• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇرڪائيندڙ ۽ روئاڙيندڙ

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
اڄ سکر مان دوست بشير احمد منگي هڪ ڇرڪائيندڙ خبر ڏني آهي۔
ته سکر جو قديمي تاريخي قبرستان ( آدم شاهـ جو) بلڊر مافيا جي ور چڙهي ويو آهي جنهن ۾ هنن سنڌي ٻولي جي شيدائي مرحوم رحيمداد مولائي شيدائي جي قبر کي به مليا ميٽ ڪري ڇڏيو آهي۔
ڇا ڪجي پنهنجي بي حِسي کي يا بلڊر مافيا جي بي حيائي کي داد ڏجي ؟
قالو انا لله و انا اليه راجعون۔
 
ڪُهاڙي ڪونهي ڏوهه ڳن وڍيندڙ هٿ ۾
هڪ سکر ڇا سنڌ جي هر واهڻ وستي تي
ڌارين جوغلبو وڌندو پيو وڃي اسان رڳو لفظي
مذمت ڪري ڳالهه کي ٽاري ٿا ڇڏيون
اسان جا نام نهاد قومي ليڊر پنهنجي ڄنڊا پٽ ۾
پورا آهن،هو ذاتي مفادن مان نڪرن ته قومي مفادن
تي ڌيان ڏين،اسان جا بر،بحر،سيمون ۽ سمونڊ سڀن
تي ڪو دهلي جو دلال ته ڪو افغاني،قابض آهي۔
اي مولا اسان جي ڌرتي کي هيترو حسن ڏنو اٿئي
ته تحفظ ڪرڻ جي سگهه ۽ قومي ٻڌي ۽ اتحاد باهمي به
عطا ڪر،منهنجي سنڌ ۽ منهنجا ماڻهو انهن جي حب الوطني
سادگي ۽ انسانيت سان پيار،ڀلا تو کان سواء ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي،
 
اي مولا اسان جي ڌرتي کي هيترو حسن ڏنو اٿئي
ته تحفظ ڪرڻ جي سگهه ۽ قومي ٻڌي ۽ اتحاد باهمي به
عطا ڪر،منهنجي سنڌ ۽ منهنجا ماڻهو انهن جي حب الوطني
سادگي ۽ انسانيت سان پيار،ڀلا تو کان سواء ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي،
آمين ثم آمين۔
 
مولائي شيدائي اهو انسان جنهن سنڌ جي تاريخ جي حفاظت ڪئي پر اڄ سندس قبر به محفوظ ناهي ۔۔۔ ڪٿي آهن سنڌي، ڪٿي آهن سنڌي قلمڪار، مزاحمتي سرواڻ، سماجي اڳواڻ، تاريخدان، قومپرست ۽ وفاق پرست جيڪي سنڌ جو راڳ ڳائيندي نه ٿا ڍاپن۔
 
Back
Top