون جن MBBS يا هائوس جاب ڪرڻ بعد شادي ٿي هوندي ۽ شادي بعد سندن مڙسن غيرت جو مثال ڏنو هوندو يا پنهنجي پيار ۽ اڪن ڇڪن هجڻ جو نمونو پيش ڪيوهوندو ته آئون نٿو چاهيان ته منهنجي زال نوڪري ڪري ۽ غير مردن سان ڳالهائي..... يا وري چوندا پئسو ڪمائڻ اسان مردن جو ڪم آهي ۽ اسانجي پياري زال راڻي ٿي گهر ۾ آرام ڪري، ڀلي کڻي هن MBBS ڪئي آهي يا B.E وغيره....... پوءِ اهڙا ڪيئن مثال اسان جي سامهون آهن ته اهڙن مردن مان ڪيترن جو هني مون پيرڊ ٻن ٽن سالن اندر ختم ٿيو وڃي ۽ هنن جي دل راڻيءَ تان کڄي ڪنهن ڀنگياڻيءَ سان لڳيو وڃي ۽ سندن نڪاح ۾ آيل گهر واري نه رڳو پنهنجي مڙس اڳيان پيار لاءِ پر پئسي ڏوڪڙ لاءِ به واجھائيندي رهي ٿي.
    هڪ اهڙي ٻن ٻارن جي ماءُ ڊاڪٽرياڻي، نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان هئي. هن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ ڊگري ملڻ وقت هن کي ڪيترن هنڌن تي نوڪري ملي رهي هئي پر هاڻ پنج سال کن گهر ۾ وهڻ بعد هن لاءِ نوڪري حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. هوءَ سخت پريشان هئي ۽ ڏک هئس ته هن مڙس جي مِٺين مِٺين ڳالهين ۾ اچي سالن جي پڙهائي ۽ ڪئريئر خطري ۾ وجھي ڇڏيو. اڄ هن کي پاڻ کان وڌيڪ ٻارن کي پالڻ لاءِ نوڪري جي ضرورت آهي.
    سنڌ يونيورسٽي جي هڪ خاتون پروفيسر ٻڌايو ته ان قسم جا مسئلا اسان وٽ سنڌ ۾، خاص ڪري مسلمانن ۾ هيڪاندا ٿي پيا آهن. اسانجو نوجوان دنيا جي مقابلي ۾ سست، ٽوٽي ۽ عيش جي زندگي گذارڻ چاهي ٿو. هن ٻڌايو ته نياڻين جي رشتن لاءِ ڪو سٺو ۽ سنجيدو ڇوڪرو ڳولڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. اڄ ڪلهه ڪيترا ڇوڪرا اهو چاهين ٿا ته ڪنهن امير گهر جي ڇوڪريءَ سان شادي ٿئي. جيئن ڇوڪريءَ جا مائٽ هن کي ولايت ۾ Set ڪن. هن جي اها ڳالهه ٻڌي مونکي سنڌ جي مختلف شهرن جا اهي ڇوڪرا ياد آيا جيڪي هتي ملائيشيا ۾ رهن ٿا ۽ هنن نيٽ (ڪمپيوٽر) ذريعي ڪجهه پوڙهين ملئي عورتن سان شادي ڪئي آهي. هو ان ۾ خوش آهن ته هو نوڪري يا پورهئي کان بچي ويا آهن. سندن زالون سرڪاري يا غير سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪن ٿيون هو پاڻ گهر جو ڪم ڪار ۽ زال جي پهرين مڙس مان ڄاول ٻارن جي بيبي سٽنگ ڪن ٿا.
