اجرڪ جو پٽڪو پائيندڙ ناميارو صحافي، رپورٽر ۽ ليکڪ علي محمد شاھ لڪياري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]


    ڏک ۽ افسوس واري خبر آھي تہ اجرڪ جو پٽڪو پائيندڙ ناميارو صحافي، رپورٽر ۽ ليکڪ علي محمد شاھ لڪياري 66 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آھي.

    انا للہ و انا اليہ راجعون

    ”اَجرڪ جي پَٽڪي وارو صحافي“

    تحرير: بخشل باغي

    اڄ جڏهن سائنس جي حيرت انگيز ترقيءَ هن سموري دنيا جي گولي کي گلوبل وليج ۾ تبديل ڪري انسان جي وچ ۾ بڻايل سرحدن کي اليڪٽرونڪ ميڊيا ذريعي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سماجي لڳ لاڳاپن کي وار جي سنهڙي وٿيءَ کان به ويجهڙو ڪري عالمِ انسان لاءِ ڪيڏين نه رشتن ۽ واسطن جي وڏين مفاصلن تي رابطن ۽ ذهنن جون پُلون جوڙي ڇڏيون آهن، جو دنيا هڪ اهڙو سهڻو ۽ سٻاجهڙو ڳوٺڙو بڻجي پئي آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي سماج، معاشرا، پنهنجن مڙني تاريخي، تهذيبي، ثقافتي، تمدني، مذهبي، نظرياتي، فڪري، سياسي، ادبي، سماجي شناساين سان الڳ الڳ ڄاتا ۽ سڃاتا وڃن ٿا، ڇو ته هر معاشرو يا سماج فردن جي ئي بنياد تي ٺهندو ۽ ڊهندو رهندو آهي. فرد ئي پنهنجي معاشري جا اخلاقي قدر جوڙيندا ۽ ٽوڙيندا آهن. جهڙيءَ طرح هر معاشري جو فرد سان تعلق آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت هر فرد جو به ان جيترو، بلڪ ان کان به گهڻو تعلق يا سُٻنڌ رهي ٿو ۽ پوءِ ان سُٻنڌ جي ناتي هر فرد تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هُو پنهنجي سماج ۾ ڪيترو سماجي قدرن جي رکوالي ڪري ٿو ۽ هو باشعور هئڻ جي ناتي ڪيتري قدر سماجي واسطن کي نباهي ۽ قائم رکي ٿو، جڏهن ته اها ساڳي ذميواري معاشري جي هڪ عام فرد کان وڌيڪ وري ان فرد تي عائد ٿئي ٿي، جيڪو ان معاشري جو شعور وند فرد آهي، پوءِ ڇو نه ڀلي ان جي حيثيت معاشري ۾ فنون لطيف جي ڪنهن به شعبي سان تعلق رکندي هجي. يا ڪابه شخصيت فن جي دنيا ۾ ڪيتري به حيثيت جي حامل هجي، پر ان شخصيت وارو فرد سماجي لڳ لاڳاپن کان وانجهيل، ڪن لاٽار ڪندڙ هڪ غير ذميوار ۽ پنهنجي سماجي زندگيءَ ۾ مُنافق آهي ته ان جي اها فن واري خوبي رڳو ان فرد جي لاءِ شهرت ته بڻجي سگهي ٿي، پر ان سماج لاءِ سواءِ ڪنهن ناسور جي گهٽ نه آهي، جنهن سماج جا سور يا درد انهيءَ فرد جي فني اظهار جا موضوع يا بنيادي مُحرڪ آهن.
    گلوبل وليج جي انهيءَ ڳوٺڙي ۾ سنڌ ڌرتي جو به هڪ خانداني گهراڻو آهي، جيڪو پڻ پنهنجي مڙني تاريخي شناساين سان پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو. مان ان گهراڻي جي هڪ جهروڪي مان جڏهن نوابشاهه جي آڪاش جو اُجرو نيرو ۽ ننڍڙو ٽڪرو ڏسان ٿو ته ان تي ڪيترائي فنون لطيف جا ستارا پنهنجي قسمين قسمين جڳ مڳ روشنين سان جرڪي رهيا آهن. پر انهن مان هڪڙو ننڍڙو ستارو اجرڪ جي اڇين ڦلڙين جهڙي کير نُما روشنيءَ سان نمايان نظر اچي ٿو، جيڪو صحافت جي دنيا ۾ ٿورڙي عرصي ۾ پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد شخصيت ۽ حيثيت جو مالڪ ۽ نوابشاهه جي هيڻين طبقي جو پنهنجي وجود ۾ اهو مسيحا آهي، جنهن جي هڪ مرڪ ئي ڄڻ ته سڀني مسئلن جو هڪ ٽڪ حل ڀاسندي آهي. قد جو پُورو پنو، بُت ۾ ڀريل، نه سنهو نه ٿلهو، گول ڀريل چهري تي نه ننڍڙي نه وڏي سونهاري ۽ شهپر، جيڪا سندس