شاعري

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
چيائين محبت ۾ رڳو درد ۽ سور آهن
چيم عجيب ڪيفيت من ۾ سرور آهن
چيائين مُڙي وڃ نه ڪر جلد بازي
چيم جيسين ساه آهي من بي نه آزي
چيائين ظالم اٿئي هي زمانو
چيم هلي ٿو اڃا قدرت جو ڪارخانو
چيائين ڇڏي ڏي محبت جي پچر
چيم ٿيندي محبت اسانجي امر
چيائين محبت جي منزل دشوار آهي
چيم جسم روح هلڻ لاءِ تيار آهي
چيائين وڇڙي جي وڃون ته ڇا ٿيندو
چيم اهڙو نه مولا ڪو ڏينهن ڏيندو
چيائين وفا ڪٿي نه رهي آهي
چيم هي دل به ته بي چئي آهي
چيائين شوق هي دل تنهجي ٿي وئي
چيم محبت اسان جي امر ٿي وئي
شاعر عابد بلوچ ديشي
 
پرين ڪوشش ته وڏي ٿا ڪريون پر ڏسو پاڻ ٿا نفسا نفسي جو دور لڳو پيو آ جي شاعري ٿا ڪيون ته ٻچا ٿا بک مرن جي نه ٿا ڪيون ته روح ٿو تڙپي ڪجي ته ڇا ڪجِ؟
 
چيائين شوق هي دل تنهجي ٿي وئي
چيم محبت اسان جي امر ٿي وئي

خوبصورت احساس ۔۔۔۔ محبت اسان جي امر ٿي وئي
 
Back
Top