    منهنجي هڪ دوست جي ڊاڪٽرياڻي ڌيءَ جي سعودي عرب ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ ڊاڪٽر سان شادي ٿي جنهن جا ماءُ پيءُ به ان وقت سنڌ ۾ سٺين نوڪرين ۾ هئا. ڪنوار کي پاڻ سان سعودي عرب وٺي وڃڻ بدران مهيني ٻن بعد پاڻ به اچي ڪراچي کان نڪتو. خبر پيئي ته هن شادي جي چڪر ۾ سعودي عرب ۾ نوڪري جو ڪوڙو چڪر هلايو جيئن کيس ڪو سٺو رشتو ملي وڃي. شاديءَ بعد زال نوڪري ڪندي رهي ٿي ڇوڪرو فقط نوڪري جي ڳولا ۾ لڳو رهي ٿو. ڪٿي مليس ٿي ته غير حاضر رهڻ ڪري ڪڍيو وڃي ٿو. زال ان اميد تي ته من هاڻ ڪا سٺي نوڪري ملي ته هو به ڪري ۽ سندن گهر جي خرچ پکي ۾ مدد ٿئي. انهي وچ ۾ مڙس جي خواهش ڏيکارڻ تي اسان جي دوست پنهنجي خرچ سان هن کي هڪ ميڊيڪل اسٽور به کولي ڏنو ته هو هڪ هنڌ ويهي پرئڪٽس به ڪري ته دڪان به هلائي. پر هو اهو ڪم به ڪري نه سگهيو. ان کي ٽي چار سالَ ٿي ويا آهن ٻه ٻار به ٿي ويا اٿن ۽ هاڻ وڃي ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ تي راز کليو آهي ته هن کان نوڪري نٿي پڄي ۽ هن کي ننڍپڻ کان نشي جي عادت آهي جيڪا هاڻ نڪرڻ جو نالو نٿي وٺي..... غريب زال ٻه ٻه ڊيوٽيون ڪري ٻارن کي به پالي رهي آهي ته مڙس جي خرچن ۽ گارين کي به منهن ڏئي رهي آهي. هوءَ اهوئي سوچي رهي آهي ته ان کان ته هن جي شادي نه ٿئي ها ته سٺو. مڙس جا والدين اهو چئي پاڻ کي فارغ ذمه ٿا سمجھن ته هنن اهو ئي سمجھيو ٿي ته سندن نشئي ۽ ڪاهل ڇوڪرو شاديءَ بعد مٿس جوابداري اچڻ تي سڌري ويندو.
    اسان وٽ سنڌ ۾ اهو مٿيون نسخو به خوب آهي.... يعني کريل ٻار کي ڪنهن شريف سان شادي ڪرائي ڇڏجي.... جي سڌري ويو ته واه واه نه ته مٿي جو سور ڇوڪريءَ وارن لاءِ. دنيا جي ٻين ملڪن ۽ قومن ۾ مائٽ پنهنجن ٻارن جي تڏهن شادي ڪرائيندا آهن جڏهن هو روزگار کي وڃي لڳي ۽ زالَ ۽ ٻارن جي جوابداري کڻي سگهي. پر اسان وٽ ابتو حساب آهي. ماءُ پيءُ پٽ تي ڌيان نه ڏيندا بلڪه هن کي لاڏلو بنائي کاري ٻهر ڪندا ۽ پوءِ هو جڏهن هنن جي هٿن مان نڪري ويندو ۽ کيس منهن ڏئي نه سگهندا ته پوءِ هن کي ڪنهن نياڻي جي مٿي هڻي ڇڏيندا ۽ اها ئي اميد رکندا ته زال ملڻ تي هو نشو پتو به ڇڏي ڏيندو، راتين جو رلڻ پنڻ به ڇڏي ڏيندو ته نوڪري ۽ پورهئي کي به لڳي ويندو. زال جي دانهن تي سس سهرو ماڳهين هن تي الزام هڻندا وتندا ته تون هن جو خيال نٿي ڪرين تون هن کي پيار نٿي ڏين.