شخصيت کي وڌيڪ اُجاگر ڪري ٿي ۽ وري مَٿي تي پنهنجي ثقافت اَجرڪ جو پَٽڪو، جيڪو پڻ سندس شخصيت جي بيحد سڃاڻپ بڻجي پيو آهي، جنهن جي ڪري ڪو ڀلي کيس نالي سان نه به سُڃاڻيندو هجي، پر هاڻ هن جي سُڃاڻپ اجرڪ جي پٽڪي وارو صحافي ئي بڻجي چُڪي آهي. صحافت جي دنيا ۾ روزاني ”شام“ اخبار کي ثقافتي رنگ روپ سان مالا مال ڪندڙ ۽ ميلن ملاکڙن جون تصويرن سان رپورٽون پيش ڪندڙ نوابشاهه جي صحافين ۾ جاکوڙي، سچو ۽ کرو. هر وقت ڪنهن نئين خبر جي جستجو ۾ رهندڙ، ڪٿ به، ڪنهن وقت به، ڪنهن واقعي ٿيڻ جي اطلاع ملڻ سان اُت پنهنجي موٽر بائيڪ تي پهچي وڃي رپورٽ وٺڻ وارو پُر خلوص، سچو، سادو، محبتي ماڻهو ۽ اسان جو مُحسن دوست سائين علي محمد شاهه لڪياري ئي ته آهي. سائين علي محمد شاهه لڪياري انساني رشتن، ناتن ۽ سماجي لڳ لاڳاپن جي اعتبار کان هڪ ذميوار، سنجيده، باشعور، حساس دل رکندڙ اهو انسان آهي، جنهن وٽ ڪوبه ننڍ وڏائي جو اجايو تصور نه آهي. هو هر ڪنهن سان پنهنجائپ، پيار ۽ محبت سان ملندڙ شخص آهي. هو هر عام توڙي خاص ماڻهوءَ يا خبر کي پنهنجي سچائي جي نگاهه سان ڏسندو آهي. هُو جڏهن لکڻ مهل اڇن شيشن واري عينڪ پائي لکندو ۽ وري ڪچهري به ڪندو آهي ته ان وقت هو ڪنهن شفيق بزرگ جو ڏيک ڏيندو آهي، جيڪا شفقت هن جي ڌيمي لهجي جي ڳالهين مان ماکيءَ جيان ٽپڪندي محسوس ٿيندي آهي. هو صحافت ۾ ڪاپي ڪلچر جو به مخالف آهي، ڇو ته هو هميشه وڏي جاکوڙ مان ئي پنهنجو مواد تخليق ڪندو رهندو آهي. مون 1990ع کان اڳ ادب جي دنيا ۾ باقاعده پير پاتو هو ۽ تڏهن کان وٺي ڪنهن نه ڪنهن طرح منهنجي نوابشاهه جي صحافي دوستن سان ميل جول رهندي پئي آئي آهي، پر مون انهن ڏهاڪو کن سالن جي عرصي ۾ چند ئي اهڙا صحافي دوست ڏٺا آهن، جيڪي پنهنجي صحافتي فيلڊ يا ڪردار سان سچا ۽ کرا هئا، جيڪي سَستي شهرت جي ڪري اجائي وڏائي يا ڦونڊ ۾ ڪونه آيا ۽ نه ئي پنهنجن واسطن کي وٿيرڪو ڪيو، جن سان جڏهن به ۽ جتي به ڪنهن ڪم ڪار لاءِ يا ائين ئي مليس ته اهي مانُ ۽ محبت ڏيڻ سان گڏ هر حال ۾ گڏ رهيا، جڏهن ته اڪثر اهڙن صحافين سان به ميل جول پئي ٿيو آهي، جيڪي چئن آڱرين جو اڌ ۽ اڌورو هٿ ڏئي اهو بانور ڪرائيندا آهن ته اسان وڏين اخبارن جا نالي وارا صحافي آهيون، اهڙي تهڙي کي کنگهون به ڪونه. عام ماڻهن جا مسئلا کڻي پنهنجي روز مره جي صحافتي ۽ اخباري ڪارڪردگي ته بڻائينداسين، پر انهن ماڻهن سان ملڻ به گوارا نه ڪنداسين.
    سائين علي محمد شاهه لڪياري 3 اپريل 1954ع جي بهار واري رنگين رُت ۾ ڳوٺ سيد جادل شاهه تعلقو مورو ضلعو نوابشاهه ۾ هڪ درويش صفت انسان ۽ بزرگ گهراڻي جي سيد عمر شاهه لڪياري جي گهر ۾ جنم ورتو. سائين پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ انگريزي تعليم موري شهر جي هائي اسڪول ۾ پرائي، جيڪو ڳوٺ جادل شاهه کان ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ڇهن ميلن جي مفاصلي تي هو. 1971ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ 1973ع ۾ مهراڻ ڪاليج مورو ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ داخلا ورتائين. اهڙي ريت مهراڻ ڪاليج مورو مان بي اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شعبه آءِ آر يعني بين الاقوامي تعلقات ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر شيخ مبارڪ علي (شيخ اياز) هو. سائين علي محمد شاهه لڪياري 