رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
پروفائيل
هڪ شخصيت هڪ اڳواڻ
هتي اڄ ان شخصيت جو ذڪر بيان ڪجي ٿو جيڪا شخصيت تعريف کان مٿاهين ارادن ۾ نيڪ سلڇڻي صلاحيت ،همدرد هڏڏوکي پنهنجن ڪمن ۾ ڪارائتولاڀ ڏيندڙ عوامي اهڃاڻن سان سرشار انسان آهي.....
هي ٽي رخي شخصيت جنهن ۾ سماجي سوچ جا انبار آهن جنهن سا ن اجتماعي علائقي واسين کي فائدي ڏيڻ جون سڀ صلاحيتون آهن هڪ آدرشي انسان قلندري طبيت جو مالڪ مهندار ماڻهوجي ڪهڙي ڳاله ڪجي ..........
هي سماجي ڀلائي جي سوچ رکندڙ سرويچ به آهي ته
سياسي بصيرت سا ڀرپور اهڃاڻن وارو انسان به آهي
ته سنڌ جي قديمي روايتن جي رواج ۾ پوئيندڙ هڪ چيف سردار به آهي .....هي انهن ٽنهي ڪردارن سان پورو پورو نڀاه ڪندو پيو اچي.......
هن ٿوري عرصي ۾ عوامي خدمتن جا جيڪي اهڃاڻ ڇڏيا آهن اهي پوري سنڌ لاءِ هڪ مثال آهن....پنهنجي ڏاهپ سا وقت جي ڌارا ۾ پنهنجي عوام لاءِ گهڻي کان گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيو آهي....
هوئن ته آن ڳڻيا ڪم آهن جيڪي هن هٿان ٿيندا ٿا رهن پر ڪجه علائقي واسين لاءِ وڏا سک ڏيندڙ اجتماعي جيڪي ڪم ڪيا تن جو ذڪر هت ڪجي ٿو ...
گيس جي سپلاءِ علائقي جي مڪينن کي جنهن ۾ هن قلندري صفت انسان مخالف جي ڳوٺ کي به هي صحولت مهيا ڪري ڏني آهي هي ڳاله نه پر حقيقت آهي....جنهن ۾ ستار ڀيو ڳوٺ دڙي مير سندر خان جيڪو هن جو پنهنجوبه ڳوٺ آهي غوثپور شهر ۽ راجا بجا راڻي جو مير واحد بخش ڳوٺ آهي .....
غوثپور جي شهرين هن گيس جي حاصلات لاءِ ڪروڙن جي پونجي چندو ڪري مخالف کي ڏيندا رهيا پر هڙ حاصل نه ٿي هين.....
غوثپور شهر ۾ رستن جو هڪ ڄار وڇائڻ جنهن سا مواصلاتي سسٽم بهترين ٿي ويو شهرين کي اچ وڃ جي مشڪلات کان بچڻو پيو...
پنهنجي ذاتي زمين ٽيڪسي اسٽيند لاءِ مهيا ڪري ڏني آهي....
ڪنڌڪوٽ شهر ۾ ڊرينيج جو هڪ مضبوط سسٽم ڏنو ۽ شهر جا رستا گهٽيون نئين سر جوڙي هڪ صاف سٿرو ماحول دوست ترقياتي ڪم ڪندي هڪ پبلڪ پارڪس جو بنياد وڌو جيڪو شهرين لاءِ ريڪري ايشن جون صحولتون مهيا ڪري ٿو....۽ وڏي ڳاله ته هن پوئين مها ٻوڏ ۾ انڙ ڪينال کي ڪٽ هڻڻ کان روڪي شهرين تي سيلاب جو عذاب هٽائي ڇڏيو.....۽ اهو قيامت صغرا پنهنجن مارن، جهانگن سان گڏ ڏک جي گهڙي ۾ ساٿ ساٿ رهيو ڪنڌڪوٽ ۾ ڪيمپ هڻي ويٺو....
پنهنجي ڳوٺ ۾ سيلاب جي تباهين کان پو به گهر گهاٽ جن کي مڪين واسي الله جي آسري ڇڏي جانيون بچائي نڪتا هئا هي قلندري صفت ماڻهو ۽ مرد مومن ٻيڙين تي چڙهي رکوالي ڪندو رهيو ۽ انهن جي سار سنڀار لهندو رهيو.....
هن جو پنهنجو ڳوٺ جيڪو سڄي سنڌ ۾ هڪ مثالي ڳوٺ آهي هاڻي وري ان رونڪ ڀري راه ڏانهن هلي پيو آهي جيڪو ٻوڏ کا پهرين هو...جنهن ۾ هن پوري ڳوٺ کي هڪ ديوار سا جنهن ۾ گرل لڳل آهي سا ن سيڪيور ڪري ڳوٺ ۾ رهندڙن کي چورن لٽيرن لوفرن جي کشٽ کا پاڪ ڪيو آهي ۽ انهن کي ههڙي بد امني جي دور ۾ به سڪون جي ننڊ ڪرڻ جو بندو بست ڪيو آهي هي عمل پوري سنڌ گهمي اچبي ڪٿي به نظر نه ايندو هي آهي هن مهان ماڻهو جو سماجي لاڀ جيڪو اجتماعي رهندڙن کي فاعدو پيو رسي.......
هن ڳوٺ ۾ پرائمري کان ويندي ڪاليج ليول تائين تعليم جو بندوبست آهي ۽ پوري علائقي ۾ هڪ مثالي تعليم گاه آهي ان سان گڏ لائبرري جو به بندو بست ٿيل آهي جنهن سان هن مرد مومن جو تعليم سان رجهان پيو نظر اچي ....ٻوڏ جي هانڃن کا پو وري هي تعليمي بلڊنگس جو اهڙو ته پڪو ڪم ڪيو ويو آهي جو زلزلو به هنن کي لوڏي نه سگهندو ايڪسپلوين پروف جوڙ جڪ ڪئي وئي آهي
ان سان گڏو گڏ پنهنجي ڳوٺ جي جامع مسجد جنهن کي به ٻوڏ بري طرح متاثر ڪيو هو تنهن جي بنا چندي جي جوڙجڪ ڪئي آهي جو ڏسي دل پئي ٺري....هي مومن مرد شرڪ کا پاڪ اسلامي اهڃاڻن جو به هڪ داعي آهي
سنڌ جي روايتن ۾ سرداري ڪردار ۾ به هي شخص تمام اتم ۽ ڪارائتو رهيو آهي تازو اوڳاهي تيغاڻي تقرار ڪرائي هن کي منجهايو ويو هو پر پنهنجي حسن اخلاق بردباري ڏاهپ سا ان جهيڙي کي ٺاه ۾ تبديل ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيو آهي
هن جو سياست ۾ رهڻ علائقي واسين جو پر زورهڪ اسرار آهي جنهن تحت هي سياست به پيو ڪري ورنه هن کي انهن شين جي ڪابه ضرورت نه آهي
هي ڏاهو......
هي سوره ......
سماجي ڀلائي جي سوچ رکندڙ آدرشي انسان مرد مومن ،قلندري صفتن وارو ۽ بهترين سرداري صفتن جو علمبردار شخص مير عابد خان سندراڻي ڳوٺ دڙي تعلقه ڪنڌڪوٽ صلع ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ آهي .
پاران؛
(سنڌ دائود پوٽه برادري )