    مزي جي ڳالهه اها ته اهو نسخو نه فقط اسان جا سنڌي مائٽ سنڌ ۾ هلائين ٿا پر ولايت ۾ رهندڙ پڻ. آمريڪا جي شهر هيوسٽن (شهر جو نالو بدلائي پيو لکان) ۾ هڪ سنڌي انجيئر سان ملاقات ٿي. انجينئر ته هو سنڌ ۾ هو پر پوءِ غلط ڪمن ڪري ۽ پوليس ۽ ڪورٽ جي چڪر کان بچڻ لاءِ رشوت جو پئسو کڻي اچي آمريڪا کان نڪتو. آمريڪا ۾ ته سندس ڊگريءَ کي قبول ڪري ان مطابق نوڪري نه ملي سگهي پر ڦرلٽ جي آندل بي انتها پئسي کي Invest ڪري عيش جي زندگي گذارڻ لڳو...... ۽ اسان جي ماڻهن جو عيش معنيٰ شراب ۽ شباب! ان وقت ٻارن تي ڌيان نه ڏنائين جيڪي آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ رهي ڪا خاص تعليم ته حاصل نه ڪري سگهيا پر عياشيءَ ۾ پيءُ کان به ٻه قدم اڳيان وڌي ويا. ماءُ پيءُ هاڻ سخت پريشان آهن جو هو سندن نٿا ٻڌن ۽ نه وري کانئن ڪو نوڪري يا پورهيو ٿو پڄي. ٻه ٽي سالَ اڳ جڏهن آئون سندن گهر رهيس ته مونکي به سندن حال تي افسوس ٿيو. آخري ڏينهن تي ماءُ پيءُ مونکي چيو ته پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي شادين جا مسئلا آهن ۽ هو آمريڪن سٽيزن ڇوڪرن لاءِ ته آتا آهن سو سندن پٽن لاءِ ڪي اهڙيون ڇوڪريون ڏسجانءِ جيڪي امير گهرن جون هجن.
    پنهنجي ملڪ پهچڻ تي به هنن ٻه ٽي دفعا مونکي فون ڪيو پر آئون چپ رهيس جو اهڙا جي سڌريل ڇوڪرا هجن ها ته سندن مائٽ ئي کين ڇوڪريون ڏين ها. بهرحال هو مونکان علاوهه ٻين کي به چوندا رهيا. سال ٻن بعد مونکي خبر پيئي ته هنن جي سنڌ مان شادي ٿي ۽ اڄ انهن ڇوڪرين جا والدين سخت پريشان آهي جو اهي ڇوڪرا گهر هلائڻ بدران ڇوڪرين جي والدين کان پئسي ڏوڪڙ جي Demand ڪندا رهن ٿا ۽ سندن نه زالن ۾ دلچسپي آهي نه مستقبل ۾. هنن لاءِ سڀ ڪجهه شراب آهي. ڇوڪرين وارن جڏهن ڇوڪرن جي ماءُ پيءُ سان شڪايت ڪئي ته انهن اهوئي Stereo ٽائيپ جواب ڏنو ته آمريڪا ۾ ته هرڪو شراب پئي ٿو. يا وري ڳهو جواب ته اسان سمجھيو ته شادي بعد هنن مان اها عادت نڪري ويندي.