1973ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ سيد جادل شاهه کي الوداع ڪري موري شهر ۾ اچي رهائش پذير ٿيا هئا، جڏهن 73 واري ٻوڏ سندن ڳوٺ سان گڏ ڪيترن ئي ڪچي جي ڳوٺن کي پنهنجي زد ۾ آڻي ڇڏيو هو. 3 سال موري ۾ رهڻ کان پوءِ سيد علي محمد شاهه جو والد 1976ع ڌاري ڳوٺ نبن شاهه ديهه اوڀاري ساوڙي چڪ نمبر 2 تعلقو نوابشاهه ۾ اچي پنهنجا اجها اڏيا، جتي سندن اڳ ئي زمين موجود هئي. علي محمد شاهه تي پيءُ پاران رکيل نانءُ سندس ڏاڏي مرحوم جو هو. اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اچڻ کان پوءِ نظرياتي ۽ فڪري اعتبار کان سائين، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن سان گڏ گڏ هلڻ لڳو. هن قومي شعور رکندڙ ڌرتيءَ جي جوڌي جوان کي سياسي ايڪٽوٽي جي ڪري 3 سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو، پر پوءِ به هن ڌرتيءَ جي دولهه ۽ سيد جي سوڍي ڪڏهن به مايوس ٿي همت نه هاري ۽ هي سيد جي فڪر ۽ نظريي سان پوءِ به اڳي کان اڳرو سلهاڙيل رهيو. تان جو 20 فيبروري 1980ع تي سائين علي محمد شاهه لڪياري کي هاسٽل جي ئي روم تان گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس ساٿين سان گڏ ڪوٽڙي لاڪ اپ ۾ رکيو ويو، جنهن کان پوءِ حيدرآباد سٽي لاڪ اپ کان پوءِ سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو، جتي هن سيد جي راهه جي پانڌيئڙي پنهنجي ڦوهه جواني جا 3 سال جيل ۾ وڏي همت، بهادري ۽ اڏولتا سان گذاريا. ايڏين تڪليفن ۽ پريشانين هوندي به سائين سياست سان گڏ تعليم جو دامن نه ڇڏيو ۽ هن نيٺ 1984ع ۾ ايم اي (آئي آر) مڪمل ڪري ورتي. جيل ۾ رهڻ دوران سائينءَ سان جيڪي به حالتون پيش آيون، انهن سڀني کي جيل ڊائري جي روپ ۾ امر ڪري ڇڏيو. هن ان سموري احوال کي سهيڙي پنهنجي انداز سان ”ڪايا مَنجِهه ڪَڙَنِ“ جي عنوان سان مڪمل ڪيو، جنهن جي عنوان مان ئي وطن پرستي جي عشق جي خوشبوءِ اچي ٿي.
    علي محمد شاهه لڪياري اڄ جڏهن روزاني شام اخبار ۽ ڪي ٽي اين نوابشاهه جو عيوضي آهي، پر پوءِ به هن جي سيني ۾ سنڌ ۽ سيد سان عشق واري دل ان ئي رفتار سان ڌڙڪندي رهي ٿي. سائين جو صحافتي ڪردار پڻ ڏاڍو جاکوڙي، بيحد ڪٺن ۽ ساراهه جوڳو رهيو آهي، تڏهن ته هن جو صحافتي انداز سنڌي صحافت ۾ منفرد ۽ ڀرپور آهي. هن جي انفراديت جو هڪڙو ڀرپور ثبوت اسٽوريز آهن، جيڪي هن شام اخبار لاءِ لکيون آهن. ڏکين موضوعن جي ايتري انفراديت ۽ وري انهن تي ايتري گهرائي سان لکڻ واقعي به سائين جهڙي ذهين ماڻهوءَ جو ئي ڪارنامو ٿي سگهي ٿو. تترن، ڪڪڙن، ڏاندن، گهوڙن، پَٽڪن، رِلين، واڳوئن، پيروئن، ڪڻڪ جي لاباري، ڦٽين جي چونڊي وغيره تي جامع قسم جون تفصيلي اسٽوريز سنڌي اخبار جي دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب چئي سگهجن ٿيون، جنهن جو ڪريڊٽ سائين علي محمد شاهه لڪياريءَ ڏانهن ئي وڃي ٿو. ان کان علاوه 2000ع واري آيل وڏي زلزلي جي پيرائتي رپورٽ ۽ تاريخي، سياسي، سماجي، ادبي انٽرويوز، تقريرون ۽ مضمون پڻ سائين جي محنتن جون ڀرپور ڪاوشون آهن.


    (اپريل 2003ع)


    علي محمد شاھ لڪياريءَ جا سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ موجود ڪتاب:

    1. ڪايا مَنجَهه ڪَڙَن (جيل ڊائري)
    2. چِٺيون چَندَن واسُ (جيل ۾ آيل خط)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو