اڄوڪي ڏينهن 3 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 3 اپريل 1895ع شاعر مولانا ثناءُ الله ثنائي (کهڙا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 اپريل 1929ع سماج سڌارڪ ميلارام آتما رام (مٺياڻي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1939ع صحافي، ليکڪ ۽ اڳوڻي سينيٽر يوسف شاهين جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1954ع شاعر عبداللطيف اداسي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 اپريل 1954ع نامياري صحافي، رپورٽر، ليکڪ ۽ اڳوڻي شاگرد سياستدان علي محمد شاھ لڪياري جو جنم ڏينھن آھي. 3 اپريل 1955ع شاعر ۽ ليکڪ مشڪور ڦلڪارو جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 3 اپريل 1964ع صحافي محمد صالح ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1965ع مشهور گلوڪاره نازيه حسن جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 اپريل 1968ع شاعر معصوم بخاري (مرزو جانوري) جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1971ع شاعر اسد سولنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 اپريل 1976ع شاعر غلام نبي غلام جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1984ع شاعر رفيق جتوئي (گهرام) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 3 اپريل 1941ع شاعر مخدوم محمد دائود خادم جو انتقال ٿيو. حواله: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ روزانه ڪاوش انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وڪيپيڊيا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
مشڪور ڦلڪارو ليکڪ ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جو جنم 3 اپريل 1955 تي ٿيو. سندس پورو نالو محمد بخش ولد شير محمد خان ذات ڦلڪارو آهي ۽ ادبي نانءَ مشڪور ڦلڪارو آهي. 1972 کان مسلسل لکندو اچي، هن شاعري کان علاوه ڪيترائي مضمون . تحقيقي مقالا پڻ لکيا آهن. پهريون دفعو سنڌي ۾ ٽيه اکري جي جاءِ تي سنڌي 52 اکري ۾ هر اکر جا ڏه بيت ۽ ڪافيون وايون ، نظم ،غزل لکي سنڌو حرفي نالي ڪتاب مڪمل ڪيو اٿائين. هن وقت به ٻه ڪتاب لکي رهيو آهي هڪ سوچون منهنجي ساه جون ءَ ٻيو سنڌي سماج جي تاريخ.