    دراصل اها ڳالهه ناهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ ڇوڪرا يا انهن جا مائٽ خراب آهن. آئون پنهنجن سفرنامن ۾ به لکندو اچان ته گذريل صديءَ جي سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ اسان کي آمريڪا ۾ گهڻو ڪري سنڌ جا عياش وڏيرا، جاگيردار ۽ پير مير يا انهن جو اولاد ملندو هو جيڪي فصل لهڻ تي پئسو کڻي هن پاسي عياشي لاءِ ايندا هئا پر هاڻ گذريل ٽيهارو سالن کان ڏسان پيو ته USA ۾ اسانجي مڊل ۽ لوور مڊل ڪلاس جا سنڌي نوڪرين ۽ پورهين لاءِ اچن ٿا. هو پنهنجين فئملين سان اچن ٿا. هو آمريڪا ۾ رهي به پنهنجي مشرقي ڪلچر ۽ مذهب کي قائم رکن ٿا. هو پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم سان گڏ سٺو اخلاق به سيکارين ٿا پر جتي ڪٿي ڪجهه ڪاريون رڍون ته ضرور ٿين ٿيون. انهن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي وطن ۾ به بد اخلاق هئا ته هتي آمريڪا ۾ به. هنن هتي جي رول شيدياڻين، پورٽوريڪن يا ڊرگ مافيا جي عورتن سان ڪاغذي شادي ڪري آمريڪا جو پاسپورٽ تي وٺي ڇڏيو آهي جيئن هو چڱا مڙس سمجھيا وڃن پر هنن کي نه قوميت جو فڪر آهي نه مذهب جو. نوڪري يا پورهيو هنن کان نٿو پڄي. نشي پتي ۽ شراب خوريءَ کي ماڊرن هجڻ جو ثبوت ٿا سمجهن. هو آمريڪا ۾ رهي پاڪستان مان، خاص ڪري سنڌ مان ڪنهن امير ڇوڪريءَ سان شادي ڪري گهر ويٺي پئسو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ڪي ته اهڙا آهن جيڪي آمريڪا ۾ غير قانوني طرح لڪ ڇپ ۾ رهيل آهن. هو جهلجي پوڻ تي يا هڪ دفعو پاڪستان اچڻ بعد وري کين آمريڪا ۾ گهڙڻ نه ڏنو وڃي. هو آمريڪا ۾ رهي ان ڪوشش ۾ رهن ٿا ته پنهنجي وطن جي ڪنهن اٻوجھ ۽ امير سنڌي فئملي کي ڦاسايو وڃي. سنڌ ۾ رهندڙ اهو ئي سمجھن ٿا ته آمريڪا ۾ رهندڙ هر ڇوڪرو قاعدي قانون جو پابند به هوندو ته سٺي ڪمائي وارو به. پوءِ انهن کي تڏهن خبر پوي ٿي جڏهن شادي بعد ڇوڪرو سندن مٿي لڳيو وڃي ۽ اها ڄاڻ ٿئي ٿي ته ساڻن دوکو ٿيو آهي. اهڙا شرابي، ٽوٽي، دوکي باز ۽ نام نهاد آمريڪن ڇوڪرا ڇوڪري وارن تي رعب رکڻ لاءِ اهوئي ڏيک ڏين ٿا ته هو ڄڻ ريمنڊ ڊيوس آهن ۽ آمريڪن هجڻ جي ناتي هنن جو ڪو به نالو نٿو وٺي سگهي. پر ائين ناهي. نه رڳو آمريڪا ۾ پر اسان وٽ به قانون آهي جيڪو ڇوڪرين جي مدد ڪري سگهي ٿو. نه رڳو اسان وٽ پر آمريڪا ۾ به ڪيترائي اهڙا انسانيت ۽ عورت ذات جي مدد ڪرڻ وارا ادارا آهن. ان ڏس ۾ آئون آمريڪا جي SANA (سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا)؛ PANA (پيٽاررو ڪئڊٽ ڪاليج ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) ۽ ٻين ادارن کي ۽ سنڌ ۾ سالن کان عورت جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ عرفانا ملاح، امر سنڌو، عطيه دائود، انيتا شاهه، رخسانا پريت، مهرالنساءِ لاڙڪ، ۽ مسرت شاهه جهڙين بين الاقوامي اثر رسوخ رکندڙ عورتن کي چوندس ته سندن تنظيمون سنڌ جي ان ڪَرَ کڻندڙ مسئلي ڏي پڻ ڌيان ڏين. ان ڏس ۾ ڪيترائي جج صاحب ۽ اياز پليجو جهڙا قابل ۽ خيرخواهه وڪيل پڻ مدد ڪري رهيا آهن. مظلوم ڇوڪرين کي کپي ته پنهنجن حقن جي ڄاڻ رکن. هو جيڪڏهن آمريڪا ۾ آهن ته هنن لاءِ پوليس کي هڪ فون ڪرڻ ڪافي آهي پر جيڪڏهن اهڙيون مظلوم ڇوڪريون پاڪستان ۾ آهن ته هو ساڻن ٿيندڙ ظلمن بابت پاڪستان ۾ موجود آمريڪا جي سفارتخاني کي اي ميل يا فون ذريعي اطلاع ڪري سگهن ٿيون ۽ انٽرنيٽ تي ڪيترائي قانوندان ادارن سان احوال ڪري سگهن ٿيون جيڪي دنيا جا مخير حضرات هلائين ٿا. ان سلسلي ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ ۽ انهن مسئلن جي ڄاڻ رکندڙ حسن مجتبيٰ، منور لغاري، عزيز ناريجو، اعجاز ابڙو، پروفيسر جاويد ڀٽو، علينواز ميمڻ صاحب جهڙا اديب، دانشور ۽ ٻيا سماجي ۽ قانون جا ڄاڻو وڪيل دوست هنن صفحن ذريعي سنڌ جي مجبور نياڻين جي رهنمائي ڪري سگهن ٿا.
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تمام سٺو موضوع آهي ، اسانوٽ واقعي نياڻين سان نا انصافيون مڙئي سوايون ٿينديون آهن ، پٽن کي تمام گهڻو لاڏ ۽ پيار ، آزادي ڏني ويندي آهي ۽ انهن جي هر فرمائش پوري ڪئي ويندي آهي ، نتيجي ۾ اهڙا پٽ خراب صحبت ۾ جڪڙجي ويندا آهن ، نياڻين جي به اڄڪلھ صحيح اسلامي تربيت ڪانه ٿي ڪئي وڃي ! ڪو ايجوڪيشن ، ڪيبل ٽي وي ، موبائيل فون ، انٽرنيٽ جي عام استعمال ۾ اچڻ کان بعد تمام گهڻين براين جنم ورتو آهي ، اڳي صرف ٽي وي تي هڪ ئي چينل هلندو هيو پي ٽي وي ۽ ان ۾ هفتي ۾ هڪ ڏينهن سنڌي ڊراما هلندا هئا سڄي پاڙي ۾ وڏي مشڪل سان صرف هڪ ٽي وي هوندي هئي موبائيل فون ڪانه هئي انٽر نيٽ جو ته اسانوٽ تصور ئي نه هيو تڏهن تمام گهٽ برايون هونديون هيون ، هاڻي عورتون يا ڇوڪريون ڪافي وقت ڪيبل ٽي وي تي انڊيا جا ڊراما ڏسن ٿيون يا مختلف زبانن وارا چينل ڏٺا وڃن ٿا موبائيل فون هر ڪنهن وٽ آهي ئي آهي ، اصل ۾ اسان اسلامي تعليمات مطابق زندگي نٿا گذاريون تڏهن مختلف قسمن جي پريشانين جو شڪار آهيون !
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,767
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪاش! سنڌي ڇوڪرا روشن مستقبل بابت سوچين ۽ سنڌ جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪن
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    سنڌي ڇوڪريون ”برو هي ڀنڀور“ ۾ڦاٿل آه، انهن جي اصلاح ضروري آهي
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄڪلهه ميڊيا پاران ڏيکاريل رنگا رنگي ۽ گليمر کان متاثر ٿي ڇوڪرا ڇوڪريون انهي جي وبا جو شڪار ٿيا آهن ۔ ۔ ۔سو اهڙي تناظر ۾ ڇوڪريون ڇوڪر جي اهليت، طبيعت ۽ لڇڻ بدران انهي جو اسٽيٽس ڏسي هرکي ٿيون پون ۽ مائٽ به مجبور جو ڇوڪري تي سختي ڪرڻ معني هٿ سان کيس باغي ڪرڻ ۔ ۔ ۔به ڌڻي سڀني کي پنهنجي مان ۾ رکي۔ ۔ ۔ ۔
    ڏسجي ته آمريڪي شهريت رکندڙ ۽ سنڌ ۾ هڪ جهوپڙي ۾ رهندڙ ن جي افعالن ۾ وڏو فرق آهي ته بهتر ٿيندو ته عصل ۽ فهم واري جي چونڊ ڪجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    ادا ڳالهه ته بلڪل پتي جي ڪئي اٿو رب سڀن کي امان ۾ رکي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو